افغانستان مان پاڪستان تي ٿيندڙ حملا ۽ نئون عالمي منظر نامو

تحرير: نثار لغاري

عالمي سامراجيت جيئن جيئن بند گلي ۾ ڦاسي رهي آھي تيئن ئي اها وحشي ٿي چڪي آھي ان جي  وحشي درنگي سندس حڪمت عملين مان واضح آھي آمريڪا ان جو مهندار آھي هن خطي ۾ سندس وحشي چنبا کوڙجي چڪا آھن  هتي سندس درندگي اڳ به هئي هن وقت نين حڪمت عملين سان جاري آھي آھي  هن خطي جي عوام مٿان انتهاپسندي جي مختلف روپن ۾ وحشت بڇي وئي آھي.

افغانستان ۾ طالبان جي فتح ھن سڄي خطي کي نئين صورتحال ۾ آڻي ڇڏيو آھي  افغانستان کان پوءِ  انتها پسند نه فقط هتي سگهارا ٿي رهيا آھن پر اهي هتي حملا به ڪري رهيا آھن.  هن خطي جي سلامتي لاءِ  خطرو آھن.  آمريڪا جي کين حمايت حاصل آھي انڪري آمريڪا اهڙي قسم جون ترديدون به ڪندو رهندو آھي ته هو انهيءَ ۾ ملوث ناهي. نائين اليون جو بهانو ڪري جيڪا رياستي دهشتگردي آمريڪا شروع ڪئي ان سڄي دنيا کي عدم استحڪام جو شڪار ڪري ڇڏيو  ڏکڻ ايشيا جو هيءُ خطو پڻ شديد عدم استحڪام جو شڪار ٿي رهيو آھي

آمريڪا جي قومي سلامتي ڪائونسل جي ترجمان جان ڪربيءَ چيو آهي ته افغانستان مان نڪرڻ وقت آمريڪا اُتي ڪو به فوجي سامان نه ڇڏيو هيو.اربع جي ڏينهن واشنگٽن ۾ ھڪ پريس بريفنگ دوران هن چيو ته جڏهن آمريڪا افغانستان مان پنهنجي فوج جي واپسي مڪمل ڪئي ته ان مھل تمام ٿورو فوجي سامان پوئتي رھجي ويو ھيو، جنهن کي ناڪاره بڻايو ويو هو.

ڪجهه ڏينهن اڳ پاڪستان جي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ دعويٰ ڪئي ھئي ته افغانستان ۾ آمريڪا جا ڇڏيل هٿيار، پابندي مڙهيل ’تحريڪ طالبان پاڪستان‘ کي ھٿ اچي ويا آھن، جنهن سان هو پاڪستاني فوج کي نشانو بڻائي رهيا آهن.پريس بريفنگ ۾ جڏهن جان ڪربيءَ کان پڇيو ويو ته ڇا افغانستان ۾ ڇڏيل آمريڪي هٿيار دهشتگردن جي هٿ ۾ اچي ويا آهن، ته ھُن چيو ته اُھو جنگي سامان گهڻو وقت اڳ افغان ڊفينس فورسز جي حوالي ڪيو ويو هيو ته جيئن اهي ملڪ جي حفاظت ڪري سگهن. هُن چيو ته جڏهن طالبان ڪابل ۽ ٻين علائقن ڏانهن وڌيا ته افغان فورسز اُھي هٿيار پٺيان ڇڏي ڏنا. آمريڪا اُهي هٿيار اُتي نه ڇڏيا ھيا.جان ڪربيءَ موجب افغانستان ۾ جيڪو فوجي سامان پوئتي ڇڏيو ويو تنھن ۾ ايئرپورٽ جو مشيني سامان، ڪجهھ ٽرڪون ۽ باھ وسائڻ جو سامان شامل ھيو.

آمريڪا ويھن سالن جي جنگ کانپوءِ  آگسٽ 2021 ۾ افغانستان مان پنھنجي فوج جي واپسي مڪمل ڪئي، جنهن کانپوءِ  طالبان اقتدار ۾ ويٺا. آمريڪي فوج نڪرڻ کان اڳ ڪابل ۾ هيلي ڪاپٽر ۽ ٻيو اھم فوجي سامان ناڪاره بڻائي ڇڏيو ھيو.

تازو ئي پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز تي ٿيندڙ حملن ۾ واڌ ڏٺي وئي آهي.اربع تي خيبر پختونخواهه جي افغانستان سان لڳ ضلعي چترال ۾ ٽي ٽي پي مبينا طور سرحد پار کان دخل اندازي ڪري پاڪستاني فوج جي ٻن چونڪين تي حملا ڪيا، جن ۾ چار سيڪيورٽي اهل ڪار مارجي ويا.اختياري وارن جوابي ڪارروائي ۾ 12 دهشتگرد مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

آمريڪا جي قومي سلامتي ڪائونسل جي ترجمان پاڪستان کي درپيش سيڪيورٽي جي خطرن بابت چيو ته پاڪستان ڳچ وقت کان وٺي دهشتگردي کي منهن ڏئي رهيو آهي.هن چيو ته اسين پاڪستان جي عوام ۽ سندن ملڪ جي سرحدن کي درپيش خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ  پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪندا رهندا سين، ڇو ته اهو ڪو معمولي خطرو ناهي.جان ڪربيءَ وڌيڪ چيو ته صدر جو بائيڊن پاڪستان جي سرحدي خطرن کي سمجهي ٿو ۽ ھو پاڪستان سان ڪم جاري رکڻ لاءِ  پرعزم آهي.

