بدين ۾ عورتن جي ڀلائي سوڌو مختلف پروگرام ناڪام، دوائون نالي مان هٿ

بدين(رپورٽ: رازق ڏنو کوسو) بدين ۾ سنڌ حڪومت جي عورتن جي ڀلائي واري پروگرام سوڌو مختلف هلندڙ پروگرامن جي ناڪامي ڪامورن جو اصل چھرو پڌرو ڪري ڇڏيو، فيملي پلاننگ ۽ پي پي ايڇ آءِ ذريعي عورتن ۾ آئرن جي گهٽتائي کي پورو ڪرڻ لاءِ شروع ڪيل پروگرام ناڪام ٿي ويو، آئرن جي کوٽ جون لکين رپين جون دوائون متاثر عورتن کي ملڻ بدران اسٽورن اندر رکي رکي آخرڪار مدي خارج ٿي وڃن ٿيون، پر اهي غريبن عورتن کي نه ٿيون ڏنيون وڃن، لکين رپين جون مدي خارج دوائون سم نالي اندر مليون، سنڌ حڪومت جا فيملي پلاننگ لاءِ شروع ڪيل سمورا پروگرام ڪاغذن ۾ مڪمل ٿي ويا پر سندن ماتحت ھلندڙ سمورا پروگرام ناڪام ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو، گذريل ڏينھن لواري شريف ڊرين سم نالي اندر مختلف آئرن ۽ عورتن جي بھتري ۽ ڀلائي لاءِ لکين رپين جي ماليت جون دوائون جن ۾ سيرپ، سرنج ۽ مختلف آئرن جي کوٽ لاءِ عورتن کي ملندڙ دوائون سم نالي اندر اڇلايل مليون، جن دوائن مٿان سنڌ حڪومت جو مونوگرام ۽ 3 سال اڳ ايڪسپائري لکيل آهي، اهي دوائون اسٽور اندر رکي رکي ايڪسپائر ٿي ويون، دوائون سم نالي ۾ اڇلائڻ جي خبر جيئن صحافين کي پئي ته صحافي ان جاءِ تي پھچي ويا، جتي دوائون اڇلايون ويون ھنيون، ميڊيڪل سان واسطو رکندڙ ڌرين جو چوڻ آهي ته اهي دوائون سم نالي يا ڪنهن کلئي ميدان ۾ ناهن اڇلائڻيون هونديون، دوائون ايڪسپائر ٿيڻ بعد زمين ۾ اندر ئي اندر ختم ڪيون وينديون آهن، ڇو ته سم نالن ۾ جانور، جيت، پکي ۽ انسان لهن ٿا، دوائن جي خراب اثر سبب جانور، پکي، جيت ۽ انسان سخت متاثر ٿي سگهن ٿا.

  1. نالي ۾ اڇلايل دوائون اسان جون ناهن

بدين:  وڏي انگ ۾ سم نالي اندر اڇلايل دوائن بابت ڊي ايڇ او ھيلٿ بدين ڊاڪٽر انجم علي سومرو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته جيڪي دوائون اڇلايون ويون، اھي فيملي پلاننگ يا پي پي ايڇ آءِ وارن جون آھن، اسان جون ناھن، اھي دوائون عورتن ۾ آئرن جي گهٽتائي کي پورو ڪرڻ لاءِ فيملي پلاننگ وارن وٽ موجود ھونديون آھن. هن ٻڌايو ته اهي فيملي پلاننگ ۽ پي پي ايڇ آءِ وارن وٽ پروگرام ھلن ٿا، آئون جاچ ڪريان ٿو ته اهي دوائون سم نالي ۾ ڪنهن اڇلايون آهن، اهڙيون دوائون ايڪسپائر ٿيڻ کان پوءِ ٻاھر ڦٽو ناهن ڪرڻيون پر اهي زمين اندر ئي اندر ختم ڪيون وينديون آهن، سم نالو جنھن اندر چوپايو مال، جيت، پکي ۽ انسان لھن ٿا، اهي انهن لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي سگهن ٿيون.

  1. فيملي پلاننگ بدين جي پنجن ئي تعلقن ۾ ناڪام: ذريعا

بدين: عوامي آواز کي اھم ذريعن کان ڄاڻ ملي آھي ته فيملي پلاننگ بدين ضلعي جي 5 ئي تعلقن ۾ ڪم ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آھي،ملازم ڪامورن جي آشيرواد تي آجا ٿيل آھن، مختلف وقتن تي بدين آفيس ۾ عملو گھرائي ميٽنگ ڪري سڀ ڪجھ بھتر ڄاڻائي، عورتن جي وچڙندڙ بيمارين جو پينافليڪس ديوار تي لڳائي ڪامورا فوٽو سيشن ڪري بالا آفيسرن کي تصويرون موڪلي چپ ڪري ويھي رھن ٿا.

  1. ڪامورا ذاتي ڪمپنين ذريعي مدي خارج دوائون خريد ڪن ٿا: ذريعا

بدين: عوامي آواز کي ذريعن ٻڌايو آهي ته ڪامورا ذاتي ڪمپنين ذريعي مدي خارج دوائون خريد ڪري سنڌ سرڪار جي بجيٽ مان رقمون ڪڍي مدي خارج دوائون ضايع ڪن ٿا، ذريعن وٽان اها به ڄاڻ ملي آھي ته مختلف اڻ رجسٽرڊ ڪمپنين کان مدي خارج دوائون خريد ڪري ان بعد انهن دوائن جي بجيٽ جا بل پاس ڪرائي ڪامورا ڪروڙين روپيا ھڙپ ڪري رھيا آھن، مدي خارج دوائن واري معاملي تي سماجي حلقن ۾ ڳڻتي جي لھر ڇانيل آھي، سماجي حلقن گهر ڪئي آهي ته معاملي جي فوري طور جاچ ڪرائي ملوث ڪامورن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.