بلوچستان ۾ اڌ آبادي غربت جو شڪار

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اقتصادي سروي 2025-26 ۾ پاڪستان ۾ غربت جي شرح ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جيڪو 28.9 سيڪڙو تائين وڌي ويو آهي. شهرن جي ڀيٽ ۾ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ غربت وڌيڪ وڌي وئي آهي، اهڙي طرح هر 100 شهري مان لڳ ڀڳ 29 غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن. وفاقي حڪومت پاران جاري ڪيل قومي اقتصادي سروي 2025-26 ۾ چيو ويو آهي ته هر مهيني 8,483 رپيا ڪمائيندڙ شهري کي غربت جي لڪير کان مٿي سمجهيو ويندو آهي، جيڪو 30.5 آمريڪي ڊالر جي برابر آهي. علائقائي انگن اکرن موجب، ٻهراڙي  وارن علائقن ۾ غربت جي شرح 36.2 سيڪڙو ۽ شهري علائقن ۾ اها 17.4 سيڪڙو آهي. صوبائي سطح تي صورتحال جي مطابق، بلوچستان ۾ سڀ کان وڌيڪ غربت جي شرح 47 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.صوبائي سطح تي، پنجاب ۾ سڀ کان گهٽ غربت جي شرح 23.3 سيڪڙو، سنڌ ۾ غربت جي شرح 32.6 سيڪڙو ۽ خيبر پختونخواهه ۾ 35.3 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.اقتصادي سروي ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ ۾ مجموعي غربت جي شرح 2018-19 کان پوءِ ٻيهر وڌي وئي آهي، جڏهن اها 21.9 سيڪڙو هئي. سروي ۾ اهو به چيو ويو آهي ته مهانگائي ۽ معاشي دٻاءُ جي ڪري لکين ماڻهن کي غربت ۾ واپس ڌڪيو ويو آهي ۽ اڻ برابري پڻ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.قومي اقتصادي سروي موجب، غربت کي ماپڻ جو معيار گهٽ ۾ گهٽ ضروري خرچن کي پورو ڪرڻ جي صلاحيت قرار ڏنو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.