اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان ۾ معاشي ترقي جا هدف حاصل نه ٿي سگهيا، جڏهن ته غربت ۾ واڌ ٿي آهي. معاشي ترقي جي شرح 3.7 سيڪڙو رهي، وچ اوڀر جي بحران جي باوجود معاشي ڪارڪردگي سٺي رهي، ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب قومي اقتصادي سروي پيش 8 ڪيو. ناڻي واري وزير چيو ته اقتصادي سروي سڄي مالي سال جي ڪارڪردگي بيان ڪري ٿو. هلندڙ مالي سال جي پهرين مهيني ۾ هڪ غير يقيني صورتحال هئي ۽ چوماسي جي برساتن سبب معيشت متاثر ٿي، جڏهن ته آمريڪا پاران دنيا جي مختلف ملڪن تي ٽيرف لاڳو ڪرڻ غير يقيني صورتحال پيدا ڪئي. هن چيو ته حڪومت بحرانن کي منهن ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي. اندروني ۽ ٻاهرين چئلينجن جي باوجود، ملڪ جي معيشت سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري. معاشي ترقي جي شرح 3.7 سيڪڙو رهي. اميد هئي ته هلندڙ مالي سال ۾ ترقي جي شرح 4 سيڪڙو کان وڌيڪ هوندي.ناڻي واري وزير وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن وچ اوڀر ۾ صورتحال پيدا نه ٿئي ها ته جي ڊي پي جي واڌ 4 سيڪڙو کان وڌي وڃي ها، پاڪستاني معيشت جو ماپو حجم 452 ارب ڊالر کان مٿي ٿي چڪو آهي، سراسري سالياني في ڪس آمدني 1,751 ڊالر کان وڌي 1,901 ڊالر ٿي وئي آهي. محمد اورنگزيب چيو ته عالمي معيشتون به عالمي غير يقيني صورتحال جو شڪار ٿيون آهن، پر وچ اوڀر جي بحران جي باوجود، معاشي ڪارڪردگي سٺي رهي آهي. محمد اورنگزيب چيو ته پيٽروليم شعبي ۾ 5 سيڪڙو واڌ ٿي، جولاءِ کان مارچ تائين ڪرنٽ اڪائونٽ 72 ملين ڊالر هاڪاري رهيو، زرعي شعبي جي واڌ جي شرح 2.89 سيڪڙو هئي، ڊيري ۽ لائيو اسٽاڪ زرعي معيشت جو 60 سيڪڙو حصو آهن. سيمينٽ شعبي ۾ 10 سيڪڙو واڌ، ڀاڻ جي شعبي ۾ 17 سيڪڙو واڌ، ٽيڪس آمدني ۾ 11.3 سيڪڙو واڌ، ۽ گذريل 2 سالن ۾ مهانگائي بتدريج گهٽجي رهي آهي. هن چيو ته فري لانسر جي برآمدات 900 ملين ڊالر تائين پهچي ويون آهن، برآمدا گهٽتائي جو سبب چانورن ۽ کنڊ جي برآمد ۾ 1.5 ارب ڊالر جي گهٽتائي آهي. راندين جي برآمد3 ارب ڊالر کان وڌي ويون آهن، آئي ٽي برآمدات 4.5 ارب ڊالر تائين پهچي وينديون ۽ اها خوشي جي ڳالهه آهي ته فيفا ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستاني ٺهيل فٽبال استعمال ڪئي ويندي، جڏهن ته درآمدات کي گهٽائڻ اسان جي ترجيح آهي. هن چيو ته پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا 17.1 ارب ڊالر آهن، جيڪي جون جي آخر تائين 18 ارب ڊالر تائين پهچي ويندا. روشن ڊجيٽل اڪائونٽ ۾ جمع ڪيل رقم 12.7 ارب ڊالر جي تاريخي سطح تي پهچي وئي آهي، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سيڙپڪارن جو بنياد 563,000 کان وڌيڪ ٿي ويو آهي، هن سال اسٽاڪ ايڪسچينج تي رڪارڊ 11 نيون ڪمپنيون لسٽ ڪيون ويون آهن، ملڪ ۾ 39,000 کان وڌيڪ نيون ڪمپنيون رجسٽرڊ ٿيون آهن، ڪل تعداد 297,000 کان مٿي آهي.قومي اقتصادي سروي 2025-26 ۾ پاڪستان ۾ غربت جي شرح ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جيڪو 28.9 سيڪڙو تائين وڌي ويو آهي. شهرن جي ڀيٽ ۾ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ غربت وڌيڪ وڌي وئي آهي، اهڙي طرح هر 100 شهري مان لڳ ڀڳ 29 غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن. چيو ويو آهي ته هر مهيني 8,483 رپيا ڪمائيندڙ شهري کي غربت جي لڪير کان مٿي سمجهيو ويندو آهي، جيڪو 30.5 آمريڪي ڊالر جي برابر آهي.علائقائي انگن اکرن موجب، ٻهراڙي وارن علائقن ۾ غربت جي شرح 36.2 سيڪڙو ۽ شهري علائقن ۾ 17.4 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آهي. صوبائي سطح تي صورتحال موجب، بلوچستان ۾ غربت جي شرح سڀ کان وڌيڪ 47 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.