اسلام آباد (بيورو) وفاقي آئيني عدالت ۾ ڪراچي جي گلشن فيصل ڪوآپريٽو سوسائٽي ۾ ڪمرشل زمين کي رهائشي پلاٽن ۾ تبديل ڪرڻ ۽ هاءِ رائز عمارت جي تعمير بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران تعمير هيٺ بلڊنگ جي تعمير روڪڻ جي درخواست رد ڪئي وئي، جسٽس حسن اظهر رضوي جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران نسله ٽاور کي ڊاهڻ واري معاملي جو به ذڪر ڪيو ويو، درخواست گذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته گلشن فيصل ۾ ٻه هزار گز جو ڪمرشل پلاٽ رهائشي قرار ڏئي ٽائون هائوسز تعمير ڪيا ويا، جن مان ڪجهه يونٽن کي خريد ڪري هڪ بلڊر هاءِ رائز عمارت تعمير ڪري رهيو آهي، عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڪراچي ۾ پهريان ٽائون هائوسز ٺاهڻ جو رجحان هو، پوءِ اٺ ماڙ عمارتون ٺاهڻ جو رجحان وڌيو ۽ هاڻي اٺ ماڙ عمارتن کي ويهه ماڙ ڪرڻ جو رواج هلي رهيو آهي، وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته لاڳاپيل عمارت جون نو ماڙون اڳ ئي تعمير ٿي چڪيون آهن ۽ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي بلڊرز خلاف ڪو قدم نٿي کڻي، هن درخواست ڪئي ته ايندڙ ٻڌڻي تائين عمارت جي تعمير تي حڪم امتناع جاري ڪيو وڃي، ان تي عدالت چيو ته عمارت ٺهي رهي آهي ته ٺهڻ ڏيو، جيڪڏهن اها غيرقانوني ثابت ٿي ته ڊاهي ويندي، نسله ٽاور جو مثال سڀني جي سامهون موجود آهي، عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي اڻ ڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.