ڪنڌڪوٽ ۾2018ع ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ جي ايس ٽي استادن ميرٽ جي لتاڙ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي.
اميدوارن عزيزالرحمان.رضامحمد.اڪرم باجڪاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري سخت نعري بازي ڪئي.
ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته ضلعي ڪشمور-ڪنڌڪوٽ جي تعليم کاتي ۾ ٿيل جعلي پروموشنز خلاف احتجاج ڪري رهيا آهيون بغير ڊي پي سي جي پروموشن ڪيا ويا آھن جيڪو اھل استادن جي حقن تي ڌاڙو آھي.
هنن مطالبو ڪيو ته بنا دير معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي پرموشن رد ڪيا وڃن ۽ ميرٽ جي لتاڙ ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيووڃي.