روزانو ماڻهن جي زندگي مهانگي ٿيندي پئَي وڃي. عام ماڻهو جي زندگي ايتري ته عذاب بڻجي ويئَي آهي جو روزانو ڏهاڙي ڪمائڻ وارو ته سائيڪو جو مريض ٿي ويو آهي پر ننڍڙو سرڪاري ملازم به. تازو بجلي 7 روپيا في يونٽ مهانگي ڪئي ويئَي آهي. پيٽرول ۽ ڊيزل نگران سرڪار مهانگو ڪيو. ملڪ ۾ تاريخ جي بلند ترين سطح جي مهانگائي ڪري عوام جي اندر ۾ هڪ نفرت جو طوفان پيدا ڪيو ويو آهي. شهباز شريف جي حڪومت ايندي ئي ملڪ کي معاشي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي ڇڏيو هو ۽ عوام جو جيڪي اڳوڻي حڪومت ۾ اميدون هيون انهن کي حڪمرانن پنهنجي پيرن هيٺيان لتاڙي ڇڏيو. حڪمرانن هڪ احمقاڻي سازشن تحت بجلي لوڊشيڊنگ ۽ گئس لوڊشيڊنگ جي شروعات ڪري ڏني. هن وقت به جڏهن بجلي بند ٿيندي آهي ته گرڊ ۾ بجلي موجود هوندي آهي. ملڪ جي گئس ۽ بجلي بهتر نه هجڻ سبب ماڻهو مرندي به زندگي گذارين پيا. هاڻي ته ملڪ ۾ ايتري مهانگائي ڪئي ويئي جو ماڻهو مرندي به سڪون حاصل ڪرڻ لاءِ جاکوڙي بڻيل آهن. ملڪي حالتن سبب ماڻهن جي حواسن جا طاقتور جيوگهرڙا بکن ۾ پاهه ٿيندي مري رهيا آهن. آخر هن ملڪ جو ٿيندو ڇا؟ ڪهڙو ۽ ڪڏهن انقلابي حڪمران ايندو. جيڪو هڪ سال اندر ملڪ کي معاشي طور اڀاري سگهي؟ ماڻهن جي چپ ۽ خاموشي ڪنهن به وقت قاتل زهر طور ڀڙڪو ڏيئَي ٻاهر نڪري سگهي ٿي.
عمران خان جي دور ۾ ملڪي ناڻي جا ذخيرا 16 ارب ڊالر هئَا. شهباز شريف جي حڪومت ۾ انهن ۾ واڌارو ٿيڻ بجاءِ گهٽ ٿيندي 4 ارب ڊالرن تائين پهتا. سبب اهيو هيو جو سڀ چور ٺڳ ۽ ملڪ کي لٽڻ وارا گڏ ٿيا هئا. ڇاڪاڻ ته انهن جي ماضي به ڪا چڱي نه رهي آهي. ماڻهن جو حوش گهٽ ٿيندو پيو وڃي. هر ماڻهو پريشاني سبب بي هوش ڏسڻ ۾ اچي ٿو. اسين آخرڪار ڇا لکون؟ ڪنهن کي لکون عمل ٿئَي ئي ڪونه ٿو. جڏهن ملڪ جي اعليٰ عدالت سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي عمل نٿو ٿئَي ته پوءِ ڇا اسان جي لکڻين تي عمل ٿيندو؟ ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته ملڪ جا فيصلا ڪندڙ به بي وس ٿي ويا آهن. حڪمران اشرافيا پڪو پهه ڪري ڇڏيو آهي ته بي وس ۽ مايوس عوام کي پنهنجي چنبن وسيلي قابو رکڻ لاءِ بهترين طريقو اهيو آهي ته ماني ڳڀي لاءِ اٽي، بجلي، گئس صاف پاڻي، بيمارين لاءِ دوائون مهانگيون ڪرڻ، تعليم، صحت، انصاف، لاقانونيت ۽ ٻين عوامي مسئلن ۾ منجهائي رکڻ تمام ضروري آهي. ۽ ماڻهو انهن مسئلن سان منهن ڏيندي ڏيندي نيٺ سندس جان مان طاقت موڪلائي ويندي ۽ ٿڪ ڀڃندي ٿڌ ٿڌا ساهه کڻي مسئلن سان وڙهڻ جي جنگ هارائي ويهندا. ۽ ايئن حڪمران ۽ اشرافيا عوام تي هميشه قابض ٿي ويندي آهي. ۽ جدوجهد ڪرڻ جي باوجود به عوام جي قسمت تبديل نه ٿيندي آهي. جڏهن هو جدوجهد ڪندو آهي ته سندس وار ڪارا هوندا آهن ۽ حالتن سان وڙهندي وڙهندي سندس وار به اڇا ٿي ويندا آهن. ٻيو اهم سبب جدوجهد نه ڪرڻ جو اهو اهيو ته مهانگائي سبب عوام جي مالي حالت به خراب ٿي ويئَي آهي ۽ سفر ڪرڻ لاءِ ناڻي جي ضرورت هجي ٿي ماڻهون گهرن جي معاملن سان ٿڪجندي مس منهن ڏيئَي ٿو. ماڻهو پنهنجن مسئلن سان منهن ڏيندي ان جي اکين ۽ جان جي کل ۾ گهنج پئجي ويندا آهن. پر سندن ڪوبه مسئلو حل ڪونه ٿي سگهندو ۽ ائين اميدن جا ٻرندڙ ڏيئا به وسامجي ويندا آهن ۽ مايوسيءَ جا نشان باقي رهجي ويندا آهن.
