تنگواڻي ڀرسان ڪارنهن تڪرار تان فائرنگ، نوجوان قتل، هڪ زخمي

تنگواڻي (عوامي آواز رپورٽ) تنگواڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد حيات کوسو ڀرسان هٿياربندن ڪارنهن جي پراڻي تڪرار تان فائرنگ ڪري نوجوان اياز چولياڻي کي ڪلاشن ڪوف جا برسٽ هڻي قتل  ڪري ڇڏيو ، فائرنگ ۾ هڪ ٻيو نوجوان غلام شبير بجاراڻي گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمي کي کڻائي اسپتال پهچايو، پوليس ذريعن موجب هيءُ افسوس ناڪ واقعو باجڪاڻي ۽ چولياڻي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ ڪارنهن تڪرار تان پيش آيو آهي، وڌيڪ معاملي جي جاچ ڪيون پيا، جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.