اسان جنهن سماج ۾ رهون ٿا ان ۾ رهندڙ ڪا به عورت اهو نه ٿي چئي سگهي ته هن کي ڪڏهن به عوامي هنڌن تي هراسگي يا خوف جو شڪار نه ٿيڻو پيو آهي.اهو خوف هر قدم تي اسان جي مٿان ڇانيل آهي، چاهي اها بازار هجي، دڪان هجي، روڊ هجي، آفيس هجي يا پارڪ هجي.اسان جي سماج ۾ روزانو عورتن کي هراسان ڪرڻ جو رواج بڻجي چڪو آهي. ڪڏهن هڪ لفظ، ڪڏهن صرف نظرن ۽ ڪڏهن ڪنهن ٻئي جو بي حس عمل اسان جي سماج ۾ عورت جو مقدر آهي.اهڙن خيالن جو اظهار عورتن پاران سوشل ميڊيا تي ان وقت ڪيو ويو جڏهن سماجي رابطن واري ويب سائيٽ فيس بڪ تي هڪ عورت صارف ان اشو تي اهو سوال اٿاريو هو .
ڪجهه ڏينهن اڳ منهنجي ملاقات پارڪ هل ٽاپ گلشن حديد پهاڙي تي واڪ ڪرڻ، تفريح لاءِ آيل ڇوڪرين سان ٿي. ڪيترن ئي شاگردياڻين سان به ڳالهه ٻولهه ٿي ان موقعي تي شبانه هڪ اڻ وڻندڙ واقعو ٻڌايو، جيڪو ست مهينا اڳ قائداعظم پارڪ جي پوئين لين ۾ پيش آيو، جنهن ۾ سندس ٻه ڀينرون ۽ هڪ ڪزن شامل هئا. جڏهن اسان پارڪ ۾ داخل ٿياسين ته منهنجي ڀيڻ ۽ ڪزن جيڪي ڪافي پريشان نظر آيا تن ٻڌايو ته هڪ ماڻهو ڪافي وقت کان سندن ڏانهن نهاري رهيو آهي، عجيب و غريب تاثرات ڏيکاري رهيو آهي ۽ اکيون ٻوٽي رهيو آهي. ”جڏهن مون ان ماڻهوءَ کي ڏٺو، تڏهن به هو بي شرميءَ مان ڏند ڪڍي رهيو هو، پر جلد ئي هن بي حيائي جون سڀ حدون پار ڪري ڇڏيون ۽ اسان جي سامهون فحش حرڪتون ڪرڻ لڳو،“.شبانه ٻڌايو پئي ته ان وقت سندن دماغ مڪمل طور تي سن ٿي چڪو هو ۽ کيس سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڪيئن ان کي جواب ڏي.
ڪجهه ماڻهو انتقام جي خوف ڪري اهڙن واقعن کي رپورٽ ناهن ڪندا، ٻيا سمجهندا آهن ته کين مارايو ويندو، هزارين سوال اٿاريا ويندا ۽ پوءِ سوچيندا آهن ته ”ماڻهو ڇا چوندا؟ خاندان، برادريءَ ۾ وڏي بي عزتي ٿيندي. اهڙي صورت ۾ اسان جي ڌيءَ جي سان شادي ڪير ڪندو؟خاندان وارا عورتن کي خاموش ڪرڻ لاءِ چون ٿا ته چڪڻ ۾ کڙو هڻڻ سان گندگي وڌندي ٻيو ڪجهه نه ٿيندو.
يونيورسٽين ڪاليجن اندر به شاگردياڻين سان هراسمينٽ ٿيندي رهندي آهي، شڪايتن جو انتظاميا نه ڪو نوٽيس وٺندي نه ئي ڪارروائي ٿيندي آهي.، اسان وٽ اهو تاثر آهي ته استاد ڪڏهن به غلط نٿو ٿي سگهي. پيءُ کان پوءِ استاد کان وڏو ڪو به درجو نه آهي، تنهن ڪري سندس هر ڳالهه مڃڻ ضروري آهي. اهڙي صورتحال ۾ متاثر ڇوڪريون اندر ۾ ڦاٿل لڳنديون آهن، ذهني اذيتن ۾ مبتلا ٿينديون آهن ۽ خود سوزيءَ جهڙيون بزدلاڻيون حرڪتون ڪنديون آهن.
پبلڪ ٽرانسپورٽ، چنگ چي رڪشا ۽ مني بسن ۾ به عورتون مردن جي حرڪتن کان محفوظ ناهن هونديون، ڪي جاهل ڪنڊيڪٽر ڏوڪڙن لاءِ مردن کي عورتن سان ويهاريندا آهن. بسن جي شيشن مان عورتن کي پيا ڏسندا آهن. جنهن ڪري عورتن جو سفر ذهني تڪليف جو باعث ٿي ويندو آهي. ڪيترائي ذهني مريض بازارن ۾ پڻ عورتن کي هراس ڪندا آهن.
مطلب ته عورتن جو ٻاهر نڪرڻ ڪنهن عذاب کان گهٽ ناهي هوندو افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اسان زيادتين جي واقعن کي نظرانداز ڪري ڇڏيندا آهيون، وساري ڇڏيندا آهيون، ان ڪري عورتن کي گذارش آهي ته اهي پنهنجي خود اعتمادي کي بلند ڪن ۽ پنهنجو آواز بڻجن ۽ هراساني جي واقعن خلاف رپورٽ درج ڪرائين. ظلم، زيادتين ناانصافين، بي عزتين، بي حرمتن تي خاموش نه ويهن پر انهن خلاف ڪارروائي ڪرائين. مردن کي به گذارش آهي ته اهي عورتن لاءِ صحتمند ۽ سازگار ماحول ٺاهڻ لاءِ پنهنجي سوچ کي تبديل ڪن. ڇوڪرين ۽ عورتن جي حقن جو احترام ڪن،
ياد رهي ته 7 ڊسمبر 2021ع تي سينيٽ جي انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي عورتن کي ڪم جي جڳهن تي هراسان ڪرڻ کان بچائڻ لاءِ هڪ ترميمي بل جي منظوري ڏني هئي، قانون ۾ يونيورسٽين، آرٽ اسٽوڊيو ۽ گهرن ۾ ڪم ڪندڙ عورتن کي هراسان ڪرڻ تي پابندي شامل هئي. ان بل موجب ملوث سرڪاري ملازم کي نوڪري تان برطرف ڪرڻ ۽ پروموشن روڪڻ جي سزا ڏئي سگهجي ٿي، جنس جي بنياد تي امتيازي ورتاءُ به قابل سزا جرم هوندو. پڙهندڙن، عورتن تي تشدد، ڏاڍائي ۽ ٻين ڏوهن جي روڪٿام لاءِ ملڪ ۾ ڪيترائي قانون ٺاهيا ويا آهن پر افسوس ته ان تي عملدرآمد نٿو ٿئي نه ته هن مسئلي جو حل انهن قانونن تي عملدرآمدي ۾ ئي آهي.