اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نگران حڪومت اي او بي آءِ پينشن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، جيڪو جولاءِ کان لاڳو ٿيندو.
وزيراعظم جي افرادي قوت بابت خاص مددگار جواد سهراب ايڪس تي نوٽيفڪيشن جاري ڪندي ٻڌايو ته جولاءِ 2023 کان پينشن جي رقم 17 سيڪڙو واڌ کانپوءِ 8500 مان 10 هزار رپيا ڪئي وئي آهي.
نوٽيفڪيشن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پينشنرز کي جولاءِ ۽ آگسٽ جون رهتون سيپٽمبر ۾ ادا ڪيون وينديون.
The EOBI Pension increase notification is finally out; slightly delayed however it increases the pension from earlier Rs. 8,500 to Rs. 10,000 (17%) from July 2023. EOBI will disburse the increase from September 2023 together with arrears of July and August 2023. It ushers a minor… pic.twitter.com/OJ4wzKRsfh
— Jawad Sohrab (@JawadSohrab) September 8, 2023
خاص مددگار لکيو ته پينشن ۾ واڌ سڄي ملڪ جي پينشنرز لاءِ هڪ معمولي پر قدر جوڳي آهي.