ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ بادشاهه شاهه رخ خان جي پٽ آريان خان جو ڊيبيو حقيقت جو روپ ڌاري چڪو آهي.
سپر اسٽار شاهه رخ خان جو پٽ آريان خان هدايتڪار طور او ٽي ٽي پليٽ فارم” نيٽ فلڪس“ تي 19 سيپٽمبر تي پنهنجي سيريز ۾”دي بيڊز آف بالي ووڊ“ ذريعي انڊسٽريءَ ۾ ڊيبيو ڪري چڪو آهي.
آريان خان جي ويب سيريز رليز ٿيندي ئي جو مرڪز بڻجي وئي، پر ساڳئي وقت اِها تڪرارن جو ڪارڻ پڻ بڻجي رهي آهي، ۽ انڊسٽري جي وڏن نالن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني وئي آهي.
گذريل ڏينهن اِها سيريز نيٽ فليڪس تي رليز ڪئي وئي جيڪا 7 قسطن تي ٻڌل آهي
سيريز جو ليکاري هدايتڪار آريان خان پاڻ آهي، جڏهن ته ان جي پروڊيوسر سندس ماءُ گوري خان آهي.
سيريز کي ڏسندڙ ۽ نقاد تمام گهڻو ساراهي رهيا آهن ۽ ڪيئي هاڪاري تبصرا سامهون آيا آهن، پر ان سان گڏوگڏ تڪرار به جنم ورتو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، سيريز ۾ ڪيترن ئي مشهور بالي ووڊ اداڪارن مهمان طور شرڪت ڪئي، جن ۾ رنبير ڪپور به شامل آهي.
هڪ منظر ۾ رنبير ڪپور کي اليڪٽرانڪ سگريٽ (ويپ) استعمال ڪندي ڏيکاريو ويو، جنهن تي اعتراض واريو ويو آهي.
رپورٽن موجب، نيشنل هيومن رائٽس ڪميشن ممبئي پوليس کي خط لکي رنبير ڪپور، فلمساز ۽ نيٽ فلڪس خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
شڪايت ۾ چيو ويو آهي ته شو ۾ اي سگريٽ جو استعمال بنا ڪنهن وارننگ يا ڊسڪليمر جي ڏيکاريو ويو، جيڪو نوجوانن تي ناڪاري اثر وجهي سگهي ٿو.
ڪميشن طرفان سڌ سماءُ ۽ نشريات واري سيڪريٽري کي به خط لکي اهڙي مواد تي پابندي لاءِ جوڳا قدم کڻڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.
ان کانسواءِ ممبئي پوليس ڪمشنر کي به خط لکيو ويو آهي ته Prohibition of Electric Cigarettes Act 2019 جي ڀڃڪڙي تي رنبير ڪپور، پروڊيوسرز ۽ نيٽ فلڪس خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي.
آريان خان جي هن شو ۾ رنبير ڪپور سان گڏ رنوير سنگهه، شاهه رخ خان، عامر خان، سلمان خان، عمران هاشمي، ارشد وارثي، دِيشا پٽاني، ارجن ڪپور، راجڪمار رائو ۽ ٻين به مختصر ڪردار ادا ڪيا آهن.
واضح رهي ته سيريز ۾ لڪشيا، بوبِي ديول، راگهو جويا، مونا سنگهه، ساحر بمبا ۽ آنيا سنگهه مرڪزي ڪردار نڀائي رهيا آهن.
You might also like