اسلام آباد (بيورو) پاڪستان ڀارت کي خبردار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي بقا ۽ ترقي لاءِ پاڻي ضروري آهي، پاڻي کي ڄاڻي واڻي روڪڻ جي ڪنهن به ڪوشش جا سنگين نتيجا نڪرندا، اسلام آباد ۾ هفتيوار پريس بريفنگ دوران پرڏيهي آفيس ترجمان طاهر اندرابي چيو ته پاڻي روڪڻ واري ڪنهن به قدم کي انتهائي سنجيدگي سان ورتو ويندو ۽ اهڙو عمل گڏيل قومن جي چارٽر جي آرٽيڪل 51 تحت جنگي ڪارروائي جي برابر به سمجهيو وڃي سگهي ٿو، هن چيو ته 25 ڪروڙ کان وڌيڪ پاڪستانين جي زراعت، روزگار ۽ فلاح سان لاڳاپيل پاڻي ۾ رڪاوٽ وجهڻ يا ان ۾ نمايان گهٽتائي آڻڻ انتهائي غير ذميواراڻو قدم هوندو، جيڪو بين الاقوامي آبي ذميوارين ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ موجود معاهدن جي به ڀڃڪڙي هوندو، پاڪستان پاڻي کي سياسي هٿيار، دٻاءُ وجهڻ يا زبردستي جي اوزار طور استعمال ڪرڻ واري سوچ کي مڪمل طور رد ڪري ٿو، اهڙو عمل نه رڳو ڏکڻ ايشيا پر سڄي خطي جي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿو، صومالي ڌاڙيلن وٽ يرغمال پاڪستانين بابت ترجمان ٻڌايو ته پاڪستاني شهري لڳ ڀڳ 50 ڏينهن کان قيد آهن ۽ سندن آزادي لاءِ حڪومت هر ممڪن سفارتي ۽ اداراتي سطح تي ڪوششون ڪري رهي آهي. هن چيو ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار تازو صوماليا جي پرڏيهي وزير سان به رابطو ڪيو آهي، هن چيو ته خطي ۾ تازي ڇڪتاڻ ڳڻتي جوڳي آهي ۽ پاڪستان سمجهي ٿو ته دشمني تي ٻڌل قدمن کان پاسو ڪيو وڃي، پاڪستان سفارتڪاري ۽ ڳالهين جي ذريعي مسئلن جي حل جي موقف تي قائم آهي، اعليٰ سطحي رابطا جاري آهن، گهرو وزير تهران جو دورو ڪيو، جڏهن ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار 28 مئي تي آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو ۽ ايران جي عباس عراقچي سميت خطي جي ٻين پرڏيهي وزيرن سان رابطا ڪري صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، اسرائيل ۽ لبنان وچ ۾ آمريڪي ڪوششن سان ٿيندڙ جنگ بندي هڪ هاڪاري اڳڀرائي آهي، آزاد ڪشمير بابت ڀارت جي موقف کي رد ڪندي ترجمان چيو ته ڀارت اهڙا بيان والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تان ڌيان هٽائڻ لاءِ ڏئي ٿو.