معصوم نياڻين سان وڌندڙ جنسي واقعا

وارهه جي وارث ڪالوني جي رهواسڻ نياڻي نازيا چنو جي والد اختيار علي چنو خاموشي ٽوڙي ميڊيا آڏو اچي انصاف جي اپيل ڪئي آهي. هن جو چوڻ آهي ته منهنجي نياڻيءَ سان ظلم ڪيو ويو آهي. پنجن جوابدارن ڏاڍائي ڪرڻ بعد  مٿي ۾ ڌڪ هڻي بيهوشي واري حالت ۾ کيس ڦٽي ڪيو ويو. هن اعليٰ اختيارين، سپريم ڪورٽ ۽ وس وارن کان انصاف جي اپيل ڪندي چيو سمورن وحشي جوابدارن کي گرفتار ڪري مثالي سزا ڏني وڃي. ٻئي پاسي عوامي حقوق اتحاد وارهه جي اڳواڻن مطالبو ڪندي چيو آهي ته چوويهن ڪلاڪن اندر سمورا جوابدارن گرفتار نه ٿيا ته احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا.

ان کان اڳ ٻارڙين تي تشدد جي حوالي سان اسلام آباد ۾ هڪ جج جي گهر ۾ ملازم نينگري رضوانا سان تشدد جو ڪيس رپورٽ ٿيو هو. گهريلو ملازم نياڻي رضوانا جي ميڊيڪل رپورٽ ۾ ننڍڙي جون آڱرين جون هڏيون ڀڳل هيون ۽ مٿي جي زخمن ۾ جيت پئي ويا هئا ۽ مٿي ۾ زخمن جا گهاءَ پيل هئا. جڏهن ته مٿي کان علاوه چيلهه ۽ ٻانهن ۽ منهن تي زخم هئا اهڙي طرح اها نياڻي شديد انفيڪشن جو شڪار هئي. ننڍڙي سخت ترين تشدد جو شڪار ٿيل هئي جيڪا اڃا تائين علاج هيٺ ۽ اسپتال ۾ داخل آهي.

ڪجهه ڏينهن اڳ راڻي پور ۾ ڏهن ورهين جي فاطمه جي فوت ٿيڻ وارو واقعو پيش آيو. جنهن کي بنا پوسٽ مارٽم جي دفنايو ويو. سوشل ميڊيا تي نينگري جي تڙپي تڙپي فوت ٿيڻ جي ويڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ پوليس حرڪت ۾ آئي ۽ ڪيس داخل ٿيو ۽ جاچ شروع ٿي جڏهن نينگري جي قبر ڪشائي ڪئي وئي جنهن کانپوءِ جيڪا ابتدائي ميڊيڪل رپورٽ آئي ان ۾ نينگري کي تشدد ۽ جنسي ڏاڍائي ظاهر ٿي آهي.

اسان جي ملڪ جي مختلفن شهرن مان ٻارڙن ۽ ٻارڙين سان جنسي ڏاڍائي ۽ تشدد جا روزانو ڪيس سامهون اچن ٿا ۽ ان جي رد عمل ۾ عوام ۾ ڏک، ڪاوڙ انصاف لاءِ احتجاج به رڪارڊ ٿين ٿا. پر حقيقت اها آهي ته جنسي ڏاڍائي ۽ تشدد جا واقعا گهٽجڻ بدران وڌندا رهن ٿا. ان جو وڏو سبب اهو آهي ته هي سماج بحران مان گذري رهيو آهي. اهو بحران رڳو معاشي  سياسي ۽ قانوني ناهي پر اخلاقي ۽ نفسياتي بحران به آهي اهو جيستائين قانون جي حڪمراني ۽ عملدرآمدي نه ٿيندي اهو مختلف صورتن ۾ وقت به وقت ظاهر ٿيندو رهندو.

گذريل سال ساحل نالي ٻارن جي حقن جي لاءِ ڪم ڪندڙ هڪ غير سرڪاري اداري پنهنجي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو هو ته پاڪستان ۾ روزانو 9 ٻارن کي جنسي ڏاڍائي جو شڪار بڻايو ويندو آهي. سندس چوڻ آهي ته جنسي ڏاڍائي جي 60 سيڪڙو ڪيسن ۾ ٻارن جا ويجها مائٽ ۽ ڄاڻ سڃاڻ وارا ملوث هوندا آهن. رپورٽ موجب سال اندر ڇوڪرين سان 467 ۽ ڇوڪرن سان 366 ڏاڍائي جا واقعا پيش آيا. رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ڇوڪرين سان اجتماعي ڏاڍا جا 158 ڪيس رپورٽ ٿيا. ان اداري جي انگن اکرن موجب سڀ کان وڌيڪ ٻارن سان جنسي ڏاڍائي جا واقعا پنجاب ۾ پيش آيا. جيڪي ڪل ڪيسن جو 63 سيڪڙو هئا. جڏهن ته سنڌ ۾ 27 سيڪڙو، بلوچستان ۾ 4 سيڪڙو، ڪي پي ڪي ۾ ٻه سيڪڙو ۽ ملڪ جي گادي واري هنڌ اسلام آباد مان 3 سيڪڙو رپورٽ ٿيا. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته انهن ڪيسن مان رڳو 72 سيڪڙو ڪيس پوليس وٽ رپورٽ ٿيا ۽ ڪيترائي ڪيسن پوليس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪيو.

