چار ڪروڙ بجلي جا مفت يونٽ ورهائيندڙ اسان جون حڪومتون

تحرير: رياض ابڙو 

هن مهل تائين هيءَ رياست انهن غريب ۽ امير ملڪن کان به اڳُ کٽي وئي آهي جيڪي هن رياست کانپوءِ آزاد ٿيا، هن رياست مان ئي ڦٽي نڪتا ان ڪري رياست انهن خاص ماڻهن کي انهن فري بجلي فراهمين کان علاوه فري گيس جا ڪيوبڪ جيڪي عام ماڻهو سردين جي موسم ۾ 3 اسڪواير فٽ ڪيوبڪ به نه ٿو ساڙي پر انهن ماڻهن کي 300 ڪيوبڪ فري گيس فراهم ڪئي ٿي وڃي ۽ پيٽرول ۽ ڊيزل جا 2000 کان 3000 فري ليٽر ڏنا ٿا وڃن. ان کان علاوه مفت جا سرڪاري گهر، سرڪاري گاڏيون، سرڪاري نوڪر چاڪر، حج ۽ عمرا ۽ ٻاهرين ملڪن جا ٽوئر ۽ انهن جي ٻارن کي مفت جون تعليمي سهولتون ۽ جڏهن حڪومتن ۾ هجن ٿا ته مفت جا سرڪاري پروٽوڪول به، ان کان به وڌيڪ جيڪي به وزير ۽ مشير هجن ٿا اهي پنهنجي پنهنجي اولادن کي انهن سيٽن ۽ مسندن تي به پڄائن ٿا، اهي صدر ۽ وزيراعظم ايتري ته صوابديد ٿا رکن جو پنهنجن 400 کان به وڌيڪ مٽن مائٽن کي فري حج ۽ عمرا به ڪرائين ٿا (جيئن هاڻويڪ صدر ڪرايا)، جيڪي 2 لک ”اليٽ ڪلاس“ جا ماڻهو آهن، ان کان به وڌيڪ جيڪي سيڪٽري ۽ چيف سيڪٽري ليول جا سرڪار ملازم هجن ٿا اهي جيتري ڪرپشن ۾ ملوث هجن ٿا جنهن جو اندازو لڳائڻ مشڪل هجي ٿو، ان ڪري ته اهي سرڪاري مسندن تي فائز هجن ٿا جيئن چيف جسٽس ڀلي 15 لک پگهار کڻي پر ان کي تاحيات معني سموري زندگي جيستائين جيئرو هوندو تيستائين سرڪاري گهر، بجلي، گيس، پيٽرول ۽ طبي سهولتون مفت فراهم ڪيو وينديون ۽ سندن جي ٻارن جا تعليمي خرچ کاٻار به، ان ڪري ته انهن سموري زندگي رياست جي خدمت ڪئي آهي ۽ پنهنجي اڻٿڪ محنتن ۽ ڪمال جي جدوجهدن سان هن ملڪ کي هن حال تائين پڄايو اٿن ڀلا جي اهي مراعات هر امير ۽ اعليِٰ  درجي جي ماڻهو کي ڏين ٿا ته پوءِ هڪ عام ماڻهو (ملازم) ڪهڙو ڏوھ ڪيو جيڪو سموري زندگي هن رياست جي تعليمي نظام، پوليسي نظام،، ٻئي ڪنهن سرڪاري ملازمت کي ڏئي پنهنجي رت ستُ ساڙي هن معاشري جي آبياري ٿو ڪري ته پوءِ انهن ڪهڙو ڏوھ ڪيو، اهي به هن رياست جي خدمت ٿا ڪن اهي به هن رياست جي ادارن ۾ زندگي کپائن خرچ ڪندا رهن ٿا، پوءِ انهن به پينشن لهڻي انهن کي به مراعات ڏنيون وڃن انهن کي به زندگيءَ جون آسائشون بخشيون وڃن جي نه ته پوءِ سڀ برابر پوءِ ڪلاسيفڪيشن ڇو؟، جيڪو جيترو چالاڪ ۽ پختو آهي اهو اوترو ڪمائيندو ۽ اهو اوتريون خدمتون حاصل ڪندو ۽ جيڪو جيترو سادو ۽ نٻل آهي اهو اوترو چٿبو رهبو.

