مقتل گاهه بڻيل پير جي حويلي

تحرير: غلام حسين جوڻو

تازو ،  راڻي پور ۾ پيرن جي حويلي ۾ ، هڪ معصوم نياڻي کي تشدد ڪري قتل ڪيو ويو آهي. اهو ، قتل پير جي ڪمري اندر ٿيو آهي. اهو چيو پيو وڃي ته نياڻي کي هوس جو نشانو بنائڻ کان پوءِ قتل ڪيو ويو آهي. ان ڳالهه ۾ ڪيتري صداقت ۽ سچائي آهي. ان باري ۾ ڪجهه چئي نه ٿو سگهجي. ڄاڻايل حويلي جو پير اسد شاهه وڏي اثر رسوخ وارو ماڻهو آهي. ان جي چوڻ تي ۽ گرفتاري کان بچڻ لاءِ راڻيپور جو ايس ايڇ او به بدلي ڪيو ويو ته جيئن هو گرفتار نه ٿي سگهي. هن ، معصوم نياڻي جي مائٽن تي دٻاءَ وجهي لاش دفن ڪرائي ڇڏيو.

ان واقعي جي خلاف سڄي سنڌ ۾ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو. عوام احتجاج ڪرڻ لڳو. چوڌاري پير جي خلاف واويلا مچي ويو. تڏهن ڄاڻايل پير کي گرفتار ڪيو ويو. ان ڳالهه جو نگران حڪومت به نوٽيس ورتو آهي ۽ انتظاميه کي هدايتون ڏنيون آهن ته ، معاملي جي هر رخ کان بي رياءِ ٿي جاچ ڪئي وڃي. فاطمه ڦرڙو جي امڙ جو چوڻ آهي ته ، نون مهينن کان وٺي هن جي نياڻي ، پير وٽ حويلي ۾ قيد هئي. اهو به معلوم ٿيو آهي ته ، نياڻي فاطمه جا والدين ايس ايس پي خيرپور سان مليا آهن ۽ ملاقات ۾ کيس سموري حقيقت کان آگاهه ڪيو اٿن. مسٽر روحل خان کوسو ايس ايس پي، ڳالهيون ٻڌڻ کان پوءِ ، انهن کي يقين ڏياريندي چيو آهي ته کين مڪمل انصاف فراهم ڪيو ويندو. جوابدار کي ڪيفر ڪردار تائين پهچڻ لاءِ ڪوششون ڪيون وينديون. اهي به اطلاع مليا آهن ته ، فاطمه جي قبر تي ڪجهه پوليس اهلڪار طعينات ڪيا ويا آهن. اهو خطرو آهي ته ، ڪٿي بااثر پير جا ماڻهو لاش ڪڍرائي نه وڃن. جنهن ڪري قبر تي پوليس مقرر ڪرڻ ، ايس ايس پي خيرپور جو سٺو عمل آهي. ٻئي طرف عدالت طرفان قبر ڪشائي جو حڪم جاري ڪيو ويو هو. اها نوابشاهه جي ايڊيشنل پوليس سرجن جي اڳواڻي۽ مئجسٽريٽ جي موجودگي ۾ ڪئي ويئي. جڏهن ته ، فاطمه نياڻي جي قتل الزام ۾ گرفتار پير کي بچائڻ لاءِ سنڌ جي ڪن بااثر شخصيتن جون ڪوششون به جاري و ساري آهن. پوسٽ مارٽم جي ڪارروائي بعد نتيجا پنهنجي مرضي تي وٺڻ لاءِ لکين روپيا ڏيڻ جو پڻ انڪشاف ٿيو آهي. الله تعاليٰ شال اختيارين کي همت ۽ جرائت ڏيئي جو بااثرن جي چوڻ تي يا ڳري رشوت ملڻ تي حقيقتون لڪايون نه وڃن ۽ پوسٽ مارٽم جا نتيجا ڦيرايا نه وڃن. جيڪڏهن ايئن ٿيو ته پوءِ ننڍڙي فاطمه جي قتل جو انصاف هر گز ٿي نه سگهندو. تنهن ڪري انصاف جون تقاضائون پوريون ڪرڻ لاءِ رپورٽ ۾ هر ڳالهه واضح ظاهر ڪرڻ گهرجي.  ڪنهن سان رعايت نه ڪئي وڃي. ڪن ساڃاهه وند شخصيتن ۽ وڪيلن جو چوڻ آهي ته ، متاثر خاندان جي هر لحاظ کان قانوني ۽ اخلاقي مدد ڪئي ويندي. وارثن کي اڪيلو ڪونه ڇڏيو ويندو.

