گڏيل قومن جي تحت ڪالهه 22 آگسٽ تي مذهب جي بنياد تي تشدد جي شڪار ماڻهن سان ايڪتا جو چوٿون ساليانو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويو، ان جو مقصد ھر رياست ،سماج ۽ فرد کي اھو باور ڪرائڻ آھي تھ عقيدو ۽ ان تي عمل جي بنا جبر ۽ خوف جي آزادي بنيادي انساني حقن جي چارٽر جو لازمي جز آهي ۽ ان چارٽر کي جن جن رياستن قبول ڪيو آھي اھي پابند آهن ته ان آزاديءَ تي بنا ڪنھن رڪاوٽ جي قانوني ۽ آئيني عمل درآمدي کي يقيني بڻائين،اڻ سھپ واري سوچ جي ھر قدم تي حوصلھ شڪني ڪن. ۽ اھڙا قانون جوڙين جنھن سان مذهبي اقليتون سماجي، معاشي ۽ سياسي زيادتين کان کان مڪمل طور تي محفوظ رھي سگھن.
جيتوڻيڪ عقيدي جي بنياد تي ڪنهن فرد، گروهه يا نظريي کي نشانو بڻائڻ جو عمل صدين کان جاري آھي، پر 21 هين صدي ۾، شعور جي اوسر جي دعوائن جي باوجود، تشدد ۾ هر سال واڌارو ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي.
گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل جي تحت هڪ خاص ايلچي ڪيترن ئي سالن کان عالمي پئماني تي مذهب جي نالي تي ٿيندڙ زيادتين بابت رپورٽ مرتب ڪري رهيو آهي. مقصد اھڙي تشدد کي نظرانداز ڪندڙ رياستن کي انهن جو بنيادي فرض ياد ڏيارڻ آھي.
آمريڪي پرڏيھي کاتو پڻ مذهبي آزادي جي عالمي صورتحال تي رياست سالياني رپورٽ شايع ڪري ٿو. ان رپورٽ ۾ هر ملڪ جو احوال تفيصل سان الڳ الڳ بيان ڪيو وڃي ٿو. ان کان علاوه ڪيترائي عالمي ٿنڪ ٽينڪ ۽ انساني حقن جون تنظيمون پڻ پنھنجي پنھنجي طور تي مذهبي جبر جي حوالي سان علائقائي ۽ بين الاقوامي رپورٽون جاري ڪن ٿيون. ڪجهه رياستون اهڙين رپورٽن کي سنجيدگيءَ سان وٺنديون آهن ۽ اڪثر ڪري اهڙين رپورٽن کي ملڪ اندروني مداخلت قرار ڏئي ڪري رد ڪري ٿيون ڇڏين. پرمڪمل رد ڪري ڇڏڻ باوجود، اهي رياستون عالمي عوامي راءِ جي ريڊار تي نمايان رھنديون آهن ۽ انهن کي دنيا جي آڏو پنهنجو سافٽ اميج پيش ڪرڻ ٿوري گھڻي سنجيدگي بھرحال اڻسڌي طرح مظاهرو ڪرڻو پوندو آهي، ڀلي اھو لڪل لڪايل ئي ڇو نھ ھجي .تنھنڪري عالمي سطح تي ان مسئلي تي مسلسل ڌيان ڪجھ نھ ڪجهه فائديمند ثابت ٿئي ٿو.
مذهبي عدم برداشت ڪو الڳ مسئلو ناهي پر ٻين ڪيترن ئي مسئلن کي جنم ڏئي ٿو، مثال طور، ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڪنھن ھڪ اقليت کي قومي سلامتي لاءِ خطرو تصور ڪيو ويندو آهي ۽ ان کي ڊسيپلينري ۽ انتظامي قانونن ذريعي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي،نسل پرستي کي پڻ ھم خيال تشدد پسند گروھن جي مدد سان ھٿيار طور استعمال ڪيو ويندو آهي. اڻوڻندڙ اقليتن جي حب الوطني ۽ شهريت کي مختلف طريقن سان چيلينج ڪيو ويندو آھي. انهن جي ملڪيت ۽ ڪاروبار کي نت نون قانونن جي آڙ ۾ نشانو بڻايو وڃي ٿو، ان بابت رياستي ادارا غير رياستي گروھن کي پڻ اڻسڌي ريت پنهنجي تعصبي ايجنڊا کي پورو ڪرڻ لاءِ استعمال ڪندا آھن.مقصد اھو ھوندو آھي تھ اقليتن کي اڪثريتي سماج کان مڪمل طور تي الڳ ٿلڳ ڪري اجنبيت جي کاھي ۾ اڇلايو وڃي ته جيئن اهي ٻئي ۽ ٽئين درجي جي شهري ٿيڻ تي سمجھوتو ڪن يا وري پنهنجي ڌرتي ڇڏي وڃن.
دنيا ۾ شايد ئي ڪو اهڙو ملڪ هجي جتي ڪنھن نھ ڪنھن مذهبي يا نسلي اقليتن کي رياست يا اڪثريتي گروهن پران زباني ۽ جسماني تشدد نھ سھڻو پوندو ھجي. دنيا ۾ ٻه وڏا مذهب آهن، 31 سيڪڙو ماڻهو پاڻ کي عيسائي سڏائين ٿا ۽ 24 سيڪڙو مسلمان آهن. انهن جي بعد هندو، ٻڌ ۽ يهودي آهن.
چين سميت ڪيتريون ئي رياستون پاڻ کي غير مذهبي تسليم ڪن ٿيون.جڏهن ته ڪيترين ئي رياستن ۾ عيسائي يا مسلمان اڪثريت ھئڻ باوجود رياست جو پنهنجو تسليم ٿيل سرڪاري مذهب ناهي،ڪجھھ رياستن ڪنھن ھڪ مذھب کي سرڪار درجو بھ ڏئي رکيو آھي ۽ ان جي روشني ۾ آئين ۽ قانون سازي به ٿيندي آهي. آمريڪي ٿنڪ ٽينڪ پيو ريسرچ سينٽر جي رپورٽ موجب دنيا جي هڪ سئو پنجتاليهه ملڪن سان واسطو پئي ٿو.مسلم ڪمينونٽي کي هڪ سئو 69 ملڪن ۾ عدم تحفظ کي منھن ڏيڻو پوي ٿو. جڏهن ته يهودي اقليت کي ايڪانوي ملڪن ۾ غيرمحفوظي جو خطرو آھي.
جيڪڏهن اسان پنهنجي خطي تي ڌيان ڏينداسين ته مذھبي آزادي تي نطر رکندڙ گڏيل قومن جي خاص ايلچي جي رپورٽ موجب ڀارت ۾ خاص ڪري مسلمانن ۽ عيسائين خلاف عدم رواداري عروج تي آهي، گذريل 9 سالن کان اھڙن واقعن ۾ هر سال اضافو ٿي رهيو آهي. هاڻي اهو معمول بڻجي ويو آهي ته هندو مذهبي ڏينهن جي موقعي تي ڪنھن نھ ڪنھن بھاني سان مسلمانن ۽ عيسائين خلاف تشدد ڀڙڪي پئي ٿو، مثال طور گذريل مارچ ۾ رام نومي جي موقعي تي، گجرات، مڌيا پرديش ۽ بهار ۾ مسلمانن کي انفرادي و معاشي طور تي نشانو بڻائڻ جا ڪيترائي واقعا سامھون آيا ۽ انهن جي شدت گذريل سال جي مقابلي ۾ وڌيڪ هئي.اهڙن موقعن تي گرفتارين ۾ پڻ اقليتي فرقو نشانو بنجي ٿو. خاص ڪري گذريل هڪ سال کان اھو سلسلو شروع ٿي ويو آھي تھ ڪنھن بھ شرپسندي جو الزام لڳائي ڪري عدالتي حڪمن جي تڪف ۾ پوڻ بنا سرڪار بلدوزرون جي ذريعي مليڪتن کي ڊاٿو ويندو آھي نھ رڳو ايترو پر انهن اقليتن جو معاشي بائيڪاٽ به معمول بڻيل آهي، تازو واقعو دهلي جي پاڙيسري رياست هريانا جي ضلعي گوڙڳوٽ ۾ ٿيو ۽ اتي ساڳيو ئي طريقو ورجايو ويو. جتي پاڪستان ۾ مذهبي اقليتن جو تھ ھڪ سال بھ اھڙو نٿو گذري جنهن ۾ عالمي ادارن ۽ تنظيمن جي رپورٽن ۾ پاڪستان جو نالو چوٽي جي انھن ويھن ملڪن ۾ نھ ايندو ھجي،جتي مذھبي اڻ سھپ تيزي سان گھٽجي رھي آھي.
خود هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان (ايڇ آر سي پي) جي فيبروري ۾ شايع ٿيل سالياني رپورٽ موجب مذهبي اقليتن کي اڳ جي مقابلي ۾ وڌيڪ ٽارگيٽ ڪلنگ، اغوا، جبري شادين، جبري مذهب مٽائڻ،ھجوم ھٿان عبادت گاهه جي تباهي ۽ سڃاڻپ لڪائڻ تي مجبور ڪرڻ جي واقعن کي مسلسل منهن ڏيڻو پيو آهي. خاص ڪري پنجاب ۾ اقليتن کي خبر ناهي تھ ڪڏهن سندن آباديون گوجر، جوزف ڪالوني يا جڙانوالا جيان سڙڻ لڳنديون ۽ انھن جون عبادت گاهون ڊهي پٽ ٿي وينديون. چوڻ ڪاڻ تھ پاڪستاني آئين ۾ اقليتن جي بنيادي حقن جي ضمانت ڏنل آهي،توھين مذھب جا قانون اسلام سان گڏ ٻين مذھبن جي مقدس ھستن ۽ عبادتگاھن تي لاڳو ٿين ٿا پر پر عملي طور تي ڪاوڙ ۽ غصي جو نشانو اقليتون ئي آهن.رياست طرفان مذمت به ڪئي وڃي ٿي. متاثرين جي نقصان جي تدارڪ جي دعويٰ بھ ڪئي وڃي ٿي. وڳوڙي گرفتار به ٿين ٿا. پر نتيجو ساڳيو” سھي وارين ٽي ٽنگون“ ۽ پوءِ اهڙي ڪنھن واقعي جي عالمي ميڊيا ۾ رپورٽ ٿيڻ بعد ڪجهھ نمائشي قدم.
ڏوهارين کي بھ يقين آھي ته قانون هنن جو ڪجهھ نٿو بگاڙي سگھي ۽نشانو بڻجندڙن کي بھ يقين آھي تھ قانون انهن جي جان، مال، عزت ۽ عقيدي جي آزادي جي تحفظ لاءِ مڪمل بي وس آهي.