ملڪ مان مهانگائي جي طوفان کي ٽاريو

اعجاز ممنائي

پاڪستان ۾ مهانگائي هڪ مستقل مسئلو بڻجي چڪي آهي. کنڊ، چانور، پيٽروليم شين، ابتدائي طبي امداد ۽ دوائن جهڙين بنيادي شين جون قيمتون مسلسل وڌي رهيون آهن، جنهن عام شهري جي زندگي کي ناقابل برداشت بڻائي ڇڏيو آهي. ٻئي طرف، حڪومت مهانگائي گهٽائڻ لاءِ غير حقيقي سبب ڏئي رهي آهي جيڪي عوامي مسئلن ۽ زميني حقيقتن جي ابتڙ نظر اچن ٿا. جڏهن ته حڪمران طبقي ۽ عوام ۾ کليل دشمني وارو ماحول جڙيل آهي جڏهن ته ملڪ ۾ روزگار جا موقعا ڏينهون ڏينهن گهٽجي رهيا آهن. کاڌي، پاڻي، زندگي بچائيندڙ دوائن ۽ تعليمي خرچن جون قيمتون آسمان کي ڇُهي رهيون آهن. جڏهن ته کاڌو، پاڻي ، طبي علاج، تعليم ۽ رهائش بنيادي ضرورتون آهن، جن جي کوٽ ڪنهن به انساني سماج کي تباهه ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي. ملڪ ۾ مزدورن جي اڪثريت غريب ماڻهو آهن جيڪي هن وقت انتهائي ڏکي زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، ڏينهن رات ڪم ڪرڻ لاءِ کانپوءِ به هو گهر جو گاڏو هلائڻ کان قاصر آهن، بجلي ۽ گئس جي اضافي چارجز سندن چيلهه چٻي ڪري وڌي آهي ان حوالي سان، پاڪستان جي وزيراعظم ميان شهباز شريف پڻ بار بار اعتراف ڪيو آهي ته هو موجوده صورتحال کان واقف آهي ۽ مهانگي بجلي جو مسئلو پاڪستان ۾ هڪ وڏو مسئلو بڻجي چڪو آهي، جنهن جا نه رڳو عوام تي پر ملڪ جي معيشت ۽ صنعتن تي به منفي اثر پئجي رهيا آهن.هن وقت غريب طبقي جي حالت ڏاڍي خراب آهي۔ زرعي شعبو ۽ صنعتي ادارا اضافي توانائي جي قيمتن جي ڪري پيداوار جي اضافي قيمت ۽ مارڪيٽ کي متوازن ڪرڻ ۾ بُري طرح ناڪام ٿي رهيا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ننڍا ۽ وڏا ڪاروبار بند ٿي رهيا آهن ۽ بيروزگاري ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.ماڻهو حڪومت ۾ اهو آسرو رکيون ويٺا هوندا آهن ته ملڪ ترقي ڪندو ۽ مهانگائي ختم ٿيندي.پر حڪومت جي ڪارڪردگي ڏينهون ڏينن مايوس ڪندڙ آهي. عوام جي زندگيءَ کي اجيرن ۽ وڏي عذاب وارو بڻايو ويو آهي.

هن وقت ٻيو ته سڀ ڪجهه ٺيڪ ناهي پر عوام کي بجلي ۽ گئس جي وڌندڙ لوڊشيڊنگ ۽ قيمتن به زندگي ڏاڍي عذاب ڪري ڇڏي آهي. ٿوري نظر آئي پي پيز تي وجهنداسين ته آئي پي پيز جو مطلب آهي ڇا؟ هي آزاد پاور بجلي خريد ڪرڻ جو ادارو آهي. هن اداري ذريعي پاڪستان جي عوام سان وڏي بدمعاشي ۽ ٺڳي ڪئي پئي وڃي. پنجاب سان واسطو رکندڙ جن شخصيتن جا بجلي پيدا ڪندڙ ڪارخانا بند پيل آهن انهن کي به هر مهيني ڪروڙين روپيه جاري ڪيا پيا وڃن. انهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف جو پٽ به شامل آهي جنهن جي ڪارخاني هڪ يونٽ به بجلي پيدا نه ڪئي آهي ان کي به ڪروڙين روپيا هر مهيني ملي رهيا آهن. عوام کي هن وقت 48 روپيه في يونٽ ملي رهيو آهي. جڏهن ته آزاد ڪشمير کي 5 روپيه في يونٽ ڏنو پيو وڃي. پاڪستان جي عوام جو آخرڪار ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي؟ حڪومت جي ناڪامي سامهون آئي آهي ته ٿر جي ڪوئلي مان پيدا ٿيندڙ بجلي حڪومت 200 روپين تي خريد ڪري رهي آهي ۽ آءِ پي پيز کي 950 ارب جون ادائگيون ڪيون ويون آهن. حڪومت هڪ پاور پلانٽ کي 15 سيڪڙو لوڊ فيڪٽر تي 140 ارب روپيا ڏنا ويا آهن. جيڪا ڪرپشن جي انتها آهي. ٻئي طرف پنجاب جي پاور پلانٽ کي 17 سيڪڙو لوڊ فيڪٽر تي 120 ارب روپيه غير قانوني طور ڏنا ويا آهن. ٻئي پاور پلانٽ کي 22 سيڪڙو لوڊ فيڪٽر تي 100 ارب روپيا ڏنا ويا آهن. اهڙي ٽنهي پنجاب جي پاور پلانٽن کي 370 ارب روپيه جاري ڪيا ويا آهن.مطلب ته ان بجلي مان عوام کي ڪوبه فائدو نه ٿي رهيو آهي۔

گيلپ پاڪستان سروي موجب سموريون ڪمپنيون پيداوار جي صلاحيت کي محدود ڪن پيون، جيڪڏهن ڪاروبار مهانگي بجلي جي ڪري بند ٿيڻ تي مجبور ٿين ٿا، ته روزگار جا موقعا گهٽجڻ فطرتي عمل آهي. سروي رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته "پاڪستاني معيشت جي صحيح رخ ۾ واضح ترقي جي مطابق، پاڪستان ۾ ڪاروباري اعتماد بتدريج وڌيو آهي. سروي جي انگن اکرن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ملڪ جي معيشت صحيح رخ ۾ هلي رهي آهي، 55 سيڪڙو پاڪستاني ڪاروبار اميد رکن ٿا ته گذريل ڇهن مهينن ۾ ڪاروباري اعتماد 10 سيڪڙو وڌي ويندو.” رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته "پاڪستان ۾ ڪاروباري اعتماد مستقبل بابت آهي.” ان سروي موجب،”پاڪستان لاءِ بهتريء جي رپورٽنگ”آهي پر عملي طور حقيقتن جي ابتڙ آهي۔ رپورٽ اهو ظاهر ڪري ٿي ته پاڪستان ۾ ڪاروباري غير يقيني صورتحال جو تصور 7 سيڪڙو گهٽجي ويو آهي، ڪاروباري اعتماد ۾ 36 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، جيڪو ڪاروباري برادري لاءِ هڪ مثبت نشاني آهي. رپورٽ موجب، ملڪ ۾ افراط زر ۽ سود جي شرح ۾ گهٽتائي ڪاروباري اعتماد ۾ واڌ جي پويان مکيه عنصر آهن، ڪاروباري برادري بجلي جي لوڊشيڊنگ ۾ گهٽتائي جي رپورٽ ڏني آهي جڏهن ته 56 سيڪڙو لوڊشيڊنگ نه ٿيڻ جي رپورٽ ڏني آهي،سروي مان ظاهر ٿئي ٿو ته تجارتي شعبي ۾ ڪاروباري اعتماد بحال ٿيو آهي.

طيب پاڪستان جي سروي رپورٽ مثبت ۽ حقيقي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته 66 سيڪڙو پاڪستاني محسوس ڪن ٿا ته ڪاروبار بهتر ٿي رهيو آهي پر ان لاءِ مستقل حڪمت عملي جي ضرورت آهي۔ وزيراعظم ملڪ جي اضافي ٽيڪسن بابت پڻ ڪيترائي ڀيرا اعتراف ڪيو آهي ۽ اهو به بار بار چيو آهي ته جڏهن مقامي سبسڊي سستي نه هوندي آهي، ته مهانگائي ۾ ڪابه گهٽتائي نه ايندي آهي ۽ ڪاروبار ڪرڻ ڏکيو ٿي ويندو آهي، ٻئي پاسي نائب وزيراعظم چيو ته صورتحال کي بهتر ٿيڻ ۾ 15 سال لڳا. ماڻهو مهانگائي جي خبرن تي ناخوش نظر اچن ٿا، ڇوته روزانو تيل، داليون، چانور، بجلي ۽ زندگي جون ٻيون ضرورتون عام ماڻهن جي پهچ کان ٻاهر ٿي ويون آهن. بيروزگاري مسلسل وڌي رهي آهي، مسئلا حل ٿيڻ بدران وڌيڪ پيچيده ٿي رهيا آهن. صنعتي ادارن لاءِ ڪافي توانائي استعمال ڪرڻ کانسواءِ پيداوار جاري رکڻ ناممڪن ٿي وئي آهي. ڪيترن ئي ٻين ملڪن ۾ تيل سستو ٿي ويو آهي، جنهن ڪري عالمي مارڪيٽ ۾ پيداوار جي قيمت گهٽ هجڻ ڪري پاڪستانين لاءِ اتي ڪاروبار ڪرڻ ناممڪن ٿي ويو آهي.گيلپ پاڪستان سروي پاڪستاني معيشت لاءِ صحيح رخ ۾ ترقي جا واضح اشارا ڏيکاريا آهن، تنهن ڪري اسان ان کي مستقبل لاءِ مثبت سمجهون ٿا۔پر ڪو اهڙو مخلص حڪمران اچي جيڪو پاڪستان ۾ ڪاروبار ڪرڻ کي آسان ۽ منافع بخش بڻائي، هتي روزگار جا موقعا وڌائي، ۽ بيروزگار ماڻهن کي سٺيون نوڪريون فراهم ڪري. جيڪڏهن مهانگائي گهٽ ٿيندي ته پوءِ ماڻهن جي قوت خريد بهتر ٿيڻ لڳندي ۽ ماڻهو پنهنجي خاندانن لاءِ بنيادي گهرجون پوريون ڪري سگهندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.