اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ امن قائم ڪرڻ واري معاهدي کي ايندڙ 24 ڪلاڪن اندر حتمي شڪل ڏني ويندي.
ايڪس تي جاري ڪيل بيان شهباز شريف چيو ته ”امن معاهدو اڳي کان وڌيڪ ويجهو آهي، حتمي مرحلو ايندڙ 24 ڪلاڪن اندر طئي ٿيڻ جي اميد آهي.“
هن جو چوڻ آهي ته پاڪستان معاهدي تي ”اليڪٽرانڪ دستخط جي تياري ڪري رهيو آهي، جنهن کانپوءِ ايندڙ هفتي ٽيڪنيڪي سطح تي ڳالهيون ٿينديون.“
هن چيو ته پاڪستان امن ڳالهين دوران مسلسل عزم تي آمريڪا ۽ ايران جو ٿورائتو آهي، وزيراعظم خطي جي ٻين ملڪن جي حمايت کي به ساراهيو.
وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ”اسان کي يقين آهي ته هي تاريخي معاهدو پائيدار امن لاءِ هڪ مضبوط بنياد فراهم ڪندو.“
ان کان اڳ پاڪستان جي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار پنهنجي سوئس هم منصب سان ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي.
پرڏيهي آفيس موجب، ٻنهي آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ معاهدي ۾ اڳڀرائي جي آجيان ڪئي ۽ اها اميد ظاهر ڪئي ته جاري ڪوششن جي مدد سان خطي ۾ امن ۽ استحڪام قائم ٿي سگهندو.
شهباز شريف جي بيان کان اڳ اهڙيون خبرون هيون ته صحيحن واري تقريب جنيوا ۾ ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته هاڻي اهو امڪان آهي ته آمريڪا ۽ ايران طرفان امن معاهدي تي ”اليڪٽرانڪ صحيحون“ ڪيون وينديون.
واضح رهي ته جمعي ڏينهن وزيراعظم شهباز شريف امن معاهدي تي وڏي اڳڀرائي جو اعلان ڪندي ٽرمپ، عباس عراقچي ۽ ٻين کي ٽيگ ڪيو وزيراعظم شهباز شريف چيو هو ته ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ امن معاهدي جي مسودي تي اتفاق ٿي ويو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف سوشل ميڊيا تي ايران-آمريڪا معاهدي تي اتفاق جو اعلان ڪندي آمريڪي صدر ٽرمپ، نائب صدر جي ڊي وينس، مارڪو روبيو، اسٽيو وِٽڪوف ۽ ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي کي ٽيگ ڪيو هو.
وزيراعظم چيو ته هو انهن ماڻهن جي ناڪاري مهم کان واقف آهي جيڪي پاڪستان جي ٽياڪڙي جي ڪوششن دوران امن معاهدي کي ڦٽائڻ چاهين ٿا، گوڙ کي نظرانداز ڪندي، هو تصديق ڪري سگهي ٿو ته امن معاهدي جي آخري مسودي تي اتفاق ٿي ويو آهي.
شهباز شريف جو چوڻ هوته پاڪستان ايندڙ قدمن کي آخري شڪل ڏيڻ لاءِ ڌرين سان ويجهي سان ڪم ڪري رهيو آهي ۽ سمجهي ٿو ته امن ڪڏهن به هاڻي جيترو ويجهو نه رهيو آهي.
آمريڪا ۽ ايران وچ ۾امن معاهدو ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ طئي ٿيڻ جي اميد آهي: شهباز شريف
You might also like