اها حقيقت هاڻي عام پاڪستانين جي اکين کان ڳجهي نه رهي آهي ته اسان وٽ ھڪڙي ”حڪومت “ آھي جيڪا ”نظر ايندڙ “ آهي. ان کي ”سياسي ناٽڪ “ جيان ئي ڪٺ پتلي جي روپ ۾ پيش ڪيو وڃي ٿو، ماڻهو انھن جي نمايان چهرن ۽ ”ڪارنامن“ مان ٿڪجي پون تھ تماشي ۾ نوان ڪردار متعارف ڪرايا وڃن ٿا.
اپريل 2016ع ۾ پھٿ سان جوڙيل پاناما دستاويز جو ڌماڪو ڪندڙ ”انڪشاف“ بعد ذڪر ڪيل ”پتلي تماشو“ ڏاڍو دلچسپ ٿيو. جنهن جي ڪري ملڪ جو ٽي ڀيرا چونڊيل وزيراعظم نواز شريف ملڪ جي اعليٰ ترين عدالت جي ھٿان سياسي عمل ۾ حصو وٺڻ کان تاحيات نااهل قرار ڏنو ويو. ان مان فارغ ٿيڻ بعد ڪرڪيٽ جي ڪري پنهنجي ڪرشمي ساز سان مشهوري ماڻيندڙ عمران خان ”ديدور“ جي صورت ۾ اڀرڻ شروع ٿيو.
جولاءِ 2018 جي چونڊن دوران رياست جي طاقتور ادارن ھن جي کليل سرپرستي ڪئي.وزارت اعظميٰ جي منصب سنڀالڻ بعد آڪٽوبر 2021 تائين ”سيم پيج“ جي برڪتن سان فيض ياب ٿيندو رھيو. مٿين برڪتن جي باوجود،بھ رياست جي بقا يقيني بڻايندڙن کي آخرڪار ”مزو“ نه آيو. اڳتي هلي جيڪو ٿيو سو تازي تاريخ آهي. ان کي ورجائڻ وقت جو زيان ٿيندو.
بهرحال عمران جي جاءِ تي اسان جي ٽن اھم سياسي جماعتن ۽ انھن جي ”اتحادين“ تي ٻڌل حڪومت اٽڪل 16 مهينا اقتدار ۾ رهڻ کانپوءِ ھاڻي گھر رواني ٿي چڪي آھي. رياست کي ڏيوالپڻي مان ٻاھر ڪرڻ جي گوڙ ڪندي ان حڪومت ڪافي وڏا غير مقبول فيصلا ڪيا، جنھن جي ڪري انهن جماعتن جو مبينا ”ووٽ بئنڪ“ تباهه ٿي ويو،انھن جي قيادت جي خلاف بھرحال رياست کاتي وار يا احتسابي ادارن ڪوڙا يا سچا جيڪي بھ ڪيس جوڙيا ھئا سي ساڳي شدت سان برقرار رهيا. هاڻي ٻين ڪردارن کان ”رسيدون“ سڏجي رهيون آهن. انهن جو انجام ڇا ٿيندو؟ ان سوال جو جواب ڳولڻ هن وقت منهنجي مٿي جو سور ناهي.
اڄ جيڪا ڳالهه منهنجي توجهه جي حقدار آهي اها ھي حقيقت آهي تھ بلوچستان مان اڀريل ھڪ لڳ ڀڳ جوان جماڻ ۽ وچولي طبقي سان تعلق رکندڙ انوارالحق ڪاڪڙ صاحب حيران ڪندڙ انداز ۾ نگران وزارت اعظميٰ جي منصب تي ويھاريو ويو آھي. نگران حڪومت جي قيام کان اڳ ”چونڊيل حڪومت“ گھڻي تڪڙ ۾ اھڙا منظور قانون ڪيا.جن نگران وزيراعظم کي باقاعده چونڊيل وزيراعظم جا اختيار ڏئي ڇڏيا.آءِ ايم ايف سان معاھدي تي مڪمل عمل ڪرائڻ ان فيصلي جي جواز طور پيش ڪيو ويو. ”نگران وزيراعظم“ کي بااختيار بڻائڻ کانپوءِ شهباز حڪومت گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس به طلب ڪري ورتو.ذڪر ڪيل اجلاس ۾ تازو ٿيل آدمشماري تي مھر لڳائي ڇڏي.ان بعد آئيني اعتبار سان لازمي ٿي ويو تھ ايندڙ چونڊون نئين آدمشماري جي ”حقيقتن“ کي ذھن ۾ رکي نئين تڪبندين جي جوڙجڪ بعد ئي منعقد ٿين.
مٿين ذڪر ڪيل فيصلن کان پوءِ اوھان کي اهو طئي ڪرڻ لاءِ سياست جي ڪنھن اعليٰ ترين ڊگري جي ضرورت ناهي ته ايندڙ چونڊون ”90 ڏينهن اندر“ نه ٿي سگھنديون،اليڪشن ڪميشن جيڪڏھن نيئن تڪبندين جو عمل انتھائي تڪڙ ۾ مڪمل ڪري ورتو تڏھن پڻ چونڊون ايندڙ سال فيبروري جي آخري هفتي کان اڳ نه ٿي سگھنديون. اهو معاملو مارچ جي پهرين ڏهين ڏينهن تائين بھ ملتوي ٿي سگهي ٿو. قصو مختصر انوارالحق ڪاڪڙ جي اڳواڻيءَ ۾ قائم ٿيل نگران حڪومت گهٽ ۾ گهٽ ايندڙ 6 مهينن تائين اقتدار ۾ رهي سگهي ٿي.
پر پنھنجي اقتدار دوران ”نگران حڪومت“ کي پنهنجي دور ۾ پاڪستان جي ڪيئن ڏهاڪن کان گڏ ٿيل مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪي ”انقلابي“ نظر ايندڙ قدم کڻڻا پوندا. اسان بي اختيار ماڻهن کي ڪو علم ناهي ته اسان وٽ ڪهڙين قوتن يا فردن ڪجھھ قدمن کي وڏي غور ويچار کان پوءِ وطن عزيز جي بقا ۽ ڊگهي مدي جي خوشحالي ۽ استحڪام لاءِ ”انقلابي“ سمجهيا آهن. جيڪڏهن انهن جي نشاندهي به ٿي وڃي ته به تجويز ڪيل قدم نھايت احتياط سان اختيار ڪيل حڪمت عملي کان پوءِ ئي متعارف ڪرائي سگهجن ٿا، ڪينسر جهڙي موذي مرض جي تشخيص ٿيڻ کان پوءِ ان جي مرض کي ”ڪيموٿراپي“ جي لاءِ ذهني طور تي تيار ڪيو ويندو آهي، ڪڏهن ڪڏهن اهو فيصلو بھ ڪيو ويندو آهي ته مريض هاڻي "ڪيموٿراپي” کي برداشت ڪرڻ جي قابل نھ رھيو آھي. بهتر اھو ئي آهي ته هن کي درد ۽ مصيبت کي برداشت ڪرڻ جي طاقت مھيا ڪئي وڃي.