ڪوئنٽن ڊي ڪاڪ رٽائرمينٽ واپس وٺڻ بعد پاڪستان خلاف سيريز لاءِ ڏکڻ آفريڪي اسڪواڊ ۾ شامل

ڪيپ ٽائون( ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪا پاڪستان خلاف سيريز لاءِ ٽنهي فارميٽن جي ٽيمون اعلان ڪري ڇڏيون، جڏهن ته ريٽائرمينٽ جو فيصلو واپس وٺندڙ وڪيٽ ڪيپر بيٽر ڪوئنٽن ڊِي ڪاڪ کي ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
ڏکڻ آفريڪا پاڪستان خلاف سيريز لاءِ ٽيسٽ، ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي ٽيمن جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ڪوئنٽن ڊي ڪاڪ کي رٽائرمينٽ واپس وٺڻ کانپوءِ پاڪستان خلاف ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته ڊي ڪاڪ 2023ع واري عالمي ڪپ کانپوءِ ِ ون ڊي ڪرڪيٽ کي الوداع چيو هو، جڏهن ته ڏکڻ آفريڪا لاءِ کيڏيل سندس آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ 2024ع ۾ آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز ۾ ٿيل ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ جو فائنل هو، جيڪو باربيڊوس ۾ کيڏيو ويو هو، جتي پروٽيز کي ڀارت هٿان شڪست ملي هئي.
جيئن ته هن باضابطا طور تي ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ تان ريٽائرمينٽ جو اعلان نه ڪيو هو، پر هو ڪنهن به اسڪواڊ جو حصو نه هو، ان دوران هو دنيا جي مختلف ٽي ٽوئنٽي ليگز سرگرم رهيو..
ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن ڏکڻ آفريڪي ٽيم آڪٽوبر ۽ نومبر ۾ پاڪستان جي دوري دوران 2 ٽيسٽ، 3 ون ڊي ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏندي.
ٽيسٽ ڪپتان ٽيمبا باووما انجري سبب سيريز مان ٻاهر ٿي ويو آهي ۽ سندس جاءِ تي ايڊن مارڪرم ٽيم جي قيادت ڪندو.
ون ڊي ٽيم جي قيادت ميٿيو بريٽز ۽ ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ جي ڪپتاني ڊيوڊ ملر حوالي ڪئي وئي آهي.
پروٽيز ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ ايڊن مارڪرم (ڪپتان)، ڊيوڊ بيڊنگھم، ڪاربان بوش، ڊيولڊ بريوس، ٽوني ڊي زورزي، زبير حمزا، سائمن هارمر، مارڪو يانسن، ڪيشو مهاراج، ويان مُلڊر، سينوران مٿسامي، ڪگيسو ربادا، رائن ريڪلٽن، ٽرسٽن اسٽبز، پرينيلن سبريان، ڪائل ويران شامل آهن.
ون ڊي اسڪواڊ ميٿيو بريٽز (ڪپتان)، ڪاربان بوش، ڊيولڊ بريوس، نندري برگر، جيرالڊ ڪوٽزي، ڪونٽن ڊي ڪاڪ، ٽوني ڊي زورزي، ڊونووان فريرا، بيورن فورٽين، جورج لنڊي، ڪوينا مافاڪا، لونگي نگيدي، نڪابا پيٽر، لوهان دري پريٽوريوس، سينيٿمبا ڪيشيلي تي ٻڌل آهي.
جڏهن ته ٽي ٽوئنٽي ٽيم ۾ ڊيوڊ ملر (ڪپتان)، ڪاربان بوش، ڊيولڊ بريوس، نندري برگر، جيرالڊ ڪوٽزي، ڪونٽن ڊي ڪاڪ، ڊونووان فريرا، رضا ھينڊرڪس، جورج لنڊي، ڪوينا مافاڪا، لنگي نگيدي، نڪابا پيٽر، لوهان دري پريٽوريوس، اينڊائل سميلان، ليزاڊ وليمز اِن ايڪشن هوندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.