بدين ۾ يوريا ڀاڻ جي کوٽ جو بحران

تحرير: رازق ڏنو کوسو

بدين ضلعو جيڪو سدائين قدرتي آفتن جي زد ۾ رھندو پيو اچي پر جڏھن به بدين جي واپاري ڪو ڪلور شروع ڪيو آھي ته اھو بدين جي ننڍي آبادگارسان ڪندو پيو اچي ان ۾ ڪجھه  سرڪاري ماڻھون به شامل ھوندا آھن.

تازو يوريا ڀاڻ جي ھٿرادو کوٽ ڪري واپارين آبادگارن کي ٻنھي ھٿن سان ڦريو، ڪافي ڏينھن آبادگار ويچارا ظالم واپارين ھٿان ڦربا رھيا 3200 واري ڀاڻ جي ٻوري 4500 سئو تي وڃي پھتي ڪنھن به آبادگارن سان ٿيندڙ ھن ڦر لٽ تي اک نه پٽي پر ڪجھه  ڏينھن جي ٽرينگ مڪمل ڪري بدين جي عوام جي دردن کي سمجھندڙ انسان دل رکندڙ ڊپٽي ڪمشنر آغا شاھنواز بابر خان ان معاملي جو نه رڳو سختي سان نوٽيس ورتو پر پر فوجي فرٽيلازر جي انتظاميه ۽ بدين جي آبادگارن کي ٻنھي ھٿن سان فريندڙ واپارين سان ھڪ اھم گڏ جاڻي ڪري کين تاڪيد ڪئي ته باز اچو بدين جي آبادگارن سان ڪلور بند ڪيو نه ته لائسنس رد ڪبا پر ڪيس به داخل ڪيا ويندا.

ان بعد ڪجھه  ٺاپر آئي پر ٺاپر اچڻ سان گڏو گڏ ڀاڻ به مارڪيٽ مان گم ٿي ويو. ڪيئن گم ٿيو رات جي اونداهه ۾ ڪڏھن ويو ان جي جانچ اسان به ڪئي ته چور واپارين وري پنھنجن ننڍن ملازمن ۽ ڪجھه  اھڙا آبادگار جيڪي وياج جي لعنت ۾ اڳ ئي واپارين وٽ جڪڙيل آھن انھن جي گھرن اوطاقن سميت مختلف علائقن ۾ ٽريڪٽر ٽالين . سوزڪين ذريعي کڻائي انھن علائقن ۾ لڪايو ويو جتان وري ساڳي اگھه تي ان کي ڏنو ويندو جيڪو وڌيڪ رقم ڏيندو واپارين پاران رات جو کين ان علائقي ۾ وڃي ان جاءِ تان ڀاڻ کڻڻ جو چوندو ھو جتي انھن لڪايو آھي ڊپٽي ڪمشنر بدين جڏھن اھڙي عمل جي خبر پئي ته ھن زراعت کاتي کي وڌيڪ ڪارروايون تيز ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ان بعد ڊپٽي ڊائريڪٽر امتياز ڀٽو پوري ضلعي اندر ڪاروائيون تيز ڪيون.

انهن ڪاررواين ۾ ٽنڊو باگو ۽ نندو شھر ۾ ڪجھه  بھتري آندي باقي صورتحال ساڳي جي ساڳي رھي. ڪجھه  واپارين تي ڏ نڊ به وڌو ويو پر ان ڏنڊ سان به فرق نه پيو. اھا ڏنڊ واري رقم واپاري جي حلال ڪمائي مان نه پر بليڪ مارڪيٽ جي  حرام مان وئي. سنڌي ۾ چوڻي آھي ڪارو منھن ڪتي جو رٻ اوتري جو اوتري واري ڳالھه سامھون آئي ھن وقت يوريا دڪانن تي نه پر مختلف ٻين گدامن تي پيل آھي.

عوامي آواز جي نمائندي اڄ ڏٺو ته نندو شھر ڀرسان ھڪ وڏي مارڪيٽ ٺھيل ھئي ھڪ شٽر کليو ان مان رڪشو نڪتو يوريا کڻي روانو ٿي ويو مطلب ته ڀاڻ جو اگھه بليڪ مارڪيٽ وارو ساڳيو جو ساڳيو اڄ به جاري آھي. واپارين پاران ھڪ اھڙو منصوبو تيار ڪري ورتو جو ڀاڻ يوريا ان کي ملندو جيڪو پرچي دڪان تان کڻندو پئسا جمي ڪرائيندو رات جو کيس سندس گھر تي ڀاڻ سوزڪي يان رڪشا تي پھچايو ويندو مطلب ته معاشا خور واپارين جا جاوا جاري آھن. لاڙ جو آبادگار جنھن کي ھاءِ  برڊ مھانگا ٻج خريد ڪيا برساتن سبب سندن زمينون خراب ٿيون جيڪي ساريون بچيون اھي به ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ڪرڻ سبب ٽائم سان نه ڏيئي سگھيا ۽ نقصان وري آبادگار کي کڻڻو پيو آھي ڊپٽي ڪمشنر بدين ھر طريقي سان سنجيده آھي ته ڀاڻ جي کوٽ بدين ۾ نه ٿئي سرڪاري اگھه تي بدين جو آبادگار خريد ڪري پر بليڪ مارڪيٽ وارو ڪم جاري آھي ان کي روڪٿام سرڪار جي وس کان نڪتل اچي پئي ھاڻي ته بدين جو يوريا جو ٽرالر بدين کان ٻاھر ئي خالي ٿئي پيو اٿان کان يوريا گم ڪيو پيو وڃي.

ھن وقت ساريال جو فصل جيڪو پوکجي چڪو آھي ان کي يوريا جي سخت ضرورت آھي پر اگھه آسمان تي پھچي ويو آھي ننڍو آبادگار ويتر پريشاني جو شڪار آھي. پوري بدين ضلعي ۾ ھڪ واپاري سرڪار جي مقرر اگھه تي يوريا ڊي اي پي وڪرو ڪري رھيو آھي باقي سمورا بليڪ مارڪيٽ جي ور چڙھي ويا آھن ڊپٽي ڪمشنر بدين کي يوريا جي کوٽ ختم ڪرائڻ ۽ بليڪ مارڪيٽ خلاف سخت کان سخت ايڪشن کڻڻ جي ضرورت آھي جيتري دير ٿيندي تيستائين ننڍن آبادگارن جي چمڙي ڊيلر لاھي ڇڏيندا

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.