رياست جي انتھائي طاقتور حلقن طرفان اھا اميد ڏياري پئي وڃي تھ سڀ ڪجهه ”ٺيڪ“ ٿي ويندو. پر دل مطمئن نه پئي ٿي. منهنجي مايوسيءَ جو اصل سبب گذريل سال اپريل ۾ عمران مخالف سياسي جماعتن جو اهو فيصلو آهي جنھن ۾ اڳوڻي وزير اعظم کي بي اعتمادي واري رٿ سان ان عھدي تان ھٽائڻ کانپوءِ ترت چونڊن ڪرائن بجاءِ قومي اسيمبليءَ جي هر صورت ۾ ”آئيني مدي“ پوري ڪرڻ بابت آھي.
منھنجي ڪالم جا پڙهندڙ چڱيءَ ريت واقف آهن ته عمران خان جي طرز حڪمراني تي هزارين تحفظات جي باوجود، مان بي اعتماد واري رٿ ذريعي کيس وزيراعظم جي عهدي تان هٽائڻ جي حق ۾ نه هوس. منهنجي خواهش هئي ته کيس پنهنجو آئيني مدو پورو ڪرڻ ڏنو وڃي. پر آڪٽوبر 2021 ۾ ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري جو ھڪ قضيو شروع ٿيو. اهو پنهنجي طور ختم تھ ٿي ويو پر ان سبب اقتدار جي شهر ۾ اهي افواه تيزيءَ سان پکڙجڻ شروع ٿيا، ته قمر جاويد باجوا جي مدي پورو ٿيڻ کان گهٽ ۾ گهٽ ڇهه مهينا اڳ عمران خان پنهنجي پسند جي، جنرل فيض حميد کي نئون آرمي چيف مقرر ڪرڻ جو ارادو ڪري چڪو آهي.
نومبر 2022 جي آخر تائين جيڪڏهن فيض حميد اھو عهدو سنڀالي ورتو ته اڳوڻو وزيراعظم مدي پوري ٿيڻ کان اڳ چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيندو. انھن امڪاني چونڊن جي نتيجي ۾ ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت حاصل ٿيڻ يقيني نظر اچي رھي ھئي. جيڪڏهن اهي ملي ويندي تھ عمران خان آهستي آهستي اسان جي پارلياماني نظام کي صدارتي نظام ۾ تبديل ڪري، ترڪي جي اردوان وانگر ايندڙ سال تائين اسان جو ”سلطان“ بڻجي رهي سگھيو ٿي.
ڪيترن ئي نجي محفلن ۾ سس پس ۾ ٻڌڻ ۾ آيو تھ عمران خان مبينھ طور ”ڏهن سالن واري اسڪيم“ تيار ڪئي آھي.مان ڪيترن ئي دوستن کي ياد ڏياريو ته ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت آئيني طور تي 1973ع کان شروع ٿي هئي. ان سلسلي ۾ نيون چونڊون 1978ع ۾ ٿيڻيون ھيون. پر ڀٽي صاحب، 1977ع ۾ اھي 7 مارچ تي ڪرائڻ جو اعلان ڪيو. هن کي اھا پڪ هئي ته ڪئين ٽڪرن ۾ ورھايل مخالف ڌر جون پارٽيون ھن جو مقابلو نه ڪري سگهنديون. ھو وڏي اڪثريت سان اقتدار ۾ واپس ايندو. انهن ڏينهن ۾ به اها افواهه پکڙيل ھئي ته ذوالفقار علي ڀٽو ”ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت“ سان اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ ملڪ جو بااختيار صدر بڻجڻ چاهيندو. پارلياماني طرز حڪومت مان جان ڇڏائي ڏيندو.
جن ماڻھن کي 1976 ۽ 1977 جون حقيقتون ياد نه هيون، انهن وٽ ان ڳالھھ تي زور ڏنم تھ ”هيوي مينڊيٽ“ حاصل ڪرڻ ۽ 1998ع ۾ پاڪستان کي ايٽمي طاقت ڊڪليئر ڪرڻ کان پوءِ نواز شريف ب”شريعتي نظام“ جي نفاذ کان پوءِ. ”امير المومنين“ ٿيڻ ٿي چاهيو. سندس اها خواهش به 12 آڪٽوبر 1999ع جي نذر ٿي وئي ۽ اسان کي جنرل مشرف کي 9 سال برداشت ڪرڻو پيو. فطري طور 2021 جي آخري ڏينهن ۾ مون کي خدشو هو ته عمران خان جي خلاف وڇائيل گيم بھ آخرڪار ملڪ کي اهڙيءَ طرح غير مستحڪم ڪري ڇڏيندي جهڙي طرح اسان 1977ع ۽ 1999ع ۾ منھن ڏنو.
ذڪر ڪيل ٻنهي سالن ۾ ”عدم استحڪام“ کي سنڀالڻ جي نالي تي جيڪو بندوبست ٿيو، ان جي نتيجي ۾ ڪنهن به سياسي پارٽيءَ ڪجهه به حاصل نه ٿيو. انهن جي اجتماعي ساک وڌيڪ متاثر ٿي ۽ ان جي بدولت غير پارلياماني قوتون وڌيڪ طاقتور ٿي ويون.
ڪو پسند ڪري يا نه ڪري ، سيپٽمبر 2023 ۾ اسين ساڳئي صورتحال ۾ آهيون. تحريڪ انصاف پنهنجي بقا جي فڪر ۾ مبتلا ٿي چڪي آهي. ان جي جاءِ تي آيل 16 مهينن تائين اقتدار ۾ رهندڙ جماعتن جا اڳواڻ مهانگائي جي عذاب ۾ مبتلا عوام کي پنهنجا منهن ڏيکاري جوڳا ناھن رھيا جلسا ۽ جلوس ته پري جي ڳالهه آهي. اھي روايتي بيان ڏيڻ کان به پاسو ڪري رهيا آهن. شهباز حڪومت جي جاءِ تي جيڪا نگران حڪومت آئي آھي اھا صرف ٻن هفتن جي اقتدار ۾ پنهنجي ساک وڃائي چڪي آهي. اسان جي گهرن کي ۾ آيل ڳرن بجلي بلن جي شدت گھٽائڻ بابت”ايندڙ 48 ڪلاڪن اندر“ ڪجهه رليف جو واعدو ڪيو ويو. پر اهو واعدو بھ خام خيالي ثابت ٿيو.
بجلي جي بلن سبب اسان جي قسمت جو عذاب اڃا گهٽ نه ٿيو ته پيٽرول جي اگهن ۾ به 15 رپيا واڌ ڪئي وئي.مڪمل مايوسي جي عالم ۾ آرمي چيف کي پاڻ متحرڪ ٿيڻو پيو ھن لاهور ۽ ڪراچي جي صنعتڪارن سان ملاقات ڪري عوام کي حوصلا فراهم ڪرڻ جي مشقت مان گذرڻو پيو.
ھوڏانھن وري سياسي بحران به اڃان ڳنڀير ٿي رھيو آھي. چيف جسٽس عمر عطا بنديال پنهنجي عهدي تان رٽائر ٿيڻ ئي وارو آھي.ان کان اڳ هو ڪجهه اهم ڪيسن جا ”مختصر ۽ مٺا“ فيصلا ٻڌائڻ چاهي ٿو. عارف علوي جو مدو به ختم ٿيڻ وارو آهي. آئيني طور تي هو نئين صدر جي چونڊ صدارت مدو بھ پورو پيو ٿئي.جيتوڻيڪ ھو نئين صدر جي ايوان ۾ اچڻ تائين اتي رھي سگھي ٿو.اتي رھندي بھرحال ڪئين اھڙن فيصلن جو گهٽ ۾ گهٽ ”اعلان“ ڪري سگهي ٿو،جيڪي سياسي ماحول کي لوڏي ۽ ڌوڏي ڇڏين، اهڙا ڪيترائي سوال ۽ تڪرار به اٿي رھيا آھن.جن تي ايندڙ چيف جسٽس به حيران ڪندڙ رويو اختيار ڪري سگهي ٿو. گذريل سال اپريل کان شروع ٿيل افراتفري وارو ماحول جلد ختم ٿيندو نظر نٿو اچي. اهڙيءَ حالت ۾ ”سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو“ واري تسلي تي چاھيندي بھ يقين ڪرڻ مشڪل ٿي پيو آهي.