مانجهند (رپورٽ: بابو عمراڻي) مانجهند جي ڪچي ۾ مبينا چلهه مان چڻنگ اٿڻ سبب پورهيت جي ڪکائين گهر کي خوفناڪ باهه لڳي وئي، ننڊ ستل 2 معصوم ٻارڙا سڙي ڪوئلو ٿي ويا، هڪ نينگري زخمي ٿي پئي، لاکا شهر جي ڪچي واري علائقي ۾ مبينا چلهه مان چڻنگ اٿڻ سبب هاري پورهيت خميسو ڪولهي جي ڪکائين گهر کي خوفناڪ باهه وڪوڙي وئي جنهن جي نتيجي ۾ ننڊ ستل 2 معصوم ٻارڙا سڙي فوت ٿي پيا جڏهن ته هڪ نينگري زخمي ٿي پئي، سڙي ڪوئلو ٿيل ٻارڙن جي سڃاڻپ 3 ورهين جو سورج ڪولهي ۽ 5 ورهين جو نيتل داس ڪولهي طور ٿي، اطلاع باوجود 1122 ايمبولنس سروس انتظاميا ڪچي ۾ وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو جنهن سبب ٻارڙن جا لاش وارث ٽن ڪلاڪن کان پوءِ پنهنجي مدد پاڻ تحت مانجهند اسپتال کڻائي آيا، جڏهن ته گهر ۾ رکيل قيمتي سامان روڪ رقم مال جي چاري سميت الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو جنهن سبب متاثر جي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته فائر برگيڊ سميت ڪنهن به سرڪاري اداري طرفان ڪو به عملدار نه پهچي سگهيو، متاثر خميسو ڪولهي ٻڌايو ته ماني پچائڻ کان پوءِ گهر واري جي طبيعت ناساز هئڻ سبب کيس مانجهند اسپتال وٺي آيس ته پويان شڪي طور گهر کي باه لڳي وئي، اسسٽنٽ ڪمشنر مختيارڪار سميت ڪوبه عملدار لڙي نه پهتو آهي جنهن سبب شديد گرمين ۾ نٽهڻ اس ۾ کليل آسمان هيٺ رهڻ تي مجبور آهيون، وس وارا مدد ڪن.