گهوٽڪي، ڪچي ۾ پوليس پڪٽ تي هٿياربندن جو حملو، پوليس اهلڪار شهيد

گهوٽڪي/ خانپور مهر (نمائندن وٽان) گهوٽڪي ۾ ڪچو ٻنڊي ٿاڻي جي حد ۾ پوليس پڪٽ تي ڌاڙيلن جو حملو، هڪ پوليس اهڪار شهيد ٿي ويو، گهوٽڪي جي ڪچو ٻنڊي هڪ پڪٽ نمبر 110 تي موٽر سائيڪل  سوار هيٿاربندن حملو ڪيو حملي دوران هٿيار بندن جي فائرنگ ۾ پوليس اهلڪار علي بخش پتافي موقعي تي شهيد ٿي ويو آهي، جنهن بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي شهيد اهلڪار جي لاش کي کڻائي تعلقي اسپتال روانو ڪيو جتان ضروري قانوني ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويندو، ايس ايس پي گهوٽڪي منير کهڙو  جو چوڻ هو ته ڏوهارين کي بخش نه ڪيو ويندو، پوليس جي جوان جي شهادت تي افسوس ٿيو آهي، ٻئي پاسي گھوٽڪي جي ڪچو ٻنڊي ٿاڻي جي حد ۾ شهيد ٿي ويل خانپورمهر واسي پوليس اھلڪار علي بخش پتافي جو مڙھ پوليس لائين ميرپورماٿيلو ۾ جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد سندس اباڻي ڳوٺ ڀيٽور آندو ويو، جتي جنازي نماز ادا ڪئي وئي جڏهن ته جنازي نماز ۾ پتافي برادري سميت علائقي جي معزز ماڻهن ۽ ڳوٺاڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد شهيد اهلڪار جو مڙھ آلين اکين سان مقامي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.