ڪراچي: مهانگائي ۽ فيڪٽري ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن جي حقن لاءِ ريلي ڪڍي مارچ ڪيو ويو

ڪراچي ۾ عوامي شهري محاذ جي سڏ تي فيڪٽرين مان ٺيڪيداري نظام جي خاتمي، پورهيتن جي پگهارن ۾ واڌ، فيڪٽري ملازمن سان غير انساني سلوڪ ۽ مهانگائي خلاف ريلي ڪڍي مارچ ڪيو ويو.

شهري عوامي محاذ، نيشنل ٽريڊ يونين فيڊريشن پاڪستان، هوم بيسڊ وومن ورڪر فيڊريشن ۽ سول سوسائٽي جي ماڻهن سائيٽ ايريا جي  حبيب چورنگي کان احتجاجي ريلي ڪڍي صنعتي علائقي جو گشت ڪيو ويو.

ريلي م فيڪٽرين ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي ناصر منصور، رياض عباسي، گل رحمان، زهرا خان ۽ ٻين  اڳواڻن جو چوڻ هو ته حڪمران طبقي پنهنجي عوام دشمن سياسي ۽ معاشي پاليسين سبب ملڪ کي خطرناڪ بحران ۾ وجهي ڇڏيو آهي. کاڌو پيتي جون شيون، دوائون، بجلي ۽ گيس عام شهرين جي پهچ کان ٻاهر ٿي ويا آهن. ورلڊ بئنڪ پاران 50 هزار آمدني وارن کان ٽيڪس جو مطالبو معاشي دهشتگردي جي برابر آهي.

مزدور اڳواڻن جو چوڻ هو ته فيڪٽرين مان مزدورن کي زبردستي برطرف ڪيو پيو وڃي، 95 سيڪڙو مزدورن کي سرڪار پاران اعلانيل اجرت نه پئي ڏني وڃي 90 سيڪڙو فيڪٽرين ۾ غير قانوني طور تي ٺيڪيداري سسٽم لاڳو ڪيو ويو آهي.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته مهانگائي ختم ڪري  کاڌ خوراڪ، بجلي، گيس تي رياستي سبسڊي بحال ڪئي وڃي. مزدور جي گھٽ ۾ گھٽ پگهار پنجاهه هزار هجڻ گهرجي، سوشل سيڪيورٽي، پينشن جي رجسٽريشن کي يقيني بڻايو وڃي. فيڪٽرين مان ڪانٽريڪٽ سسٽم ختم ڪيو وڃي. مزدور يونين ٺاهڻ جي حق کي تسليم ڪري ٻيا بنيادي مسئلا حل ڪيا وڃن

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.