پارليامينٽ ۽ سپريم ڪورٽ جي اختيارن جو مقدمو

تحرير: علي محمد ميمڻ

سرهائي واري ڳالهه آهي ته، ورهين کانپوءِ   ملڪ ۾ قانون ۽ انصاف جي حق واري سرهاڻ ۽ هر پاسي تحفظ ۽ آزادي جو احساس پکڙجي ويو آهي. ملڪ  جي سڀ کان وڏي عدالت سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو عوام دوست ۽ جمهوريت پسند چهرو ۽ روپ نروار ٿيو آهي جنهن سان ماحول ۾ خوشگوار تازگي ۽ سرهاڻ پکڙيل محسوس ٿي رهي آهي. ملڪ جي اعليٰ عدالتن جي تاريخ ۾اڳوڻي چيف جسٽس جناب جسٽس ڪارنيئل ۽ جسٽس دوراب پٽيل جهڙن انصاف پسند ۽ بردبار  منصفن بعد سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾غيرمعمولي صلاحيتن وارو دلير ۽ آئين جو محافظ عوام دوست منصف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ  چيف جسٽس بڻيو آهي ۽ ملڪ جي عدالتي تاريخ جي تاريخ جا نوان باب لکجي رهيا آهن. ملڪ جي تاريخ عدالتن ۾ ڪيترائي اهڙا جج پڻ آهن جن آمرن سان گڏجي آئين جي برخلاف ۽ عوام جي حقن جي لتاڙ  ناانصافي ڪرڻ ۽ ملڪ کي نقصان پهچائڻ وارا ڪم ڪيا ۽ آئين جي برخلاف مارشل لائن ۽ آمرن جي حق ۾فيصلا ڏنا ۽ انهن جي پٺڀرائي ڪئي ويندي رهي ۽ پنهنجي عمل ۽ ڏنل فيصلن جي ذريعي ملڪ جي آئين ۽ قانون جي لتاڙ ڪرڻ، انساني حقن جي پائمالي ڪرڻ، سياسي آزادين ۽ صحافت ۽ لکڻ پڙهڻ جي بنيادي حق ۾مداخلت ڪرڻ ۽ بندش لڳائڻ وارن ڪارن قانونن جي پٺڀرائي ڪرڻ واري عدالتن طور به سڃاتي وڃي ٿي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ  طرفان سپريم ڪورٽ ۾ پارليامينٽ جي منظور ڪيل قانون”سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ائڪٽ“ تي هن وقت هلندڙ بحث تي پڻ اهڙو اظهار ڪيو ويو.

سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ چيف جسٽس جي لامحدود اختيارن واري هلندڙ تڪرار جو پارليامان جي نئين منظور ڪيل قانون کي لاڳو ڪيو وڃي يا نه . چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ  هن وقت ملڪ جي آئين جي محافظ ۽ چيف جسٽس سپريم ڪورٽ جي لامحدود اختيارن ۽ عدالت عظميٰ جي آئيني معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ وارا معاملن تي کليل نموني بحث ڪرائي رهيو آهي ۽ اهو ڪيس ۽ ٻيا اهم ڪيس پڻ ميڊيا ۽ ٽي وي چينلن جي سنئون سڌو ڪوريج، رڪارڊنگ ۽ رپورٽنگ جي صورت ۾ اها سموري ڪارروائي سموري دنيا ۾ نشر ٿي رهي آهي. ٻئي پاسي، عدالتن جو آئين ۾مداخلت ڪرڻ  يا نه ڪرڻ ۽ پارليامينٽ جي قانونسازي واري حق کي قبول ڪرڻ واري معاملن جي آئين ۽ انصاف ۽ انساني بنيادي حقن جي حوالي سان آئيني ذميوارين بابت پڻ بحث ڪيا پيا وڃن. پارليامينٽ جي اختيارن ۽ قانون سازي جي معاملن تي چيف جسٽس يا سپريم ڪورٽ جي اعتراضن يا پابنديون لاڳو ڪرڻ وارن معاملن ۽ تڪرارن بابت واضح فيصلا ڪرڻ وارا جذبا پڻ نظر اچي رهيا آهن. سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ پارليمان جي قانون سميت ڪيترائي اهڙا بنيادي نوعيت جا آئيني معاملا آهن جنهن کي اٿاريو ويو آهي ۽ ملڪ جي سينيئر وڪيلن ۽ سپريم ڪورٽ بار ، پاڪستان بار ڪائونسل جي نمائندن کي بحث ڪرڻ ۽ عدالت جي مدد ڪرڻ جي هدايت ۽ دعوت ڏني وئي آهي ۽ انهن معاملن تي کلئي عام بحث ڪيا پيا وڃن جنهن جي عدالت جي ڪمري مان سڌوسنئون ملڪ ۽ عالمي ميڊيا تي ڏيکاريو ۽ نشر ڪيو پيو وڃي ۽ دنيا جي پرنٽ ميڊيا ۾ پڻ عدالتي ڪارروائين جو رڪارڊ شائع ٿي رهيو آهي جنهن سان سمورو ملڪ به حيران آهي ته اسان جي پارليامينٽ ۽ عدليه ۾ جيڪي ڪجهه بحث ٿي رهيا آهن ۽ دنيا تائين بنا ڪنهن رڪاوٽ ۽ سنسرشپ جي پهچي رهيا آهن. جنهن سان ملڪ جي عدالتي تاريخ جا نوان بابت لکجي رهيا آهن.

يقينن، اڌ صديءَ  کان پابندين، بندشن، مارشل لائن ۽ آمريتن جي شڪار اسان جي ملڪ ۾ جهڙي ريت، عدالتي نئين بدليل موسم مان بهار جهڙي وڻندڙ هوا ۽ هٻڪار  جهڙي ريت محسوس ٿي رهي، ان جو هن کان اڳ تصور ئي ڪري نه سگهبو هو. اهڙي قسم جي آزادي، عوام جي  عزت افزائي وارا اهي واقعا اسان لاءِ  بلڪل خواب جي دنيا ۾موجود هئڻ وارو ڏيک ڏيئي رهيا آهن. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ  جو فل ڪورٽ جي سربراهي ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران ملڪ جي قانوندانن ۽ انهن جي سربراهن جي موجودگي کين مخاطب ٿيندي هي ريمارڪس ڏنا ويا ته،” جڏهن مارشل لا لڳندو آهي ته سڀ هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيندا آهن، پارليامينٽ ڪجهه ڪري ته سڀني کي حلف ياد اچي ويندو آهي “. اهڙي يادگار چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ٰ جي سربراهي فل ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ بابت درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي وئي، جنهن جي شروعات تي چيف جسٽس چيو ته اسان جي ڪوشش هوندي ته اڄ ڪيس ختم ڪريون، هڪ ڪيس کي کڻي ويهي  نه ٿا سگهون، سپريم ڪورٽ ۾ اڳ ئي گهڻا ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهن.چيف جسٽس چيو ته اڄ ان قانون جو اثر خاص طور چيف جسٽس ۽ ٻن سينيئر ججن تي ٿيندو، اختيارن کي گهٽ ڪيو يا ورهايو نه پيو وڃي، اهو قانون ايندڙ چيف جسٽس تي به لاڳو هوندو، ڪجهه جج سمجهن ٿا ته چيف جسٽس جو اختيار ۽ پارليامينٽ جو اختيار آمهون سامهون آهن، ڪجهه ائين نٿا سمجهن.هن چيو ڪجهه ماڻهن جو به اهو خيال آهي ته ان قانون سان سپريم ڪورٽ ۽ پارليامينٽ آمهون سامهون ٿي ويا، مان لفظ جنگ استعمال نه ڪندس، سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر هاڻ قانون بڻجي چڪو آهي، پارليامينٽ قانون سازي ڪري سگهي ٿي يا نه ان بحث ۾ نه وڃڻ گهرجي. اهو ٻڌايو وڃي ته،  سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر آئين سان ٽڪراءُ ۾ آهي يا نه ۽ ان سان چيف جسٽس جي طاقت وڌائڻ بجاء اهو قانون  آئين موجب ڪهڙي ريت،  انصاف ڪرڻ واري مقصد ۾ مددگار هئڻ ۽ اهو قانون انساني حقن ۽ شهرين جي حقن جي مفاد ۾آهي.