لاانفورسمينٽ ايجنسين جا ماڻهو جيڪي کڻي گهٽ گهر جا ناهن هوندا پر جي نظام هڪ ڪَرو هجي ۽ سڀ جا سڀ رڳو رياست جي نوڪري ڪن ۽ ڪنهن کي به مفت جا مراعات نه ملن ۽ ڪير به ان آسري نه هجي ته جيڪي به آءِ ايم ايف جا اربين ڊالر ملندا اهي سڀ انهن تي خرچ ٿيندا، جيڪي به اعليِٰ  نسل جا ماڻهو آهن جيڪي هن خطي، ملڪ ۾ رهن ٿا جن تي خدمت ان ڪري به فرض آهي ته اهي هن عوام جي خدمت ۾ پيش پيش آهن، پر ٿلهي ليکي ڏسجي ته اهي پاڻ ۾ پيا ٿا وڙهن اهي پاڻ ۾ پيا ٿا قانونن جي جنگ وڙهن اهي هڪٻئي جي فيصلن کي ويٺا ٿا چيلينج ڪن ۽ انهن کي پڪ آهي ته اسلام آباد ڪورٽ جي فيصلي کي لاهور ڪورٽ چيلينج ٿي ڪري، لاهور ڪورٽ جا فيصلا جڳاڙي ۽ ڪوڙا هوندا آهن انهن ڪورٽن جي فيصلن ۾ سپريم ڪورٽ کي سياسي بوءِ محسوس ٿيندي آهي، انهن جي فيصلن ۾ ڪڏهن به سچائي ناهي هوندي، اهي فيصلا، اهي ڪورٽون رڳو پنهنجي پنهنجي سياست کي، انهن سياسي ڌڙن کي نوازينديون آهن جيڪي انهن جي پسند جا هوندا آهن، اهي فيصلا شخصي ناهن هوندا،

2018 ۾ نوازشريف جي لاءِ طبي بهانا ڳولهي ان کي رليف ڏنن ته جيستائين نوازشريف لنڊن نه ويندو تيستائين جي نه سگهندو، هاڻي لاهور ڪورٽ توشاخانا جو ڪيس ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ ان فيصلي کي ڪوڙو قرار ڏنو، ڪالعدم چئي پي ٽي آءِ جي چيئرمين کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ته ٻئي ڪورٽ فورن سائيفر جي ڪيس ۾ کيس وري گرفتار ڪري ورتو هاڻي ڪورٽون ته وري به ڪورٽون ٿيون، هڪ وٽ هڪڙو ڪيس صحيح، اهو ڪيس ٻين وٽ غلط آهي، اهي پارٽين جا جهنڊا هڻي ويٺيون آهن اهي سمجهن ٿيون ته اهي جيڪو ڪن پيون عوام ڪجھه نه ٿو سمجهي پر انهن جا مراعات صحيح آهن اهي جيڪي ڪجھ رياست کان وٺين ٿيون اهو غلط ناهي، جي انهن ڪورٽن تي ورڪ لوڊ آهي ۽ لکين ڪيس جيڪي اڪلائي نه ٿا سگهن، ماڻهو هن دنيا مان مري کپي ٿا وڃن تڏهن اهي ڪيس کولي ڏسي فيصلو ٿا ڏين جيئن مشرف جي مُئي کي ڇھه مهينا گذري ويا تڏهن انهن ڪورٽن فيصلو صادر ڪيو ته مشرف جيڪا آرٽيڪل 6 جي ڀڃڪڙي ڪئي هئي سا غلط هئي پوءِ اهڙن فيصلن مان رياست ۽ عام ماڻهوءَ کي ڪهڙو رليف ملي سگهي ٿو پر اها ڳالھه  هاڻي عوام سمجهي ويو آهي ته اهي جيڪي به رياستي دوڪان آهن انهن جي خرچن جو نسبتن بار عوام جي مٿان وڌو ٿو وڃي، جيڪي رولنگ ڪلاس آهن جيڪي طبقا حڪومتي ڪرسين تي ويٺل آهن انهن جا مٿان رياست جيترو خرچ ٿي ڪري اهو غريب عوام جي کيسي مان ڪڍيو ٿو وڃي، غريب عوام جي پگهر جي عيوض اهي سڀ عياشيون ٿا ڪن.

