بلاول ڀٽو جي37 هين سالگرهه، ناصر شاهه ۽ ارسلان شيخ پاران مبارڪباد

ڪراچي(رپورٽر)صوبائي وزير توانائي، ترقيات ۽ منصوبابندي سيد ناصر حسين شاهه، پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي سندس 37هين سالگره تي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏني آهي۔ پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري نوجوان قيادت جي هڪ مضبوط مثال قائم ڪئي آهي۔ هن وڌيڪ چيو ته بلاول ڀٽو جمهوريت جي قدرن جي واڌاري ۽ عوامي ڀلائي لاءِ سدائين سرگرم رهن ٿا۔ ناصر حسين شاهه چيو ته بلاول ڀٽو جي توانائي ۽ جوش قابلِ تحسين آهي ۽ هو نوجوانن کي سياسي عمل ۾ ڀرپور شرڪت ڪرڻ جي اهميت ڏين ٿا، هوڏانهن سکر جي ميئر ۽ سنڌ حڪومت جي ترجمان بئريسٽر ارسلان اسلام شيخ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي سندس 37 هين سالگره تي دل جي گهرائين سان مبارڪباد پيش ڪندي چيو ته بلاول ڀٽو زرداري نوجوان نسل لاءِ هڪ روشن مثال آهي. هن چيو ته عوامي خدمت ۽ جمهوريت جي سفر ۾ بلاول ڀٽو جي جدوجهد قابلِ تحسين آهي ۽ هن هميشه نوجوانن کي اڳتي وڌڻ ۽ ملڪ جي خدمت ڪرڻ جو حوصلو ڏنو آهي.ارسلان شيخ چيو ته پارٽي فيصلو ڪيو آهي ته 21 سيپٽمبر بلاول ڀٽو جي سالگره تي جشن ملهائڻ بدران عهديدار ۽ ڪارڪن سڄي ملڪ ۾ پنهنجي مدد پاڻ تحت عطيا گڏ ڪندا ۽ اهي عطيا سڌو سنئون ٻوڏ متاثرين جي مدد تي خرچ ڪيا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.