2025ع دوران 7 لک کان وڌيڪ پاڪستاني روزگار لاءِ پرڏيهه روانا

اسلام آباد (بيورو) قومي اقتصادي سروي موجب لڳ ڀڳ 70 سيڪڙو پاڪستاني سعودي عرب ويا، يو اي اي، عمان ۽ برطانيا ويندڙن جي انگ ۾ گهٽتائي ٿي، قومي اقتصادي سروي 2025-26 موجب سال 2025ع دوران 7 لک کان وڌيڪ پاڪستاني روزگار جي ڳولا ۾ مختلف ملڪن ڏانهن ويا، اسلام آباد ۾ محمد اورنگزيب قومي اقتصادي سروي پيش ڪندي ملڪ جي معاشي ۽ روزگار سان لاڳاپيل انگ اکر جاري ڪيا، سروي موجب 2024ع جي ڀيٽ ۾ متحدا عرب امارات ويندڙ پاڪستاني پورهيتن جي انگ ۾ گهٽتائي آئي، سال 2025ع ۾ 52 هزار 664 پاڪستاني روزگار لاءِ يو اي اي ويا، جڏهن ته 2024ع ۾ اهو انگ 64 هزار 130 هو، انگن اکرن موجب يو اي اي، عمان ۽ برطانيا ويندڙ پاڪستاني پورهيتن جي انگ ۾ به نمايان گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي، سروي موجب لڳ ڀڳ 70 سيڪڙو پاڪستاني روزگار لاءِ سعودي عرب ويا، جن جو انگ 5 لک 30 هزار 256 رهيو، جڏهن ته ٻئي نمبر تي قطر رهيو، جتي 68 هزار 376 پاڪستاني روزگار لاءِ ويا، سال 2025ع دوران عمان ويندڙ پاڪستانين جو انگ 9 هزار 375 رهيو، جڏهن ته 2024ع ۾ 81 هزار 587 پاڪستاني عمان ويا هئا، اقتصادي سروي موجب 2025ع ۾ 4 هزار 355 پاڪستاني روزگار لاءِ برطانيا ويا، جڏهن ته 2024ع ۾ اهو انگ 13 هزار 795 هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.