ابوظهبي ۾ ڊرون جو ملبو ڪرڻ سبب پاڪستاني سوڌو 6 شهري زخمي

ابوظهبي (م ڊ) متحده عرب امارات جي گاديءَ واري هنڌ ابوظهبي ۾ ڊرون جو ملبو ڪرڻ سبب پاڪستاني سميت 6 ماڻهو  زخمي ٿي ويا، اماراتي اهلڪار موجب واقعي کان پوءِ زخمين کي فوري طور تي طبي مدد فراهم ڪئي وئي، انتظاميا ٻڌايو ته فضائي دفاعي نظام طرفان ڊرون تباهه ڪرڻ بعد ملبو ٻن مختلف هنڌن تي شهرين مٿان ڪريو جنهن سبب گهٽ ۾ گهٽ 6 شهري زخمي ٿي پيا جن ۾ پاڪستاني پڻ شامل آهي، اماراتي اهلڪار جو چوڻ هو ته ڊرون جو ملبو لڳڻ سبب زخمي جي  حالت خطري کان ٻاهر، انهن کي معمولي  ۽ وچولي قسم جا زخمي آيا آهن، شهري صرف سرڪاري ذريعن کان معلومات حاصل ڪن ۽ افواهن يا غير تصديق ٿيل خبرن کان پاسو ڪن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.