حيدرآباد( رپورٽ:حسيب لطيفي ) کاٻي ڌر جي اڳواڻن ۽ ترقي پسند ليکڪن ۽ ھاري اڳواڻن چيو آھي ته ڪامريڊ ڄام ساقي شاھي قلعي جو فاتح ،ننڍي کنڊ جو وڏو ماڻھو ھو ھن سڄي زندگي جدوجھد ڪندي گذاري. آمريڪا ۽ اسرائيل جا ايران تي گڏيل حملا نه رڳو ھن خطي پر عالمي امن لاءِ سنگين خطرا پيدا ڪري ڇڏيا آھن. ايران اندر رجيم چينج ڪرڻ لاءِ آمريڪي ۽ اسرائيلي قدم قبولڻ جوڳا ناھن. اھڙو اظھار ھنن ڪالھه ڪامريڊ ڄام ساقي جي ساٿين پاران سندس اٺين ورسيء جي موقعي تي حيدرآباد پريس ڪلب جي نيو آڊيٽوريم ھال ۾ ڪوٺايل ورسي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ڪامريڊ امداد چانڊيو خطاب ڪندي چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي جدوجھد جي ھڪ علامت آھي، اسان جي سياسي جدوجهد جو رھنما ڪردار ڪامريڊ ڄام ساقي ھو. ھن چيو ته رياست جڏھن آمر جي ھٿ ۾ اچي ٿي ته اھا عوام جي آزادي ۽ آواز کي خاموش ڪرڻ چاھي ٿي. ھن چيو ته آمريڪا، رياستن کي پنھنجو غلام ڪرڻ چاھي ٿو، دنيا جا ڪيترائي ملڪ ھن وقت به آمريڪا سان گڏ ناھن، اسان آمريڪا جي ايران تي حملي جي مذمت ڪريون ٿا. ھن چيو ته جيڪڏهن ڪو اسان جي آواز کي دٻائڻ چاھي ته اسان خاموش ٿي ويھون، اھو ممڪن ناھي. ڪامريڊ انور پنھور چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي ننڍي کنڊ جو وڏو ماڻهو آھي، ھن سامراج طبقي کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ پورھيت طبقي لاءِ جدوجھد ڪئي. ھن چيو ته آمريڪي سامراج جو ايران تي حملو ڪا نئين ڳالهھ ناھي، ڇو ته ھو سدائين پنھنجي جنگي جنونيت ۽ بالادستي قائم رکڻ لاءِ مختلف ملڪن تي دٻاءُ ۽ حملا ڪندو رھيو آھي. ھن چيو ته سرمائيداري نظام اڳيان انساني حقن جي حاصلات ، تقرير ۽ تحرير جي آزادي ممڪن ئي ناھي. ھن وڌيڪ چيو ته دنيا جي پورھيتن، مظلومن ۽ آزادي پسند قوتن کي گڏ ٿي سامراجيت، جنگي پاليسين ۽ ناانصافين خلاف آواز بلند ڪرڻ گھرجي. ڪامريڊ سارنگ ڄام چيو ته ڪامريڊ ڄام جي دور ۽ ھن وقت ۾ ڪوبه فرق ناھي رھيو، اڄ به ڳالھائڻ، لکڻ ۽ سوچڻ تي پابندي مڙھيل آھي. پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي مرڪزي اڳواڻ اقبال ملاح چيو ته جن ماڻهن جي سامهون خواب، آدرش ۽ واضح مقصد هوندا آهن، اهي هر دور ۾ بحث هيٺ رهندا آهن. هن چيو ته اڄ ڪامريڊ جي هن پروگرام ۾ ٽي نسل گڏ ويٺا آهن، هڪ نسل اهو آهي، جنهن ضياءُ جي آمريت واري دور ۾ مزاحمت ڪئي ۽ سوويت يونين کي ٽٽندي به ڏٺو. ٻيو نسل اهي دوست آهن جيڪي ڪامريڊ جي نيريٽو کي اڳتي وڌائي رهيا آهن، جڏهن ته ٽيون نسل اهو آهي جنهن ڪامريڊ کي پڙهي، سمجهي ۽ سندس فڪر مان سکيو آهي. سنڌ ھاري ڪميٽي جي مرڪزي صدر ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي جي جدوجھد ھاري ۽ مزدور طبقي جي سگھاري جدوجھد ھئي، ھن چيو ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ ڪامريڊ ڄام ساقي جي جدوجھد مظلوم طبقن لاءِ ھئي. ڪامريڊ سجاد ظهير چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي جي ھم خيال دوستن کي گڏجي ڪامريڊ جي جدوجھد کي اڳتي وٺي ھلڻ جي ضرورت آهي. ڪامريڊ حميد سومرو ڳالھائيندي چيو ته ڪامريڊ ڄام جي دور ۾ به تشدد جو راڄ ھيو، پر ان وقت شاگرد جدوجھد، جمھوريت جي بحالي ۽ پورھيت طبقي جي صورت ۾ مزاحمت به موجود ھوندي ھئي. ڪامريڊ راھول ايندڙ مھمانن کي ڀليڪار ڪندي چيو ته انقلابين جي زندگي تي پڇتاءَ ناھي ڪبو پر اڳواڻن جي وڇوڙي کي طاقت ۾ تبديل ڪبو آهي. ڪامريڊ جميلا صالح بلو چيو ته ڪامريڊ جي زندگي پورھيت عوام جي خدمت ڪرڻ ھو، ورسي جي تقريب کي ڪامريڊ طالب جکرو، ڪامريڊ فيض محمد زنئور ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. پروگرام ۾ معشوق جنجھي انقلابي نظم پيش ڪيو. جڏھن ته ڪامريڊ وزير فرھاد لطيف سرڪار جي وائي پيش ڪئي. پروگرام ۾ ڪامريڊ جي ساٿين ذبيدہ گانگھرو، ممتاز رڏ ۽ ڪامريڊ گوپال جي وڇوڙي تي ھڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي.