آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي سيڪشن 5تحت ۽ ايف آءِ نمبر 1923آر ـ ڊبليو پي پي سي تحت عمران خان، عمر ايوب، شاھ محمود قريشي، اسد عمر ۽ ٻين لاڳاپيل پي ٽي آءِ جي همدردن تي ايف آءِ آر ڪٽجي چڪي آهي ۽ 15کان20 آگسٽ تائين ان ڪٽيل ايف آءِ آر تحت شاھ محمود قريشي سميت نيب سڀني کي نيب گرفتار ڪري ورتو آهي جو انهن سائيفر جي بهاني پروپيگينڊا ۽ بهتان بازي ڪئي ۽ ڪوڙ بدوڙ هڻي عوام ۽ رياست کي گمراھ ڪيو .
اها ڳالھه به مڃون ٿا ته پي ٽي آءِ جون ڳالهيون يا سچ وقت سر وري ڪوڙ به ثابت ٿي ويا آهن يا نيب جي قانونن ۽ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي قانونن (صدر عارف علوي جي ٻٽي اسٽيٽمينٽ سمجھ کان مٿي آهي، جو ڪڏهن ٿو چوي ته 25بل پاس ٿي ويا ۽ ايوان ته هاڻي بچيو ئي ناهي) جي پاس ٿيڻ سان جيترو ڏچو پي ٽي آءِ وارن سان ٿيو اوترو شايد ڪنهن سان به نه ٿئي، ان ڪري ته جيترا اهي دادلا هيا اوترا ئي هاڻي اسٽبلشمينٽ جي نظرن ۾ به ڪِري پيا آهن.اهي ان ڳالھه ۾ به ڪوڙا ثابت ٿيا جو انهن ڪورٽن ۾ پنهنجا ثبوت پيش نه ڪيا يا ڪورٽن جي ڪنهن به حاضريءَ تي نه آيا، ان ڪري انهن جا ڪيس ويا ڪوڙا ٿيندا ۽ اهي ويا ڌٻڻ ۾ ڦاسندا.
هاڻي ان ڳالھه جي به پڪ ناهي ته اهي سڀ جا سڀ سياسي پارٽيءَ جي صورت جي سگهندا يا پارٽي به ماضيءَ جو قصو ٿي ويندي، هڪ ٻي ڳالھه آهي ته نيب جا فائدا پي ٽي آءِ وارن پنهنجي دور ۾ جيترا ورتا اوترا وري هنن دور ۾ ڳچيءَ ۾ پئجي ويا آهن، مثال فارين فنڊنگ ڪيس کي 2004کان وٺي دٻائيندا آيا يا توشاخا ڪيس ۾ جيڪي به ثبوت ڏنن اهي سڀ جا سڀ ڪوڙا ثابت ٿيا يا القادر يونيورسٽيءَ ۾ جيڪي 19ملين پائونڊن جي ڪرپشن ڪين اها ماڻهن جي سامهون اچي وئي يا توشاخانا جي تحفن کي گهٽ قيمت تي ڄاڻائي معني رڳو 2ملين جا ڄاڻائي هنن 20سيڪڙو پئسا توشاخانا ۾ جمع ته ڪرايا پر اهي پاڻ 52ملين روپين ۾ دبئي جي مارڪيٽ ۾ کپائي آيا ۽ جنهن عمراظهر کي کپائي ڏنن اهو ئي سلطاني گواھ بڻجي بيٺن ۽ اها ڳالھه ثابت ڪري ويهي رهيو ته ان ساڳا تحفا 63ملين روپين ۾ کپايا آهن ۽ هي پي ٽي آءِ وارا ڏوهي آهن ان ڪري جو پاڪستان جهڙي رياست ۾ ايجنسيءَ جي مٿان ايجنسي لڳي پئي آهي ۽ چورن جي مٿان مور، جيڪي عام ماڻهن جي لاءِ ته ٺهيو پر خاص سياستدانن جي لاءِ ته پويون ڏينهن آهن جو رات جون ڳالهيون صبح تي ڦاٽي ٿيون پون يا هاڻي ائين به ناهي ته ”رات گئي بات گئي“.
