لاهور (ويب ڊيسڪ) ق ليگ سربراهه ۽ اڳوڻي وزيراعظم چوڌري شجاعت حسين کي پاڪستان باڊي بلڊنگ فيدريشن جو چيئرمين چونڊيو ويو.
چوڌري شجاعت حسين سان سندس رهائشگاهه تي پاڪستان باڊي بلڊنگ فيڊريشن جي صدر محمد طارق حسن ۽ سيڪريٽري سهيل انور ملاقات ڪئي.
چوڌري شجاعت حسين ايشين باڊي بلڊنگ چيمپيئن شپ ۾ پهريون ڀيرو 5 گولڊ ميڊل آڻڻ تي طارق حسن ۽ سهيل انور کي مبارڪباد ڏني.
طارق حسن چيو ته چوڌري شجاعت جون ملڪ لاءِ خدمتون لازوال آهن، جيڪي فيڊريشن ۽ پاڪستان جي باڊي بلڊرن لاءِ فائديمند ثابت ٿينديون.
اڳوڻي وزيراعظم چوڌري شجاعت چيو ته قومي رانديگر ملڪ جا هيروز هوندا آهن، پاڪستان اسان جو ملڪ آهي ۽ اسان کي پاڪستاني هجڻ تي فخر آهي.
سهيل انور چيو ته چوڌري شجاعت جي چيئرمين بڻجڻ سان ملڪ ۾ باڊي بلڊنگ جي هڪ نئين دور جي شروعات ٿيندي.
You might also like