چونڊون وقت تي ئي ٿيڻ گهرجن

 

آئين موجب تھ نگرانن جو اھو ئي ڪم ھوندو آھي تھ اھي ملڪ ۾ چونڊون منعقد ڪرائي ۽ اقتدار چونڊيل حڪومت حوالي ڪري ھليا وڃن، پر جيڪو ڪجھھ بظاھر نظر اچي رھيو آھي. تنهن مان ائين لڳي ٿو تھ نگران سيٽ اپ ڪن ڊگھي مدي وارن ڪمن ۾ ھٿ وڌو آھي،جن جي تڪميل جي لاءِ گھڻو وقت لڳي ويندو. مختلف مبصرن، نگرانن جي اچن کان اڳ پڻ اھو چئي رھيا ھئا تھ نگران اھڙن ٽڪنوڪريٽس جو سيٽ اپ ھوندو جيڪو پھرين معيشت کي اوليت ڏيندو ان بعد چونڊون ٿينديون.

ھن وقت بھ ٿوري گھڻي ڦير گھير سان ساڳي ڳالھھ ورجائي پئي وڃي.اھو درست آھي تھ حڪومت اھو تھ چئي ٿي تھ آئين تي عمل ڪيو ويندو ۽ عدالت جي حڪم ملڻ  سڀني کي ان جي پابندي ڪرڻي پوندي. ان ھوندي بھ سماج  ۾ مان بي يقيني واري ڪيفيت نٿي ختم ٿئي.اھو جيڪو ڪم ھن وقت حڪومت ڪري رھي آھي اھو ساڳيو ڪم ايندڙ حڪومت بھ ڪري سگھي ٿي.پاڪ فوج کي ان ايندڙ حڪومت جي اھڙي ريت مدد ڪرڻ گھرجي. پوءِ اھو جواز ڇو تھ اول ملڪ جي معيشت کي درست ڪبو ان بعد ڪو ٻيو ڪم ڪبو ؟

ملڪ ھن وقت ڪيئي بحرانن کي منھن ڏئي رھيو آھي. جنھن ۾ سياسي،معاشي ۽ آئيني بحران اھم آھن.صدر ۽ چيف جسٽس جو مدو پورو ٿي رھيو آھي. انھن بعد صورتحال بھ مونجھاري ۾ ورتل آھي،انڪري چونڊن کي ڪنھن بھ طرح اڳتي وڌائڻ واري عمل سان ملڪ ۾ وڌيڪ ڳڻتي واري صورتحال پيدا ٿي سگھي ٿي.ملڪ جي رسمي ۽ غير رسمي ميڊيا ۾ اھا ڳالھھ ھلي رھي آھي تھ  اسٽيبلشمنيٽ فيصلو ڪري ورتو آهي ته اول ملڪي معيشت کي بهتر ڪيو وڃي، ان بعد چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪيو ويندو. جنھن جو  مطلب ته ايندڙ  6 مهينن تائين چونڊن جو ڪوبه امڪان نه آهي.

اھو درست آھي تھ نگران حڪومت جي اسمگلنگ ۽ بجلي توڙي گئس چورين ۽ ڊالر جي غيرقانوني ڪاروبار ڪرڻ جي سلسلي ۾ کنيل قدمن سان ھڪ بھتر جو اشارو ملي رھيو آھي پر اھو سڀ ڪجھھ تھ انھن کي ڪرڻ ئي گھرجي ھا. ان مان اھو مطلب نھ ورتو وڃي تھ اھي ھاڻي ڀلي پنھنجي مرضي سان چونڊون ڪرائين.اھڙو ڪو بھ عمل ملڪ جي آئين جي سڌي لتاڙ ھوندي.جنھن بعد سموري معاشري کي وري ھڪ ڊگھو سفر ڪرڻو پوندو جھن جي منفي اثرن کان ڪو بھ نھ بچي سگھندو.

ھن سموري معاملي جو انتھائي دلچسپ پاسو ھي آھي تھ ملڪ جون سموريون سياسي جماعتون جھڙو ڪر عوام کان مڪمل لاتعلقي جو اظھار ڪري چڪيون آھن. اقتدار حاصل ڪرڻ بعد اتحادي جماعتن جو آئيني مدو پورو ڪرڻ وارو خواب تي پورو ٿي ويو پر انھن جي لڪي وڃڻ بعد ماڻھون وڌيڪ مسئلن ۾ ڦاسندا پيا وڃن.ھميشھ جيان ھن وقت وري اقتدار حاصل ڪندڙ اتحادي جماعتون ھڪ ٻئي تي الزام مڙھڻ جو سلسلو شروع ڪري ڏنو آھي،جنھن مان بھ لڳي ٿو معاملا سڌا نھ آھن.اھڙي ڪنھن بھ عمل سان پڻ اڳتي ھلي ڪري انھن کي ئي نقصان ٿيندو.جنھن جو بھ کين جلد ئي اندازو ٿي  ويندو.

