ڪراچي۾ مين هول جي صفائي لاءِ آيل پيءُ ٻن پٽن سميت ساهه ٻُوساٽجڻ سبب فوت

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ گٽر جي صفائي لاءِ آيل پيءُ ۽ ٻه پٽ سيوريج  مين هول ۾ ڪري فوت ٿي ويا، ڪراچي جي علائقي گارڊن عثمان آباد ۾ سيوريج مين هول ۾ ساهه ٻوساٽجڻ سبب 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، علائقي واسين ٻڌايو ته فوت ٿيندڙن کي واٽر ڪارپوريشن صفائي لاءِ سڏايو هو، ٽئي پاڻ ۾ پيءُ ۽ پٽ هئا، جيڪي 15 هزار رپين عيوض گٽر ۾ لٿا هئا، رهواسين جو چوڻ آهي ته واٽر ڪارپوريشن جي گاڏين ۾ کوهن مان ڪڍڻ لاءِ رسين جهڙو سامان به موجود نه هو، ٻڏي ويل ماڻهن کي بچائڻ لاءِ لهندڙ هڪ شخص جي حالت نازڪ آهي، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، پوليس موجب صفائي دوران فوت ٿيندڙ 3 ماڻهن جا لاش ڪڍيا ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.