پي ٽي آءِ پنهنجي دور ۾ 3000 لگجري گاڏيون قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي شخصن جي لاءِ گهرايون ان ڪري ته جيئن اهي ادارا راضي ٿي سگهن، تاحيات خوش رهن ۽ ان دور ۾ لاانفورمينٽ اعليِٰ  عملدارن جون پگهارون 300 سيڪڙو تائين وڌايون به ويون، انهن جي پينشن ۾ اضافو ٿيندو رهيو پر اها به حقيقت هئي ته جنهن گريڊ ۾ رياستي جا ٻيا ملازم گاڏيون، بنگلا، مفت جون بجليون، گيس ۽ پيٽرول ۽ ڊيزل، حج، عمرا ادا ڪندا رهن ٿا ان اسپيڊ سان هاڻي لاانفورمينٽ ادارن جي شخصن کي به ملڻ گهرجي ان ڪري جو عوامي نمائندا ته ٽڪي جي ووٽ تي عياشي ڪري ٿا وڃن پر جيڪي شخص سڄو ڏينهن بندوقون کڻي هن عوام جي چڱائي ۽ ڀلائي ڪن ٿا انهن کي ڇا ٿو ملي ان ڪري اسان وٽ سسٽم ۾ ”ريس“ وارو فيڪٽر گهڻو ٿي پيو آهي.

ساڳي تناظر ۾ منسٽر به اهو ٿا سوچن ته رڳو امپورٽ تان پابندي هٽي ان ڪري ته جيڪي به امپورٽس اچن ٿين اهي اچن ئي رڳو امير طبقي جي لاءِ ٿيون جي ڀلا اهي امپورٽس ختم ٿي وڃن، اهي امپورٽس بند ٿي وڃن ته ناڻي تان ان صورت بار لهي پئي جو هڪ ته بجيٽ ڊيفيسٽ کان بچي پئجي، ٻيو ته ڊالر جي خرچ ٿيڻ جا بهانا ختم ٿي وڃڻ ۽ ٽيون ته لوڪل شين تي ماڻهن جو ايمان وڌي پئي ۽ رياست وٽ به پيسن ڪمائڻ جا طريقا آسان ٿي پون.

گذريل حڪومتن جيڪي ٽن سالن ۾جيڪي ڪم نه ڪري سگهيا سي عارضي سرڪار ٽن مهينن ۾ ڇا ڪري سگهندي، رياست ۽ اسٽبلشمينٽ جي اها به چالاڪي آهي ته انهن شهبازسرڪار کان ٻيا ڪم نه ڪرايا (يا نه ڪرائي سگهيا) پر انهن هڪ شيءِ ضرور ڪرائي ته هاڻوڪي نگران سيٽ اپ کي اختيار ڏئي ويا ته اهي آءِ ايم ايف سان ڊسمبر ۾ رٿيل ايگريمينٽ ڪري سگهن ۽ انهن سان پڻ اهو معاهدو به ڪري سگهن ته اهي هر ٽماهي ۾ بجلي ۽ گيس سميت پيٽرول جون قيمتون وڌائيندا رهندا ڇو ته رياست هاڻي ٿڪجي پئي جو ادارا گروي رکي رکي ۽ هنن سڪوڪ بانڊ به وٺي ڏٺا ۽ رياست جو گاڏو گيڙي ڏٺن ۽ هر دور ۾ عوام مٿان ٽيڪسز هڻڻ جا تجربا به ڪندا آيا جيئن نوازشريف جي 1990 واري دور کان وٺي جي ايس ٽي هڻي ڏٺي ته عوام چپ هيو، ٻي دور ۾ ڪنزيومر ٽيڪس به هڻي ڏٺن وري آهستي آهستي هنن اهو به ڪري ڏٺو ته جيڪو به ماڻهو ماهوار ڪمائي انهن جي پگهارن مان انڪم ٽيڪس به ڪٽيو، وري رياست اهو به ڏٺو ته عوام ان ۾ به خوش آهي ۽ انهن کي رڳو هڪ ڳالھه  جو اونو ٿو رهي ته جيڪا به بجيٽ اچي ان ۾ رڳو پگهار وڌي باقي خير آهي پوءِ حڪومت جي مرضي آهي ته جيئن وڻيس تيئن ڪري.

ان ڪري حڪومت به ماڻهن جو پاڻي ڪڇي ڏٺو ۽ آخر وڃي رياست ان ڳالھه  تي بيٺي ته پيٽرول، گيس ۽ بجليءَ جا اگھه وڌائي پنهنجا عياشيءَ جا سامان آسان ڪري سگهن ۽ آهستي آهستي رياست ان ڳالھه  تي به آئي ته بجليءَ جي بل ۾ هر شيءِ هڻي سگهجي ٿي جو هاڻي بجليءَ جي بل ۾ ٽي ويءَ ۽ ريڊيو لائيسنس جي فيس سان گڏ ويلٿ ٽيڪس ۽ هاڻي انڪم ٽيڪس به هڻي ٿا موڪلن ۽ سڀاڻي الائي جي ڇا ڪندا.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.