اميد ڪجي ٿي تھ نگران حڪومت ملڪ جي جنھن آئين موجب قسم کنيو آھي ان آئين ۾ چونڊن بابت واضح لکيل مدي موجب اھو ڪم اڪلائنيديون جنھن سان ئي ملڪ ۾ سمورن گھُوٽالن کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي.اسان جو خيال آھي تھ ملڪ جي آئين کان ان بابت رھنمائي ورتي وڃي تھ ان جو چٽو حل ملي ويندو.

 

  • حڪومت جا ڪي مثبت فيصلا

 

وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آھي تھ جيستائين  ٽيڪس اوڳاڙين ۾ اضافو نٿو ٿئي،  معيشت جي بهتري ممڪن نه آهي، اسمگلنگ کي روڪڻ جي  لاءِ سڄي ملڪ خاص طور سرحدي علائقن ۾ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي، ڪاروباري برادري جي مسئلن جو حل حڪومت جي اوليت آهي، ڪاروباري برادري موجوده  معاشي حالتن جي باوجود ملڪي معيشت جي ترقي ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏوگڏ روزگار جا موقعا فراهم ڪري رهي آهي.ھو  اسلام آباد ايوان واپار ۽ صنعت جي وفد ۽ ٻين ڌرين سان ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالھائي رھيو ھو.

اھي تھ بھتر ڳالھيون آھن. انھن تي عمل ڪرڻ گھرجي.يقينن ٽيڪس اوڳاڙيون وڌڻ گھرجن. سوال اھو ناھي سوال ھي آھي تھ اھي ڪئين وڌيندويون.ريئل اسٽيٽ ۽ پراپرٽي جي شعبي ۽ زراعت جي شعبي کي ڪھڙي بنيادن تي چوٽ ڏنل آھي، نھ رڳو ايترو پر اھا تھ حقيقت آھي تھ اصل ۾ جيڪو ٽيڪس لاڳو آھي اھو ئي پوري ريت اوڳاڙي نٿي ٿئي. ان بابت بھتر حڪمت عملي جي گھرج آھي.

زخيرو يا وري غيرقانوني طور تي اسمگلنگ ھڪ عرصي کان جاري آھي. جنھن سان ملڪ کي  ڳاٽي ٽوڙ نقصان ٿي رھيو آھي.خاص ڪري ھن وقت تھ ايراني تيل جي اسمگلنگ پڻ ھڪ وڏو ڪاروبار بڻي ويو آھي. کنڊ جي کوٽ ھوندي پر ان کي بھ وڏن وپارين ذخيرو ڪري رکيو آھي.جيڪڏھن ان ۾ ڪاميابي ٿئي ٿي تھ ڪافي حد تائين ان جو مثبت اثر ٿيندو.ملڪ ۾ بجلي يا گئس جي چوري واري عمل ۾ بھ وڏيون ۽ طاقتور ڌريون ملوث آھن، انھن خلاف بنا ڪنھن رعايت جي ڪارروائي ٿيڻ گھرجي. ان سان بھ ڪنھن حد تائين معاملا سڌا ٿي ويندا.

حڪومت جيڪا تڪڙ انھن قدمن کڻڻ ۾ ڏيکاري آھي انھن تي ھڪ تسلسل سان عمل ٿئي ٿو تھ ان سان ملڪ جي معيشت تي مثبت اثر پوڻ جو امڪان آھي.اميد ڪريون ٿا تھ حڪومت ان ڏس ۾ ڪنھن کي ڪا ڇوٽ نھ ڏيندي.ڇاڪاڻ جو ان عمل ۾ ڪنھن غريب غربي جو نھ ھٿ آھي ۽ نھ ئي ان جو ڪم آھي.ان ڪري اھو ڪم جيترو ممڪن ھجي جلد ٿيڻ گھرجي.

ان ھوندي جيڪا اصل ڳالھھ آھي سا ھي تھ عوام جي مٿان مھانگائي وارو بار ڪنھن ريت ھلڪو ڪجي. ان بابت ھن وقت تائين حڪومت جو بھ اھڙو پروگرام يا حڪمت عملي نھ جوڙي آھي، جنھن ڪري عام ماڻھون تھ ساڳي ريت ھن صورتحال کي منھن ڏئي رھيو آھي.بجلي، گئس جي چوري روڪڻ سان ۽ اسمگلنگ روڪڻ سان انھن شين جي کوٽ پوري ٿيندي پر انھن ۾ عام ماڻھو کي رليف نھ ملندو سو ، ھڪ غريب ۽ عام شھري جو مسئلو وري بھ رھجي ٿو وڃي.

اميد ڪجي ٿي تھ حڪومت عوام جي لاءِ ڪنھن قبولڻ جوڳي رليف جو اعلان ڪندي ۽ ان تي عمل پڻ ڪندي جيئن ان جو فائدو عملي طور تي عام ماڻھون کي ملي سگھي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.