ملڪ جي سياسي منظرنامي مان لڳي ٿو ته پيپلز پارٽي لاءِ سياسي طور ڏکيا ڏينهن شروع ٿي ويا آهن. (ن) ليگ ۽ اسٽيبلشمينٽ پيپلز پارٽيءَ کي ڪمزور ڪرڻ تي متفق نظر اچي رهن آهن. (ن) ليگ جو 16 مهينن ۾ جيڪو سياسي نقصان ٿيو آهي. اسٽيبلشمينٽ ان نقصان جي پورائي لاءِ شايد (ن) ليگ کي چونڊن ۾ کليل ميدان ڏيڻ چاهي ٿي ان لاءِ پي ٽي آءِ کي ته ختم ڪيو ويو، استحڪام پاڪستان پارٽيءَ مان (ن) ليگ ڪو خطرو محسوس نه ٿي ڪري ان جي ابتڙ آءِ پي پي کي (ن) ليگ مستبقل ۾ پنهنجو اتحادي سمجهي ٿي ان ڪري (ن) ليگ لاءِ سياسي ميدان ۾ هينئر پيپلز پارٽي چئلينج بڻيل آهي. تنهن ڪري به ته اڳوڻو صدر آصف علي زرداري واضح طور چئي چڪوآهي ته هو پنهنجي زندگيءَ ۾ بلاول ڀٽو زرداري کي وزيراعظم ڏسڻ چاهي ٿو. ان ڪري به (ن) ليگ آصف علي زرداري کان ڇرڪيل آهي. ان ڪري اسٽيبلشمينٽ شايد! نواز شريف کي خاطري ڪرائي آهي ته پيپلز پارٽيءَ کي سياسي ميدان ۾ هڪ حد تائين محدود ڪيو ويندو ان جو هڪ ٻيو سبب وڏو بلاول ڀٽو زرداري جو پارليامينٽ کي آخري خطاب آهي جنهن ۾ هن چيو هو ته آصف زرداري ۽ نواز شريف 30 ورهين کان جيڪا سياست ڪري رهيا آهن، مونکي ۽ مريم نواز کي به اها ئي سياست ڪرڻ تي مجبور نه ڪيو وڃي. جڏهن ته نگران وزيراعظم جي نامزدگيءَ تي به پيپلز پارٽيءَ کي اعتماد ۾ نه وٺڻ تي بلاول ڀٽو زرداري کي ناراضگي آهي. جنهن جي اسٽيبلشمينٽ کي به ڄاڻ آهي.
جڏهن ته رضا رباني، فرحت الله بابر ۽ خورشيد شاهه جي اسٽيبلشمينٽ مخالف بيانن تي به طاقتور حلقن کي ڪاوڙ آهي ۽ بلاول ڀٽو زرداري تي اعتماد ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. جڏهن ته آصف علي زرداري طبيعت جي خرابي سبب فعال ڪردار ادا ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نه آهي. ان ڪري (ن) ليگ ۽ اسٽيبلشمينٽ هڪ صفحي تي آهن. ٽيون ڪارڻ اهو آهي ته سعودي عرب، چين، عرب امارات، قطر، ايران ۽ ٻين دوست ملڪن سان سيڙپڪاري جا معاهدا شهباز شريف ڪيا آهن. آءِ ايم ايف جو پروگرام بحال ڪرائڻ ۾ به شهباز شريف ڪردار ادا ڪيو. جڏهن ته دوست ملڪن کان مالي مدد حاصل ڪرڻ ۾ به شهباز شريف ۽ نواز شريف اهم ڪردار ادا ڪيو ان ڪري اسٽيبلشمينٽ جي خواهش آهي ته انهن سڀني ڪمن جي اجرت به (ن) ليگ کي بنا رنڊڪ جي ايندڙ حڪومت جي صورت ۾ ملڻ گهرجي.
اسٽيبلشمينٽ جي اها خواهش ۽ نوازشريف کان فرمائش هوندي ته مستقبل ۾ به وزيراعظم شهباز شريف کي بڻايو وڃي. ٻي صورت ۾ نواز شريف کي به قبول ڪيو ويندو ۽ پيپلزپارٽي کي ڪمزور اتحادي طور قبول ڪيو ويندو. راڻا ثناءُ الله جنهن ڊيل جي ڳالهه ڪري رهيو آهي ان ڊيل جو اهم نقطو پيپلز پارٽي کي سياسي طور محدود ڪرڻ جو به شامل آهي. ڇو ته هاڻي (ن) ليگ کي عمران خان مان نه آصف علي زرداريءَ مان خطرو محسوس ٿي رهيوآهي. ان ڪري نظر اهو اچي رهيو آهي ته مستقبل ۾ اسٽيبلشمينٽ ۽ ن ليگ جي ڳٺ جوڙ سان پيپلز پارٽيءَ جو مقابلو ٿيندو. پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ اڳ ئي پيپلز پارٽي ڪمزور آهي. آصف علي زرداري سڄو زور پنجاب تي لڳايو خاص طور ڏکڻ پنجاب ۾ سياسي پوزيشن بهتر ڪرڻ تي ڌيان ڏنو پر اسٽيبلشمينٽ جي پ پ مخالف پاليسي هاڻي ان ۾ به رنڊڪ بڻجندي نظر اچي رهي آهي. ماضيءَ ۾ اسٽيبلشمينٽ پي ٽي آءِ جي ڌر بڻجي باقي سياسي پارٽين کي ڀت سان لڳايو.
هاڻي وري (ن) ليگ جي اتحادي بڻجي پي ٽي آءِ سميت (ن) ليگ لاءِ چئلينج بڻجندڙ سياسي پارٽين کي ڀت سان لڳائڻ جي پاليسي آڏو اچي رهي آهي. سنڌ جي 4 اڳوڻن وزيرن سميت 48 اهم سياستدانن ۽ ڪامورن جي پرڏيهه وڃڻ تي پابندي پيپلز پارٽيءَ کي اهم اشارو يا پيغام آهي. آصف علي زرداري به سياسي شطرنج جو وڏو کيڏاري آهي ڏسڻو آهي ته پيپلز پارٽيءَ کي نئين گهيري مان ڪيئن ڪڍي پار پئي ٿو يا تاريخ پاڻ ورجائيندي ۽ پيپلز پارٽي هڪ ڀيرو ٻيهر بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ ٽڪر کائيندي؟
ڇا نواز شريف ميثاق جمهوريت کي وساري اقتدار جي خاطر هڪ ڀيرو ٻيهر اسٽيبلشمينٽ سان ٺاهه ڪري ٻين جمهوري سياسي پارٽين جي رستا روڪ ڪندو؟ ڇا اختر مينگل جو اهو مهڻو درست سمجهيو ويندو جيڪو هن نوازشريف کي ڏنو ته ” لڳي ٿو ته اوهان ماضيءَ مان اڃا سبق ناهي سکيو“ بلوچ اڳواڻ آخر ڪهڙي ڪيفيت مان اهو طعنو ڏنو. سمجهيو پئي ويو ته اسٽيبلشمينٽ جي اعلان مطابق اڻ ڌري آهي پر حالتن مان اسٽيبلشمينٽ جي اها دعويٰ درست نظر نه ٿي اچي.
لڳي ٿوته اڃا ڪئي ٻليءَ جي راند جاري آهي نه سياسي پارٽين سبق سکيو آهي نه ئي اسٽيبلشمينٽ تجرباتي ليبارٽري کي تالو هنيو آهي. نواز شريف کي پيپلز پارٽيءَ تي تڏهن کان ڪاوڙ آهي جڏهن بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ٻوڏ متاثرن لاءِ بجيٽ ۾ رقم نٿا رکو ته بجيٽ پاس ڪري ڏيکاريو. اسٽيبلشمينٽ کي اها ڪاوڙ آهي ته بلاول ڀٽو چيو هو ته ادارن کي آئيني حدن ۾ نه آڻي سگهيا آهيون جيتوڻيڪ هن جو اشارو عدليه ڏانهن هيو پر اسٽيبلشمينٽ پاڻ ڏانهن سمجهيو ۽ ڪاوڙ کي دل ۾ سنڀالي رکيو. ان سڄي صورتحال جو حاصل مقصد اهو آهي ته پيپلز پارٽي هڪ ڀيرو ٻيهر وڏي امتحان ۾ پوندي نظر اچي رهي آهي. آصف علي زرداري ۽ نواز شريف جي سياسي بصيرت جو به امتحان آهي. ڇو ته جمهوريت تڏهن مضبوط ٿيندي جڏهن رياستي ادارا پنهنجين آئيني حدن ۾ رهي طئي ٿيل ڪردار ادا ڪندا ۽ سياسي پارٽيون هڪ ٻئي کي برداشت ڪنديون سياسي ميدان ۾ هڪ ٻئي جو مقابلو ڪنديون، غيبي طاقتن جي ڪلهن تي سوار ٿي هڪ ٻئي جي رستا روڪ نه ڪنديون.