هاڻي شاھ محمود قريشي به ڦاٿو آهي جيڪو اسٽبلشمينٽ وٽ اها ڳالھه رکي ويٺو هيو ته عمران خان جي اندر آهي ته هي ٻاهر ويهي پارٽي هلائيندو ۽ هن سميت ٻين ميمبرن ۽ ڪارڪنن کي ڇوٽ ڏني وڃي ته اهي هاڻي پارٽي سنڀالي هلن پر آوي جو آوو ئي بگڙيل آهي يا مڇي رڳو هڪ خراب ناهي ٽوڪري جو ٽوڪرو ئي گندو آهي هاڻي ڇا ڪجي يا جيڪي صبح جو آمريڪا کي سائيفر جي بهاني سازشي قرار ڏيندا هيا اهي وري شام جو پاڪستاني اسٽبلشمينٽ کي ڏوهي قرار ڏيندا هيا يا جن اڳواڻن کي 22سال گذري ويا پر انهن سياسي حريفن جو تعين نه ڪري سگهيا ته تاش جو نهلو ڪٿي هڻجي يا دهلو ڪهڙا ڦاڙها ماريندو يا بادشاھ ۽ بيگم ڇا ڪنديون، ان ڪري سياست ۾ به کپي ٿو حلانڪي هي ڀلي سياسي يونيورسٽي جو شاگرد آهي.
شاھ محمود قريشي صاحب به وزيراعظمي جي لالچ ۾ سياسي ڪيريئر تباھ ڪري ويهي رهيو جو هاڻي ته هن جي نااهلي به هن جي در جي چائنٺ تي پئي آهي جو ڪورٽون هن جي مٿان به سائيفر جا ڪوڙ بدوڙ ثابت ڪري ويهنديون ۽ ڪيسن جي مٿان ڪيس ڀوڳيندو، ان ڪري ته اسٽبلشمينٽ کي وري به پنجاب جا سياسي باشا مارڻا آهن ۽ اهڙي لٺ ڦيرائيندا جو نانگ به مري ۽ لٺ به بچي، هاڻي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ان ڳالھه جي اجازت ڏئي ٿو ته جنهن جي به خلاف ثبوت هجن ان اڳواڻ کي نه ڇڏيو ۽ رات پيٽ ۾ گرفتار ڪري واڙي ڇڏيوس، ان ڪري ته ثبوت ۽ وارنٽ هٿ ۾ هجن ٿا، ان ڪيس ۾ ٻئي ملزم عمران خان جيڪو 805 کولي ۾ واڙيو پيو آهي ۽ هاڻي شاھ محمود قريشي ان ڪري جو اهو سائيفر آمريڪي جريدي ۾ ڇپيو آهي جيڪو عمران خان جي هڙان نڪري چڪو هيو ۽ حيرت اها به آهي ته اهو اصل سائيفر انهن آمريڪي جريدي وٽ پهتو ڪيئن يا انهن کي ڪنهن ڏنو يا انهن تائين هاڻي ڇو پڳو؟ جو جنهن جي لاءِ دعوي هوندي هئي ته آمريڪا کي ان ڳالھه جي خبر ئي ناهي ته اها عمران خان جي حڪومت ڪيرائڻ واري سازش ڪنهن ڪئي يا ان ۾ ڪير ملوث هيو يا ڪنهن ان ڳالھه جي مداخلت به ڪئي.
ان ڪري هاڻي ان ڳالھه جو ڦاٽڻ به سوال کڙا ٿو ڪري ته هن مهل تائين اهو جي الزام صحيح يا سالم هيو ته لڪايو ڇو ويو يا عمران خان کي ان مهل ڪهڙو فائدو ٿيو يا هاڻي ڪهڙو نقصان ٿي سگهيس ٿو يا ان الزام جي پويان ڪنهن جا هٿ ٿي سگهن ٿا يا جي واقعي ئي اهو سائيفر (خط) جي سي آءِ اي يا آمريڪا جي سفارتخاني پاڪستاني مندوبين کي لکيو ته هاڻي عمران خان جي حڪومت کي هن صورت يا هن طريقي ڪيرايو جو هنن جو هنن پي ٽي آءِ وارن جو ڪو نالو نشان ئي نه رهي ۽ اهي صفحاءِ هستي تان ئي مٽجي وڃن، يا عمران خان ان ڳالھه جي شڪايت ڪري چڪو هيو ته هن وٽان اهو خط گم ٿي ويو آهي ۽ ڪنهن اتان گم ڪيو يا هن کي اهو خط ڪنهن ڏنو جو هن آمريڪا تي الزام ڇو شروع ڪيا يا ٿيڻ ته ائين کپي هان ته اهو خط ان ٽايئم تي ڪورٽن جي تحويل ۾ ڏنو وڃي هان ۽ ڪورٽن ۾ ان ڳالھه جي تصديق جي درخواست دائر ڪرائجي هان ته جي خط صحيح آهي ته انهن ذميدارن جي خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ پي ٽي آءِ وارن کي صحيح ثابت ڪيو وڃي ۽ ان سچائيءَ سبب تاريخ ۾ هي هيرا ٿي اڀرن هان، ان ڪري ته انهن جيڪي چيو اهو سچ هيو ۽ باقي جيڪي ٻين چيو اهو ڪوڙ هيو يا جيڪي به ڪورٽون يا جسٽس هن عمران خان جي سچ جي پويان لڳل هيون اهي ان ٽائيم تي سچا هيا يا هاڻي ڪوڙا ٿي پوندا، يا ان الزام ۾ هاڻي سموري پارٽي ڪوڙي ثابت ٿيندي يا اها ڳالھه نه ٿا ڪيون ته هنن جيڪي غريب ۽ اٻوجھ عوام سان ڪوڙ هنئيا انهن جي ليکا چوکا ئي الڳ ڪتاب ۾ لکيل آهن يا انهن جو حساب ڪتاب ڪنهن دور ۾ هنن کا الڳ ڪيو ويندو.