چيف جسٽس، طرفان عدالت جي آئيني معاملن ۾ مداخلت تي پڻ سوال اٿاريا ۽ قانوندانن کي دليل پيش ڪرڻ لاءِ  چيو ته عدالت آئيني ترميم به ڏسي سگهي ٿي ۽ عدالت آئيني ترميم ڪري ته ٺيڪ پر پارليامينٽ ترميم ته ڳالهه ختم ٿي وئي، توهان جو دليل آهي ته آئيني ترميم سان اهو قانون بڻجي وڃي ته ٺيڪ آهي، جڏهن توهان عدالت جي آزادي جي ڳالهه ڪندا آهيو ته ڇا اها آزادي پاڻمرادو ناياب شئي آهي يا ماڻهن لاءِ  آهي؟ عدالت جي آزادي رڳو ان جي پنهنجي لاءِ  آهي ته ان جو هر صورت دفاع ڪرڻو آهي؟ عدالت جي آزادي ماڻهن لاءِ  ناهي؟ ان ڳالهه تي روشني وجهو، جيڪڏهن سڀاڻي پارليامينٽ قانون ٺاهي ٿي ته بيواهن جي ڪيسن کي ترجيح ڏيو، ڇا ان قانون سازي سان عدليا جي آزادي متاثر ٿيندي؟ چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته جڏهن مارشل لا لڳندو آهي ته سڀ هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيندا آهن، پارليامينٽ ڪجهه ڪري ته سڀني کي حلف ياد اچي ويندو آهي، پارليامينٽ چيو سپريم ڪورٽ جو اختيار وڌايو ويو، پارليامينٽ چئي ٿي هنن ٺيڪ قانون سازي ڪئي.هن چيو ته مفروضن جي نه حقيقت جي ٻولي ڄاڻان ٿو، مولوي تميزالدين کان شروع ڪيو يا نصرت ڀٽو کان، انهن چيو آئين سان هٿ چراند ڪرڻ چاهيو ته ڪيو، پاڪستان سان هٿ چراند ٿيڻ نه ڏينداسين، پارليامينٽ جو قدر ڪرڻ گهرجي.چيف جسٽس چيو ته فرد واحد هن ملڪ جي تباهي ڪئي آهي، فرد واحد ۾ ڀلي مارشل لا هجي يا ڪو به، اسان کي پاڻ ۾ فيصلو ڪرڻو آهي، ججن سان توهان کي ڪهڙو مسئلو آهي، هڪ چيف جسٽس فيصلو ڪيو، اهو ٺيڪ آهي وڌيڪ ڪن ته غلط آهي، اهو قانون هڪ شخص لاءِ  ڪيئن آهي، اهو به سمجهه ۾ نه آيو، سڀ بس پارليامينٽ تي حملو ڪري رهيا آهن، اهو ڏسو ته قانون عوام لاءِ  بهتر آهي يا نه.

ٻئي پاسي، ملڪ کي وڏين تباهين جو شڪار ڪندڙ پي ٽي آءِ جي  اڳوڻي سرڪار جي  اڳوڻي وزير اعظم عمران خان جي هڪ اهم رازدار ۽ ڪابينا جي اڳوڻي ميمبر عثمان ڊار طرفان هڪ نجي ٽي وي چئنل کي ڏنل پنهنجي تازي انٽرويو ۾9 مئي 2023ع تي ملڪ جي فوجي مرڪزن ۽ حساس جاين تي حملن  مک  ذميوار چيئرمين پي ٽي آء عمران خان کي قرار ڏنو ويو آهي هن جو اهو به چوڻ هو ته، 9 مئي وارن حملن جو منصوبو چيئرمين پي ٽي آء جي سربراهي ۾ زمان پارڪ لاهور  واري رهائشگاهه تي سڏايل اجلاس ۾تيار ڪيو ويو، جنهن ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي گرفتاري جي صورت ۾حساس جاين کي نشانو بنايو ويندو اها هدايت پي ٽي آءِ چيئرمين پاڻ ڏني.سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ چيئرمين پاڻ کي گرفتاري کان بچائڻ لاءِ  ڪارڪنن جي ذهن سازي ڪئي، ڪارڪنن کي انساني ڍال طور استعمال ڪيو ويو، تحريڪ انصاف جو لانگ مارچ جنرل عاصم منير جي آرمي چيف طور مقرري روڪرائڻ لاءِ  ڪيو ويو هو. اهڙي ريت، انگريزي محاوري موجب”گهوڙي نيٺ سچ ڳالهايو“ .

 

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.