ان رپورٽ جاري ٿيڻ کان پوءِ پنجاب ۾ جتي ڪيس وڌيڪ رپورٽ ٿيا، اتان جي حڪومتي اختيارين اهو چئي رپورٽ کي رد ڪيو ته اهي ڪيس خبرن مان کنيا ويا آهن. تنهنڪري انهن جي تصديق نٿي ڪري سگهجي. جتي حڪومت کي ٻارن تي تشدد ۽ جنسي ڏاڍائي جي حوالي سان سخت قانون بڻائڻ جي ضرورت آهي ان سان گڏوگڏ ان تي عمل ڪرڻ جي به سخت ضرورت آهي.

اوهان کي ياد هوندو ته پنجاب جي قصور ۾ زينب واري واقعي کانپوءِ حڪومت ان ڪيس ۾ تمام گهڻي دلچسپي ڏيکاري ۽ تڪڙو انصاف فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ۽ ڏوهاري کي انجام تائين پهچايو هو. پر اهڙي طرح جي هر ڪيس ۾ انصاف ملڻ ضروري آهي. ان سان گڏوگڏ سخت قانون تي عملدارآمد پڻ ضروري آهي ان کان علاوه اهو به ضروري آهي ته سماجي سڌارا ۽ جنسي تعليم کي هٿي ڏيڻ گهرجي.

مٿي ڄاڻايل ڀيانڪ قسم جي واقعن جن ۾ انسان جي لونءَ لونءَ ڪانڊراجي وڃي ٿي، جڏهن ميڊيڪل رپورٽون ۽ حقيقتون آڏو اچن ٿيون ته اسان ڏسون ٿا ته حڪومت ۽ ان جا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا يعني پوليس توڙي سماج جا اسٽيڪ هولڊر ان کي ڪهڙي ريت منهن ڏين ٿا. مثال طور اسين راڻي پور جي فاطمه ڦرڙو جي واقعي کي ڏسون ته پهرين پوليس ان ڪيس کي لڪائڻ ۽ مقتول جي والدين کي ڳجهه ڳوهه ۾لاش دفنائڻ ۽ بيان وٺڻ ته نينگري پيٽ جي سور ۾ فوت ٿي آهي جهڙا عمل ڪيا جڏهن ته نينگريءَ جي سوشل ميڊيا جي ويڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ عوام جي رد عمل اچڻ تي قانون حرڪت ۾ آيو.

اهڙن ڪيسن مان واضع آهي ته ڏوهه ڪيترو به سنگين هجي پر جيڪڏهن ان سماج جا طاقتور ۽ بااثر ماڻهو ملوث هجن ٿا ته رياستي ادارا به انهن آڏو ڪجهه نه ٿي ڪري سگهن. ڏسڻ ۾ اهو ٿو اچي ته پوليس ۾ ڪرپشن ۽ سياسي مداخلت ڏوهارين جي ساٿاري ٿي بيهي ۽ ڪورٽن مان تڪڙو انصاف نه ملڻ ڪري ڏوهارين کي رليف ملي ٿو وڃي ۽ متاثر ڌر تي زور بار ڪري ڪٿي راڄوڻي ۽ ڏوهه ڏنڊ ڀري ڏيڻ ۽ معافي ڏيڻ تي راضي ڪرڻ جا حربا استعمال ڪري خاموش ڪرايو ويندو آهي. تشدد ۽ ڏاڍائي خلاف سماج جي سڀني شعبن کي گڏيل ڪوشش جي ضرورت آهي. اهو ئي وقت آهي ته ثقافتي تبديلي، تعليمي ترقي ۽ سماجي انصاف جي طرف هلون. جيئن ٻارڙن لاءِ محفوظ ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ اجتماعي قدر کڻي پنهنجي ايندڙ نسل کي بي خوف ۽ وقار سان زندگي گذارڻ ۾ مدد ڪيون.

اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته ٻارڙين ۽ ٻارڙن سان جنسي ڏاڍائي خلاف جدوجهد ڪرڻ اسان جي گڏيل ذميواري آهي. جنهن لاءِ سماجي ۽ قانوني نظام کي بهتر ڪرڻ انتهائي ضروري آهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.