ان ڪري ته هنن جي خلاف سڀ ثبوت ڪورٽن وٽ موجود آهن جن مان جان نه ٿي ڇڏائي سگهجي يا جن مان آجو ٿيڻ پي ٽي آءِ جي لاءِ ممڪن ناهي يا ٿي نه ٿو سگهي ته هاڻي ڪنهن به سچ کي ڪوڙو ڪري سگهن ان ڪري ڳالھه اها به آهي ته عمران خان ڀلي ڪيترو به ايماندار هجي يا ٻيون 13پارٽيون ڀلي ڪوڙيون هجن پر جيستائين ڪورٽون، قانون ۽ رياست انهن کي ڪوڙو ثابت نه ٿيون ڪن تيستائين اهي ڪوڙ ناهن يا تيستائين اهي سياست ۾ جائز ۽ ويلڊ سچ آهن يا انهن سچن کي سياست ۽ رياست کان ڪير به ڌار نه ٿو ڪري سگهي، اها ٻي ڳالھه ته سڀاڻي جي انهن جي خلاف به جيڪي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ کي ڪي ثبوت ملن ته اهي سلاخن جي پويان وڃي سگهن ٿا پر تستائين اهي سياست ڪري سگهن ٿا.
پي ٽي آءِ جي سياسي سج لهڻ ۾ دير ئي نه ٿي جو 16 ميهنن جي اندر پارٽي پرزا پرزا ٿي وئي يا ائين لڳو ته هي پارٽي به ڪنهن ڊڪٽيٽر جي پارٽي هئي يا ڊڪٽيٽر هن پارٽي جو بنياد رکيو هيو جو ذري نه ملين ذريءَ کي ۽ وري باھ ۽ پاڻيءَ واري صورتحال اها به بيٺن جو جيڪو به گرفتار ٿو ٿئي اهو پارٽي ڇڏڻ جي ڳالھه ڪري وري آزاد ٿي ٿو وڃي، ساڳي ڳالھه قريشيءَ صاحب سان به ممڪن آهي ته جتي عمران خان جو مستقبل داءُ تي آهي اتي شاھ صاحب به باھ ۾ سڙندو يا ان تاوَ ۾ هي پارٽيءَ کي الودع ڪري ڪنهن ٻي پارٽيءَ جو بنياد نه رکي يا ممڪن ناهي ته هي جهانگيرترين جي پارٽيءَ جو حصو بڻجي يا ڪنهن ٻئي سان وڃي ملي يا اسد عمر به هٽ لسٽ تي آهي ته اهو به ان زَدَ ۾ ايندو ان ڪري توشاخانا خان جو الڳ يا ذاتي حيثيت ۾ ڪيس هيو يا ڪوڙ هيو جيڪو ثابت ٿي ويو پر فارين فنڊنگ، القادر يونيورسٽيءَ جو ڪيس ۽ هاڻي سائفر جو ڪيس به وڪڙ هڻي ويو آهي ۽ ان ڪيس يا ڪوڙ ۾ ”هم تو ڊوبين گين صنم مگر تمهين بهي لي ڊوبين گين“ واري ڳالھه بيهندي، ان ڪري ته سائيفر ۾ سڀ شامل آهن ۽ ان ڪوڙ جون ثابتيون سڀني کي ڏيڻون پونديون ۽ اهي سڀ رڪارڊ به آفيشلي موجود آهن، ان ڪري جو اسٽبلشمينٽ سان ڦٽائڻ ڪا مذاق ناهي يا ائين الزامن جي بوڇاڙ ڪرڻ به ڪي ڦاڙها نه ٿي ماري جو پارٽيءَ جي وجوديت داوَ تي هڻي ٿي ڇڏجي، ان ڪري جن ڇڏي ڀوت ڇڏي پر سائيفر جي انڪوائري قريشيءَ صاحب سميت ٻين جا سر به کڻندي.