اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي جو تعلق مسلم ليگ (ن) سان آهي. هن جا ميان نواز شريف ۽ شهباز شريف سان قريبي سياسي تعلقات آهن. جيئن ئي شهباز شريف جي حڪومت جو مدو پورو ٿيو. قومي اسيمبلي جو آخري اجلاس ختم ٿيڻ کان پوءِ ، اسيمبلي کان ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ، تحليل ٿيل اسيمبلي بدترين هئي. جنهن جو حصو بڻجڻ تي آئون ، عوام کان معافي وٺان ٿو ۽ ان مان نجات ملڻ سان عوام کي ضرور خوشي ملندي. سندس چوڻ هو ته ، تاريخ ان جو فيصلو ڪندي ته اسان ڇا ڪيو آهي. ڪهڙو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي. جڏهن ته عوام ڪجهه نه ماڻيو. پر، رڳو وڃايو ئي وڃايو آهي. خير اهو سندس ذاتي رايو ۽ خيال آهي. کيس ايوان لاءِ “بدترين” لفظ استعمال نه ڪرڻ گهرجي ها. تنهن هوندي به هو پنهنجي مرضي جو مالڪ آهي ۽ پنهنجي راءِ رکي ٿو. هن ان حڪومت جو حصو بنجي ڪافي وقت گذاريو آهي. پاڻ ، ايوان کي ويجهو ٿي ڏٺو اٿس. هن ڇا ڏٺو ،ڇا سمجهيو ، ڇا ٻڌو ۽ محسوس ڪيو. سو ، پاڻ ئي بهتر سمجهي ٿو. اسان ان متعلق ڪجهه به چئي نه ٿا سگهون. بهرحال شاهد خاقان عباسي به ، ڄاڻايل حڪومت مان بيزاري جو اظهار ڪيو آهي. ٻئي طرف جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسن محنتي جو چوڻ آهي ته، پي ڊي ايم اتحادي حڪومت جي سورنهن مهينن واري دور کان نجات ملي آهي ۽ ان حڪومت مهانگائي ، ڪرپشن ۽ معيشت جي تباهي جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. سورنهن مهينن دوران پارليامينٽ ۾ 125 منظور ڪيل بلن ۾ هڪ به عوام جي مفادن لاءِ ڪونه آهي. اهو ، عوامي مسئلن ۾ عدم دلچسپي جو واضح ثبوت آهي. هن وڌيڪ چيو آهي ته ، مهانگائي عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي.
پاڪستان تحريڪ انصاف جي خلاف ، مذڪوره حڪومت ڪات ڪهاڙا کڻي پٺيان لڳي پئي. جنهن ڪري هن پارٽي تي ڏکيا ڏينهن اچي ويا. ڪي اڳواڻ جيلن ۾ آهن ته ڪي فرار آهن ته ڪي وري پنهنجيون وفاداريون ۽ همدرديون بدلائي آزاد ٿي ويا. هاڻ ، جڏهن اتحادي حڪومت جا سورنهن مهينا پورا ٿي ويا آهن. اسيمبلي تحليل ٿي چڪي آهي. تڏهن پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان شڪر ۽ نجات جو ڏهاڙو پڻ ملهايو ويو آهي. اتحادي حڪومت جي خاتمي تي پي ٽي آءِ سان تعلق رکندڙ ماڻهو خوش ٿيا آهن. ان ، پارٽي جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته ، پي ڊي ايم جي نااهل حڪومت تباهي ۽ بدترين مهانگائي آندي. هڪ پڌرائي موجب پارٽي جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ ، پي ڊي ايم جي نااهل حڪومت جي تباهي جو تفصيلي تجزيو ، عوام جي سامهون رکڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو آهي. هاڻ ڏسجي ته اهو تجزيو ڪڏهن ٿو پيش ڪيو وڃي يا مورڳو اهو هڪ بيان ڏنو اٿن. ان کان اڳتي ڪجهه به ڪونه آهي. اها خبر ايندڙ چند ڏينهن ۾ پئجي ويندي. بهرحال پي ٽي آءِ وارن تي تمام گهڻيون سختيون ڪيون ويون آهن ۽ اهو سلسلو اڃا به جاري و ساري آهي ته ،هن وقت ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي عوام کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي. صوفي فنڪار سيد محبوب علي شاهه جو چوڻ آهي ته ، صوفي فنڪارن لاءِ روزگار اهم مسئلو بنجي ويو آهي. غربت ۽ معاشي قتل ، عام عوام کان خوشيون ئي کسي ورتيون آهن. سرڪار حقيقي فنڪارن کي نظرانداز ڪري پنهنجا نوازي ڪئي آهي.