ڏيڍ سال پهريان ملڪي معيشت ڪابه بهتر به ڪونه هئَي پر پوءِ به ملڪي ناڻي جا ذخيرا 17 ارب ڊالرن تائين پهتل هئَا. ان وقت مهانگائي 16 سيڪڙو هئي اسٽاڪ مارڪيٽ تي سيڙپڪارن جو وڏو اعتماد هيو جيڪو هاڻي ناهي. ڪورونا وائرس هوندي به روزگار ملي پيو ٻاهر دنيا ۾ رهندڙ پاڪستاني ساليانو 31 ارب ڊالر پاڪستان موڪلين پيا. هن وقت اها شرح گهٽ ٿي ويئَي آهي. جڏهن عمران خان حڪومت گهر ڀيڙو ڪرڻ لاءِ چورن سندرو ٻڌو ته ان وقت بجلي جو يونٽ 15 روپيه هيو. اڄ 30 روپين کان به وڌيڪ آهي. ۽ عمران خان حڪومت هوندي ڪمرشل بجلي جو يونٽ 45 روپيه هيو. شهباز شريف جي چوڻ مطابق ته عمران خان حڪومت ملڪ ۾ مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ويئَي ته پوءِ عوام کي ٻڌايو وڃي ته توهان عوام کي ڪهڙو رليف ڏنو آهي؟
هن وقت ملڪ ۾ مهانگائي 50 سيڪڙو ٿي ويئَي آهي. ڪارخانا هلڻ بدران بند ٿي رهيا آهن پنجاب جا اڪثر سرمائيدار پنهنجو سرمايو بنگلاديش منتقل ڪري رهيا آهن ۽ اتي صنعتون هڻي رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته بنگلاديش انهن کي سستي بجلي ۽ بهترين توانائي ڏيئي رهيو آهي.. ملڪ کي اسٽيبشلمينٽ هلائي رهي آهي ته پوءِ اسين هاڻي اسٽيبلشمينٽ کي ئي لکنداسين ته ملڪ ۾ پهريان امن و امان بهتر ڪيو وڃي. ملڪ ۾ 80 لک کان به وڌيڪ مزدور بيروزگار آهن گهريلو بجلي جو يونٽ تقريبًا 40 روپيه ٿي ويو آهي ڪمرشل يونٽ 60 روپين کان به وڌيڪ ٿي ويو آهي ملڪ جا حڪمران چون ٿا ملڪ ۾ معاشي حالات بهتر ٿي رهي آهي. پر معاشي حالتون ٻڌائين ٿيون ته ملڪي معيشت تباهه ٿي رهي آهي. جيڪڏهن معاشي حالتون بهتر آهن ته پوءِ بک بدحالي ۽ بيروزگاري سبب خاندانن جا خاندان اجتماعي خودڪشيون ڇو ٿا ڪن؟ هڪ قرض لاهڻ لاءِ ٻيو قرض کنيو ٿو وڃي.
آخر پاڪستان جو ٿيندو ڇا ملڪ ۾ ريئل اسٽيٽ ڪي هٿ سان برباد ۽ تباهه ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن حالتون نگران سرڪار کان به بهتر نه ٿيون ته پوءِ ملڪ جو خدا حافظ ئي آهي. هن وقت عوام ۾ اها سس پس ٻڌڻ ۾ اچي رهي آهي ته ڇا موجوده نگران حڪومت عوام جي اميدن تي پورو لهي سگهندي؟ جنهن جي جواب جي ڳولا ڪرڻ لاءِ يقينن هڪ مهيني جو وقت گهربل هجي ٿو.