اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) توانائي واري نگران وزير محمد علي چيو آهي ته گئس سيڪٽر جو گردشي قرض وياج ملائي 2700 ارب ٿي ويو آهي، گئس جا اگهه فريز آهن، جنهن سبب ساليانو 350 اربن جو نقصان ٿي رهيو آهي، سڄي ملڪ ۾ گئس جا اگهه وڌائڻا پوندا.
اسپيشل انويسٽمينٽ فيسيليٽيشن ڪائونسل اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي محمد علي چيو ته بجلي بلن تي رليف لاءِ آءِ ايم ايف کي پلان موڪليو ويو آهي، آءِ ايم ايف طرفان هڪ ٻه ڏينهن ۾ جواب اچي ويندو.
هن چيو ته آءِ ايم ايف سان گردشي قرض تي ڳالهه ٻولهه جاري آهي پر رقم تمام وڏي آهي، تنهن ڪري وقت کپندو.
سندس چوڻ هو ته ايندڙ مهيني تيل ۽ گئس جي ڳولا لاءِ 24 بلاڪس جي نيلامي ڪئي ويندي، لائن لاسز کي گهٽ ڪرڻ تي به ڪم ڪري رهيا آهيون.
Prev Post
Next Post
You might also like