فيصل آباد واقعو، پنجاب ۽ سنڌ ۾ وڌندڙ مذهبي ڪٽرپڻو

رياض بلوچ

پنجاب جي شهر فيصل آباد جي تعلقي جڙانوالا ۾ عيسائين جي گهرن ۽ عبادتن تي ڪاھ ڪري پنج چرچ ساڙيا ويا آهن۔ خبرن موجب، سوشل ميڊيا ۽  لائوڊ اسپيڪرن وسيلي ٻن عيسائي نوجوانن تي قرآن شريف جي توهين جو الزام هڻي ماڻهو گڏ ڪيا ويا، ڪجهه  ئي ڪلاڪن ۾ پنج کان ڇهھ هزار ماڻهن گڏ ٿي جڙانوالا جي عيسيٰ نگري نالي آبادي جو رخ ڪيو، جتي عيسائي عباتگاهن ۾ ڀڄ ڊاهه ڪري انهن کي باھ ڏئي ساڙيو ويو، جنهن جي ڪري عبادت گاهن جي عمارتن کي نقصان پهتو آهي. جنوني وڳوڙين پاران اهڙيون ڪارروايون مسيحي برداري جي ٻين علائقن ۾ به جاري رهيون. اهو واقعو يقينن ڳڻتي جوڳو آهي پر  پاڪستان جي تاريخ  ۾ اقليتن تي ڪاھ ڪرڻ جو هي ڪو پهريون واقعو ناهي.

ننڍي کنڊ جي ورهاڱي دوران ئي مهاجرن جو قتل عام شروع ٿيو هو، هندستان جي حدن ۾ مسلمان ۽ پاڪستان ۾ هندو سک ۽ ٻيون اقليتون غير محفوظ بڻجي ويون هيون، هزارين ماڻهو قتل ۽ لکين ماڻهو دربدر ٿيا۔ ورهاڱي کان پوءِ نه رڳو پاڪستان پر هندستان ۾ به مذهبي ڪٽڙو يا رجعت پرستن هٿان  ٻين مذھبن جي بي گناهه انسانن جي آبادين ۽ عبادتگاهن تي حملا پڻ مختلف وقتن تي ٿيندا رهيا آهن۔  بابري مسجد، گجرات ۽ جمون ڪشمير ۾ مذهب ۽ مسلڪ جي جهيڙي سبب لاتعداد انساني زندگيون موت جو کاڄ بڻبيون رهيون. اڳتي هلي مختلف وقتن تي ٿيندڙ هندو مسلم فساد ۽ ان جي نتيجي ۾ مسلمانن جو قتل عام ان جا چٽا ۽ پڌرا مثال آهن، پر تنهن هوندي به ڀارت ۾ رياستي طور مسلمانن کي برابر جو شهري مڃيو ويو آهي، تنهن ڪري مسلمانن کي رياستي ادارن ۽ حڪومت ۾ مکيه عهدن تي ڪم ڪرڻ جو موقعو ملندو رهيو آهي۔ ڊاڪٽر عبدالسلام مسلمان هوندي به ڀارت جو صدر رهي چڪو آهي۔

بدقسمتي سان پاڻ وٽ صورتحال مختلف رهي آهي۔ پاڪستان ۾ توڙي جو جناح صاحب  جي تقريرن ۽ ان کان پوءِ جي حڪمرانن جي بيانن ۾ اقليتن کي مڪمل تحفظ حاصل هئڻ جي هام هنئي وئي آهي ۽ کين برابر جو شهري تصور ڪيو ويو آهي پر زميني حقيقتون سدائين ان جي ابتڙ رهيون آهن۔ صدر ۽ وزير اعظم جي لاءِ  آئيني طور اهو لازم آهي ته هو مسلمان هجي پر ان کان هيٺئين سطح تي به اقليتن کي موقعو ڏيڻ جي روايت نه رهي آهي۔ پاڪستان ۾ بلوچن ۽ سنڌين جيان اقليتن جي وفاداري کي به مشڪوڪ نظرن سان ڏٺو ويو آهي۔ جوڳيندر ناٿ منڊل پاڪستان جي پهرين ڪابينا ۾ قانون جو وزير هو ۽ جناح صاحب کانئس قانون ساز اسمبلي جي اجلاس جي صدارت ڪرائي هئي پر ڪجهه  وقت کان پوءِ کيس غدار سمجهيو ويو تنهن ڪري هو پاڪستان مان لڏي ويو۔

پاڪستان ۾ مذهبي ڪٽرپڻي جو ٻڄ ته شروعاتي ڏينهن ۾ ئي ڇٽجي چڪو هو پر جنرل ضيا جي دور ۾ ان جي خاص طور آبياري ڪئي وئي، سندس ڏهن سالن جي دور آمريت ۾ بنياد پرستيءَ جو ٻوٽو وڌي وڻ ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان جا شهر، ٻهراڙيون، جبل، بيابان، روڊ رستا ڪلاشنڪوفن جي ڪڙڪاٽ ۽ بم ڌماڪن سان گونجڻ لڳا۔  نه رڳو اقليتي عبادتگاهن پر  مسجدن، امام بارگاهن، درگاهن کي به بي گناهه انسانن جي رت سان وهنجاريو ويو۔ ڪجهه  وقت اڳ تائين ڪراچي، ڪوئيٽا، لاهور، پشاور ۽ ٻين شهرن ۾ ماڻهو صبح جو گهران نڪرندا هئا ته کين شام جو موٽي گهر اچڻ جي پڪ نه هئي۔ توڻي جو ضرب عضب آپريشن کان پوءِ  دهشتگردي جي اهڙن واقعن ۾ تمام گهٽتائي آئي آهي پر ته اسان جي سماج ۾ مذهبي ڪٽرپڻي ۽ پاڻ کان مختلف عقيدو  رکندڙ ماڻھن بابت سهپ جو رويو ڄڻ ته اڻ لڀ ٿي چڪو آهي تنهن ڪري مختلف وقتن تي اهڙا لڱ ڪانڊاريندڙ واقعا ٿين ٿا جيڪي سماج کي لوڏي ڇڏين ٿا۔

خبرن موجب 2009 ۾ ساڳي شهر فيصل آباد جي تعلقي گوجرا ۾ هڪ اهڙي واقعي ۾ ڇھن عيسائين کي ماريو ويو هو، ۔ 2013 ۾ لاهور جي جوزف ڪالوني ۾ عيسائي آبادي تي حملو ٿيو ۽ نتيجي طور سوين ڪٽنب لڏپلاڻ تي مجبور ٿيا۔ 2014 ۾ قصور ۾ شهزاد مسيح ۽ ان جي ڳورهاري زال کي جيئرو ساڙيو ويو۔ 2021 ۾ سيالڪوٽ ۾ رهندڙ سريلنڪا جي شهري پريانٿا ڪمارا کي تشدد ڪري مارڻ کان پوءِ وچ بازار ۾ ساڙيو ويو۔  سماجي تنظيم ايس ڊي پي آءِ پاران سماجي ماهرن کان ڪرايل تحقيق ۾ پنجاب ۾ وڌندڙ ڪٽرپڻي جي روين جو سائنسي نموني تجزيو ڪيو ويو آهي، جن جي اڀياس کان پوءِ ڪٽرپڻي جي وڌندڙ لاڙي ۽ ماڻهن ۾ اسهپ جي روئي کي چڱي ريت سمجهي سگهجي ٿو۔