مون کي نظام جوکئي جو واقعو ياد اچي ٿو. ان کي گهڻو وقت ڪونه ٿيو آهي جو وسري وڃي جوابدار ڌر طاقتور هئڻ ڪري ناظم جوکئي جي وارثن تي دٻاءَ وڌو ويو ته ، هو ڪيس تان هٿ کڻي وڃن. ان کان علاوه کين ڪجهه رقم ڏيئي ڀوتار ٺاهه ڪري پنهنجي جان آزاد ڪرائي ڇڏي. ان وقت جي حڪومت به خفيه نموني سان ڀوتار جي مدد ڪري رهي هئي. اهڙي طرح اهو خون به لڙهي ويو ۽ قاتل کي ڪا به سزا ڪونه ملي. هاڻ به اهو خدشو آهي ته فاطمه ڦرڙو جي قتل تي سندس والدين کي دٻائي ۽ هيسائي ڪيس تان هٿ کڻايو وڃي. کين روڪ رقم ڏيئي ٺاهه ڪيو وڃي. ان امڪان ۽ خدشي کي هر گز رد ڪري نه ٿو سگهجي. جيڪڏهن ڀوتارن پنهنجي چال هلي ته پوءِ مقتوله جي قتل جو ڪيس به لڙهي سگهي ٿو. اسد شاهه وڏو اثر رسوخ وارو ماڻهو آهي ۽ مالدار به آهي. پيري مريد جو سلسلو به اٿس. هي ان معاملي کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجا وسيلا استعمال ڪري رهيو آهي ۽ ڳري رقم ڏيڻ لاءِ راضي آهي ته جيئن جلد از جلد فاطمه جي والدين سان ٺاهه ٿي سگهي ۽ پنهنجي جان آزاد ڪرائي سگهي.

ياد رهي ته ، سنڌ ۾ ڪيتريون ئي پيرن جون حويليون آهن. جن مان ڪن حويلين ۾ ٿيندڙ لقاءَ انسانيت جا ڪل ليڪا لتاڙي دنگ ڪيا وڃن ٿا. انهن حويلين جي رازن کي سمجهندي ، تنقيد به ڪئي وڃي ٿي. ڪن پيرن جي ڪڌن ڪرتوتن جا راز به فاش ٿيا آهن. اڄ به ، انهن حويلين ۾ نياڻيون قيد و بند جي زندگي گذاري رهيون آهن. جن تي ظلمن جا پهاڙ ڪيرايا پيا وڃن. انهن سان جيڪو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو. ان متعلق مون وٽ لفظ ئي ڪونه آهن جو بيان ڪري سگهان. آئون ڪنهن پير جي دل آزاري ڪرڻ نه ٿو گهران. ڪي ته پير خدا ترس۽ نيڪ انسان آهن. جيڪي انسانيت جي خدمت ڪندا رهن ٿا. علم و ادب سيکارين ٿا. صراط مستقيم جو رستو ڏسين ٿا. امن ۽ ڀائپي جو سبق ڏيندا رهن ٿا. آئون مڃيان ٿو ته سڀ پير هڪ جهڙا ڪونه آهن. پر ، اسد شاهه جهڙن پيرن جي ڪرتوتن جي مذمت ڪريان ٿو. ان سلسلي ۾ سڄي سنڌ احتجاج ڪري رهي آهي ۽ راڻي پور واري واقعي تي غم و غصي جو اظهار ڪري رهي آهي. قاضي ياسر پنهنجي شعر ۾ ان واقعي کي شرمناڪ واقعو سڏيندي چيو آهي ته

“اها فاطمه پئي نه تڙِپي مگر ،

اها سنڌ جي لڄ پئي ٿي لڇي ،

حويلين ۾ پيرن جي ٿين ٿا جي ڪيس

انهيءَ تي کلي سنڌ پئي ڪڇي ”

بهرحال شرابي ، نشائي قاتل پير سان ڪا به رعايت ڪرڻ نه گهرجي. هن وڏو ظلم ڪيو آهي. هن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آئي سخت سزا ڏياري وڃي ته جيئن ٻين حويلين ۾ ٿيندڙ نازيب واقعا بند ٿي سگهن.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.