ميهڙ: آبادگار اتحاد جي سڏ تي هٿرادو لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج

ميهڙ ۾ آبادگار اتحاد جي سڏ تي ڳوٺاڻن بجلي جي هٿرادو لوڊ شيڊنگ ۽ ٽيوب ويل فيڊر جو بندش خلاف انوکو احتجاج ڪيو آهي.

مختلف ڳوٺن جي رھواسين پاران امجد تنيو ، سڪندر سوڍر ، حبيب ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾دل شرنايون وڄائي انوکو  احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو.

ان  موقعي تي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته سيپڪو عملدارن ٻوڙا ٿي ويا آھن، ماڻھن جون دانھون ٻڌي نه ٿا سگھن نه ئي وري ماڻھن جون تڪليفون ڏسي سگھن ٿا. شھر ۾ 12 ڪلاڪ ۽ بھراڙين ۾ 16 ڪلاڪ لوڊ شيڊنگ ڪئي پئي وڃي . ٽيوب ويل فيڊر مڪمل بند آھي . جنھن سبب واٽر سپلاءِ اسڪيم به نه پئي ھلي.

احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ميھڙ ۾ بجلي جي لوڊ شيڊنگ ختم ڪري ٽيوب ويل فيڊر بحال ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.