عوامي مسلم ليگ جي سربراهه ۽ اڳوڻي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته ، هيءَ سورنهن مهينن جي اسيمبلي ، پاڪستان جي سياسي زندگي جي بدترين غريب دشمن ، جمهوريت دشمن ۽ عوام دشمن اسيمبلي جي طور تي هميشه ياد رکي ويندي. سنڌ هائوس ۾ ميمبرن جي خريد ۽ وڪرو سان ٺهندڙ سازشي اسيمبلي ٽٽي ويئي آهي. شهباز شريف صرف پنهنجا ڪيس ختم ڪرايا. تقريرون ، تصويرون ۽ تعريفن کان سواءِ ڪو ٻيو ڪم ڪونه ڪيو. هن هڪ ئي ڏينهن ۾ 121 بل به پاس ڪرائي اسيمبلي کي بلن جي فيڪٽري بنائي ڇڏيو ۽ جيلن کي بي گناهه ڪارڪنن سان ڀري ڇڏيو. پر، عوام تي بجلي ۽ اٽي جي مهانگائي جا بم ڪيرايا ويا. سائفر کي مذاق بنايو ويو. هنن جي دعويٰ هئي ته پنهنجا ڪپڙا وڪرو ڪري غربت ۽ مهانگائي ختم ڪرڻ آيا هئا. پر، هنن غريبن جا ڪپڙا به لهرائي ڇڏيا. جنهن ڪري ملڪ ۾ غربت جي شرح ۾ اضافو ٿيو.
اهي ته آهن سياسي ماڻهن جا بيان ، جن شهباز شريف جي حڪومت تي تنقيد ڪئي. پر، عام ماڻهن جي سوچ انهن کان مختلف ڪونه آهي. ماڻهن جي اڪثريت چئي رهي آهي ته ، شهباز شريف جي حڪومت مهانگائي ڪري عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو هو. غريبن جا ٻئي هٿ مٿي تي اچي ويا هئا. روزگار جا دروازا بند ٿي چڪا هئا. بدامني وڌي رهي هئي. خونريزي ۽ قتل غارتگري جي بازار گرم هئي. هڪ طرف عوام ، ان حڪومت مان بيزار رهيو ته ٻئي طرف ڄاڻايل حڪومت ۾ شامل سياسي ڌريون پنهنجي ساراهه ۽ واکاڻ پاڻ ڪنديون وتن.
بهرحال اها حڪومت اسيمبلي جو ، مدو پورو ڪري هلي ويئي. هاڻ ڏسجي ته نگران حڪومت ڪيئن ٿي ملڪ کي هلائي. جيڪڏهن اتحادي حڪومت جي نقش قدم تي هلڻ شروع ڪيو ته پوءِ عوام وڌيڪ خفا ٿيندو ۽ بيزاري ڏيکاريندو. جنهن لاءِ ضروري آهي ته ، نگران وزير اعظم ڪوششون وٺي صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائي ۽ ڪاميابي ماڻيندڙ پارٽي کي ملڪ جون واڳون ڏيئي عوام کي مونجهارن مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري ، پنهنجي ٿوري مدت ۾ مهانگائي تي ضابطو آڻڻ جي ضرورت آهي. بدامني وڌندي پئي وڃي. ان کي ختم ڪري امن و امان جي فضا قائم ڪرڻ لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏي. تڏهن وڃي عوام جي چهرن تي مرڪون اينديون ۽ خوشي پيدا ٿيندي.