ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر (نمائندن وٽان) جي يو آءِ پاران ڌاڙيل راڄ، وڌندڙ بدامنيءَ، صحافي جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري، فضيلا سرڪي، پريا ڪماري، عبدالجبار چاچڙ جي آزادي لاءِ مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، جيڪب آباد جمعيت علماءِ اسلام پاران سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ، وڌندڙ بدامني، سينيئر صحافي جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري، فضيلا سرڪي، پريا ڪماري، عبدالجبار چاچڙ ۽ ٻين مغوين جي بازيابي لاءِ ھڪ زبردست احتجاجي مظاهرو جي يو آءِ جي ضلعي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري، مولانا سليم الله بروهي، مولوي عبدالجبار رند، چاڪر خان جکراڻي، اسدالله حيدري، محمد حنيف ٻرڙو، تاج محمود امروٽي، مولانا تاج محمد چنه، مولانا عبدالقدير حنفي، بابو بلوچ، عرفان علي لھر، مولوي عبدالحق جکراڻي، خالد محمود ڪٽبار، راحيل احمد منگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ڌرڻو پڻ هنيو ويو، ٽنڊو الهيار ۾ به دوست محمد فاروقي، مولانا شڪور ٿيٻو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ڏوڪري ۾ سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني ۽ اغوا ٿيلن جي آزادي لاءِ جعميت علماءِ اسلام جي اڳواڻن حافظ محمد عثمان جهتيال، مفتي نصير احمد ڀٽو، علي اڪبر ميمڻ، مولانا سيف ﷲ جهتيال، امان ﷲ جهتيال، رسول بخش هليو، مولوي امداد ٻگهيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مدرسه جامع محمديه باءِ پاس کان ڏوڪري پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، سکر ۾ به جي يو آءِ پاران سنڌ ۾ وڌندڙ بدامنيءَ لاقانيت اغوائن جي وارداتن جي خلاف مدرسي منزل گاهه کان سکر پريس ڪلب تائين جي يو آءِ ضلعي جنرل سيڪريٽري مولانا محمد صالح انڍهڙ جي اڳواڻي پيادل احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ جي يو آءِ سکر جي اڳواڻن مفتي سعود افضل ھاليجوي، حافظ عبدالحميد مھر ،قاري لياقت مغل،مولانا سيف الله سمائر، مولانا عبدالڪريم جوڻيجو قاري عبدالغفار سومرو ۽ ٻيا ريلي ۾ شامل هئا، رتيديري ۾ جي يو آءِ طرفان شهر جي عزيزيه مسجد کان ريلي ڪڍي وئي، جي يو آءِ اڳواڻن مولانا عبدالعزيز سومرو ، مولانا حافظ عبدالغفار جويو ، مولانا محمد مراد معرفاڻي ، مولانا ععبدالرحمٰن معرفاڻي، غازي عبد الله جويو ، عابد سومرو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ بدامنيءَ جي باھ ڀڙڪي رھي آھي امن امان جي صورتحال خراب آھي جنهن سبب سنڌ جو عوام غير محفوظ بڻجي چڪو آهي سکر جي صحافي جان محمد مھر جو قتل سنڌ جي شعور جو قتل آھي قاتلن کي گرفتار نه ڪرڻ سکر پوليس جي وڏي ناڪامي آھي ،اسان وفاقي ۽ سنڌ حڪومت کان مطالبو ٿا ڪريون ته ڪچي ۾ فوج، رينجرز ۽ پوليس جو گڏيل آپريشن ڪري ڌاڙيلن جو خاتمو ڪيو وڃي.