ساڳي ريت سنڌ ۾ وري هندن جي قتل، هندو نياڻين جي اغوا ۽ زوري مذھب مٽائڻ ۽ صاحب حيثيت هندو خاندانن جي ننڍڙن ٻارن کي ڀنگ لاءِ  اغوا ڪرڻ جو خبرون به منظر عام تي اينديون رهن ٿيون۔ سنڌ جي مختلف علائقن ۾ مندرن تي ڪاھن جا واقعا پڻ ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ وڌي رهيا آهن۔ جيڪڏهن تاريخي طور سنڌي سماج جو جائزو وٺجي ته ماضيءَ ۾ تصوف جي ڪري مذهبي ڪٽرپڻي تي سيڪيولر سوچ حاوي هئي پر موجوده دور ۾ صورتحال بدلجي وئي آهي، اها منفي تبديلي يقينن پاڻ مرادو نه آئي آهي، ان جا ڪيترائي ڪارڻ ۽ محرڪ ٿي سگهن ٿا۔ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته نه رڳو انهن ڪارڻن ۽ محرڪن کي بحث هيٺ آندو وڃي بلڪه انهن جي خاتمي يا پکيڙ کي روڪڻ لاءِ  ڪا رٿابندي ڪجي۔ ان ڏس ۾ هڪ سماجي تنظيم ايس ڊي پي آءِ گهڻي وقت کان ڪم رهي آهي جنهن پاڪستان جي ٻين صوبن سان گڏ سنڌ ۾ وڌندڙ بنياد پرستيءَ ۽ مذهبي ڪٽرپڻي جي روين جي جائزي لاءِ  مذاڪرا ، ميڙاڪا ۽ سيمينار ڪرايا آهن، جن ۾  سماجي علمن جي ماهر يونيورسٽين جي استادن، صحافين، وڪيلن ۽ ٻين شعبن جي ماهرن کي گهرائي سنڌ ۾ وڌندڙ مذهبي ڪٽرپڻي ۽ ان جي هاڃيڪار اثرن کي روڪڻ لاءِ  صلاحون پئي ورتيون آهن۔ انهن ماهرن جي تجزين ۽ صلاحن کي لکت ۾ آڻي ڇپايو آهي، جن کي پڙهڻ سان نه رڳو بنياد پرستي جي ڪارڻن کي سمجهڻ ۾ مدد ملندي پر جيڪڏهن حڪومتي سطح تي انهن صلاحن تي عمل ڪيو وڃي ته گهڻي بهتري جي اميد به ڪري سگهجي ٿي۔

سنڌ ۾ مذهبي ڪٽرپڻي ۾ واڌ جو هڪ مکيه ڪارڻ اهو به آهي ته هتي جون سموريون ترقي پسند ڌريون فقط وڏن شهرن تائين محدود  ٿي ويون آهن جڏهن ته رجعت پرست ڌريون ننڍن شهرن ۽ خاص طور ٻهراڙين کي پنهنجو مرڪز بڻائي چڪيون آهن، هو ماٺ ميٺ ۾ پنهنجي سوچ عوام تائين پهچائڻ ۾ سرگرم آهن۔ جنهن جو اندازو ڪجهه  مزاحيه ملن جي جلسن ۾ گڏ ٿيندڙ عوامي ميڙ مان لڳائي سگهجي ٿي۔

اهڙن جلسن ۾ عام عورت جي ڪردار ڪشي ته عام آهي پر سنڌ جي ماڻهن کي ياد هوندو ته ڪجهه  وقت اڳ هڪ مذهبي اڳواڻ محترمه بينظير ڀٽو جي لاءِ  به گٿا لفظ ڳالهايا هئا ۽ ميڙ ۾ موجود ڪنهن به ماڻهو ان جي مذمت نه ڪئي هئي۔ توڻي جو سوشل ميڊيا تي ان بدتميزي خلاف ڀرپور احتجاج ٿيو ۽ ميڙ ۾ موجود هڪ ٻئي مذهبي اڳواڻ ان جي وضاحت ڪرڻ تي مجبور به ٿيو پر ساڳي همراهه ڪجهه  وقت کان پوءِ سنڌ ۾ هولي ملهائڻ جي مخالفت ڪندي هولي ملهائيندڙن کي ڀارت لڏي وڃڻ جو سخت بيان به ڏنو۔

تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڪٽرپڻي جي رويي کي ٻنجو ڏئي مذهبي هم آهنگي جو ماحول جوڙڻ لاءِ  سماجي تنظيمن، ساڃاهه وندن ۽ حڪومتي ادارن کي گڏجي سگهاري ۽ پر اثر رٿابندي ڪرڻ گهرجي۔

عام ماڻهن سان علائقي جي ٿاڻن، انتظاميا ۽ صوبائي حڪومتن کي پڻ ان ڏس ۾ ڪردار ادا ڪرڻ اهڙن واقعن کان پهريان ئي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو سسٽم ايترو مضبوط هجڻ گهرجي ته  جيئن ڪوبه  قانون هٿ ۾ نه  کڻي، هر فرد کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ته  جيئن سماج ۾ برداشت، سهپ، برابر ۽ هڪجهڙائي جو ماحول جڙي سگهي، جنهن ۾ غير مسلم برادري جا حق محفوظ هجن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.