اسلام آباد (ويب ديسڪ) اسلام آباد ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ رياست ۽ قومي سلامتي وارن ادارن خلاف تڪراري ٽوئيٽ ڪيس ۾ ايمان مزاري ۽ سندس مڙس هادي علي چٺا جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.
ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج محمد افضل مجوڪا ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺا جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري ڪندي پوليس کي حڪم ڏنو آهي ته ٻنهي کي گرفتار ڪري 24 سيپٽمبر تي عدالت آڏو پيش ڪيو وڃي.
ان کان اڳ عدالت ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺا کي طلبي جا نوٽيس پڻ جاري ڪيا هئا.
ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺا جي وڪيلن طرفان گرفتاري وارنٽ رد ڪرڻ جي درخواست داخل ڪئي وئي، عدالت فوري طور وارنٽ رد ڪرڻ واري استدعا رد ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 24 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.