هوڏانهن پاڪستان ۾ دهشتگردي جون ڪاروايون تيز ٿي رهيون آھن ،خيبرپختونخوا جي ضلعي چترال ۾ بندش پيل تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) پاران سرحدي پوسٽن تي حملن کان پوءِ  هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان پاڙيسري ملڪ افغانستان تي ان جو الزام مڙهيو آهي.اربع ڏينهن صبح سوير ٽي ٽي پيءَ جي ڪيترن درجن هٿياربندن سرحدي پوسٽن تي حملو ڪيو هو. مڪاني انتظاميا مطابق، دهشت گرد افغانستان جي نورستان صوبي ۽ ڪُنڙ مان آيا هيا. پر ٻه طرفي فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ چار سيڪيورٽي اهل ڪار ۽ 12 دهشت گرد مارجي ويا.

پاڪستاني فوج جي عام ناتن جي شعبي (آءِ ايس پي آر) مطابق، دهشت گردن چترال جي ضلعي ڪالاش ۾ افغانستان جي سرحد جي ويجهو پاڪستان فوج جي ٻن چونڪين تي حملو ڪيو.بيان ۾ دعوا ڪئي وئي آهي ته چونڪين تي حملي کان اڳ افغانستان جي عبوري حڪومت کي نورستان ۽ ڪُنڙ جي علائقن گووديش، پتيگال، برگ متل ۽ پتاش ۾ دهشت گردن جي چُرپُر ۽ موجودگيءَ بابت اطلاع ڏنو ويو هو.

سيد فخر ڪاڪاخيل پنهنجيءَ رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته بندش پيل ٽي ٽي پيءَ اربع تي ان حملي کان پوءِ  چترال جي ڪيترن ئي ڳوٺن تي قبضي جي دعوا ڪئي هئي.

چترال سان تعلق رکڻ واري صحافي ارشاد الله خان وائس آف آمريڪا کي ٻڌايو ته افغانستان جي طرفان هٿياربندن جي ڪاه ۽ ويڙهه جو هيءُ سلسلو صبح پنجين وڳي شروع ٿيو هو.

هن ٻڌايو ته ’’هٿياربند پاڪستان افغان سرحد تي استوئي پاس جي رستي کان داخل ٿيا. سندن نشاني تي بمبورت، استوئي، ارسون ۽ جنجيرت ڪوه جا سرحدي ڳوٺ هيا’’.

لوئر چترال جي ڊپٽي ڪمشنر، محمد علي خان مڪاني ميڊيا کي ٻڌايو آهي ته سيڪيوٽي فورسز جي جوابي ڪاروائيءَ جي ڪري شدت پسندن کي گهڻو نقصان پهتو ۽ هاڻي علائقي ۾ صورت حال پوريءَ ريت ڪنٽرول ۾ آهي.محمد علي خان وڌيڪ ٻڌايو ته ضلعي سان گڏ پاڪ افغان سرحد هن وقت اچ وڃ جي لاءِ  بند ڪئي وئي آهي.

چترال کي ڇو ٽارگيٽ ڪيو ويو؟چترال ۾ سرحد جي ٻئي پاسي کان زوريءَ اندر داخل ٿيڻ جو بنيادي سبب چترال جي جاگرافي آهي. ضلعو چترال گلگت بلتستان جي سرحد تي آهي ۽ افغانستان سان چترال جي سرحد وڏن ٽڪرن جي سلسلي تي ٻڌل آهي.سرحد جي ٻئي پاسي ڪُنڙ صوبو آهي جتي مالاڪنڊ ڊويزن (جنهن ۾ سوات، دير، شانگلا، بونير ۽ مالاڪنڊ جا ضلعا شامل آهن) سان تعلق رکڻ واري ٽي ٽي پي جي اڳواڻن ۽ هٿياربندن پناهه ورتي هئي.انهن ۾ ٽي ٽي پيءَ جو باني ڪمانڊر ملا فضل الله به شامل آهي.

افغانستان جي ٽن صوبن ڪُنڙ، نورستان ۽ بدخشان اهي علائقا آهن جتي ماضيءَ ۾ روسي ۽ بعد ۾ آمريڪي اتحادي فوج جي لاءِ  به اتي ڪنٽرول رکڻ تمام ڏکيو معاملو رهيو. ان جي ڪري انهن علائقن ۾ ان وقت پاڪستاني طالبان جي لاءِ  به محفوظ ٺڪاڻا موجود هيا.پاڪستاني طالبان کان سواءِ انهن علائقن ۾ داعش جي موجودگيءَ جا اطلاع به ملندا رهيا آهن، جن جي خلاف افغان طالبان ڪڏهن ڪڏهن ڪاروائيون ڪندا رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.