ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پريا ڪماري ۽ ٻين مغوين جي آزادي لاءِ احتجاجي مظاهرن جو سلسلو جاري آهي، جسقم، سول سوسائٽي ۽ ٻين ڌرين طرفان وڌندڙ مهانگائي خلاف مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، لکي غلام شاهه جي رستم ٿاڻي جي رستم شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ وڌندڙ بد امني خلاف شهرين پاران رستم شهر ۾ شٽر بند هڙتال ڪري جمع نماز بعد احتجاجي مظاهرو ڪندي امروٽي چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو، احتجاج ڪندڙن مفتي محمد حسين مهر مولوي عطاءُالرحمن عباسي مسعب عباسي عبدالحئي منگي محمد اڪرم مهر ادي مهناز مهر اعجاز احمد مهر فضل الرحمن مهر هدايت الله سومرو ۽ ٻيا اڳواڻي ڪري رهيا هئا، ڪنڌڪوٽ ۾ جسقم جي سڏ تي مغوين جي بازيابي لاءِ ڪنڌڪوٽ انڊس هاءِ وي تي لڳل ڌرڻي تي لاٺي چارج ڪرڻ ۽ وڌندڙ بدامني ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي خلاف والي ڏنو سنڌي، بشير خان،رفيق لاشاري،ڪامران بنگوار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ويو، ڏهرڪي، گمبٽ، حيدرآباد، ڪراچي، ملير، گلشن اقبال ۽ ٻين علائقن ۾ پڻ پريا ڪماري ۽ ٻين مغوين جي آزادي لاءِ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، جڏهن ته ڏهرڪي ۾ سماجي تنظيم سنڌ جي دانھن فورم جي سڏ تي مهانگائي ۽ بدامني خلاف ۽ نينگري پرياڪماري فضيلا سرڪي سميت تمام مغوين جي بازيابي لاءِ ڏھرڪي شھر ۾ مڪمل شٽر ڊائون ھڙتال ڪئي وئي، شهر جا سمورا ڪاروباري مرڪز ملت روڊ مهراڻ مارڪيٽ ڀٽه مارڪيٽ سميت ننڍا وڏا دوڪان بند ڪيا ويا، سنڌ دانهن فورم جي اڳواڻن رفيق حيدر شر ،لال خان سميجو ، اسد لغاري، شڪيل رضا ۽ ٻين پريا ڪماري ۽ ٻين جي آزادي ۽ بدامني جي خاتمي جي گهر ڪئي پئي، ڌرڻن ۽ مظاهرن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته هڪ ته مهانگائي عوام جو جيئڻ حرام ڪيو آهي، ٻئي پاسي بدامني ۽ ڌاڙيل راڄ سبب ماڻهو پريشان آهن، ايس ايس پي امجد شيخ ڌرڻي تي حملو ڪرايو، ٻيا مغوي آزاد ٿي ويا پر نياڻي پريا ڪماري ۽ ٻيا مغوي آزاد ناهن ٿي سگهيا، سمورن مغوين کي آزاد ڪرايو وڃي.