ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل هڪ رپورٽ پڌري ڪئي آهي ته پاڪستان جي ادارن جو انفرا اسٽرڪچر ڏسڻ ۾ ته ٺيڪ ٺاڪ، مضبوط فريم ورڪ پر بدعنواني، ڪرپشن، رشوت ۽ خراب گورننس جي ڪري پاڪستان بدحالي ۽ تباهي ڏانهن خير سان هاڻي اڏار ڪري رهيو آهي. پاڪستان جي معاشي مدد ڪندڙن ادارن ۽ ملڪن پاڪستان جي خرابين کي ٺاهڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي ۽ خرابي جي سبب ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر پاڪستان انهن جي مشورن کي لتاڙيندي نيٺ تباهي طرف اڏار ڪري ڇڏي آهي. پاڪستان نه معاشي طور بهتر ٿي سگهيو، نه سياسي ويڙهه ۾ ڪا گهٽتائي اچي سگهي ۽ نه وري 25 ڪروڙ ماڻهن کي سنڀالي سگهيو. ملڪ جي ماڻهن کي ڪوڙن ڏٽن ۽ دلاسن تي هلايو وڃي ٿو.
بحرالحال ڪرپشن بابت رپورٽ ڏيندڙ دنيا جو ادارو ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاڪستان کي خبردار ڪيو آهي ته ڪرپشن ڪرڻ جي ڇوٽ يا ڪرپشن کي جيترو پاڪستان ۾ سري عام جائز ۽ حق مهر سمجهيو وڃي ٿو اهڙي طرح ڪنهن به ملڪ ۾ ائين ناهي. پاڪستان ۾ هر ماڻهو نوڪري ڪرپشن ڪرڻ ۽ جلد آسودو ٿيڻ لاءِ لکن ۽ ڪروڙين روپيا رشوت ڏئي وٺڻ جي جستجو ۾ رڌل آهي. ته پوءِ پاڪستان ڏيوالو ۽ تباهه نه ٿيندو ته ٻيو ڇا ٿيندو؟ پاڪستان هڪ قرض لاهڻ لاءِ ٻيو قرض وٺي رهيو آهي. پاڪستان ۾ قانون جي حڪمراني زيرو آهي. عدالتون تڪڙو انصاف ڏيڻ ۾ پوئتي. حقدار کي حق ملي ڪونه ٿو. لٺ ۽ ڏنڊي جي زور تي بيوس ۽ لاچار کان ڳڀو به کسيو وڃي ٿو. ڏوهاري جي حمايت ۾ هزارين ماڻهو گڏ ٿين ٿا ۽ بي ڏوهي لاءِ صرف 10 ماڻهو. آخرڪار معاشري ۽ ادارن جو ڇا ٿيندو؟ ٽرانسپيرنسي رپورٽ ۾ اهيو به ڄاڻايو ويو آهي ته ڪنهن به ترقياتي ڪم ۽ ان جي منصوبابندي ۾ شفافيت توڙي ڪارڪردگي نالي ڪابه شيءِ ناهي. ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۽ گهوٽڪي کي ملائيندڙ سنڌو درياهه تي جيڪا پل اڏي ويئي ۽ ان منصوبي ۾ هڪ ته دير ٿي جنهن جي ڪري منصوبي مٿان لاڳت به وڌيڪ خرچ ٿئي پئي. اها پل ناقص مٽيريل سبب ڊهي پئي ڇا ان سان دنيا اندر سنڌ جي شفافيت بابت ويچار نه ونڊيا ويا هوندا؟ ٽرانسپيرنسي جيڪا پاڪستان جي نا اهلي. معاشي دٻاءُ توڙي ملڪ ۾ سياسي ناچاڪائي سبب ڏاڍي خطرناڪ رپورٽ پڌري ڪئي آهي. اسان جي مجبوري آهي گناهه کي اکين سان ڏسي ان کي لڪائيندا آهيون. ڇاڪاڻ ته جڏهن عمل ٿيئڻو ئي ناهي ته باقي گند ۾ اجايو لٺيون ڇو هڻون. تنهنڪري پاڪستان جو عوام خوني انقلاب جي اڳواڻي لاءِ فرانس جي ننڍي فوجي آفيسر ڪنهن بوناپارٽ جي انتظار ۾ آهي.
ٽرانسپيرنسي جي پڌري ٿيل رپورٽ پاڪستان جي حڪمرانن مقتدرن ۽ ادارن جي سربراهن لاءِ ڏاڍي خطرناڪ آهي. ان رپورٽ سان پاڪستان دنيا ۾ بدنام ٿيو آهي. پاڪستان ۾ سرمايو لڳائيندڙن به خوفزده ٿي ويا آهن ۽ اڪثر ڪري سرمايو لڳائيندڙ پاڪستان مان پنهنجو سرمايو ڪڍي رهيا آهن. پاڪستان ۾ عام ماڻهوءَ جي حالت ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهي آهي. ۽ ادارا ڪمزور ٿي رهيا آهن. اڳوڻي جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ ادارا پاڻ ڀرا ۽ سڻڀا هئا. ملڪ ۾ بجلي يونٽ سستو هو. پيٽرول سستو هو. عام کائڻ جون شيون سستيون هيون هن وقت ملڪ ويڳاڻو ٿي ويو آهي. رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته پاڪستان ۾ سري عام ڦرلٽ آهي يعني ملڪي شين جي خريد ۽ فروخت ۾ ڪرپشن جي بازار گرم آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته NHA جا ٺيڪا به سرڪاري ادارن کي قانون کي لتاڙي ڏنا پيا وڃن. سو بحرالحال هن وقت پاڪستان جي حمايت ۾ ڪٿان به ڪو چڱو آواز نه پيو اچي. پاڪستان جو عوام، حڪمران، بيوروڪريسي، ملازم، غير سرڪاري ملازم، سياستدان، هاري، مزدور، غريب توڙي آسودو پنهنجو پاڻ کي کائي رهيو آهي. ماڻهو پنهنجا عضوا پاڻ کائي رهيا آهن. ماڻهو ٽنگون، ٻانهون، گردا ۽ جسم جا ٻيا حصا به کائي رهيا آهن. صرف معدو ۽ منهن رهجي ويو آهي. ۽ پوءِ نيٺ بک وگهي مري وينداسين. سو هن وقت ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ ملڪ جي فائدي ۾ ناهي ۽ هاڻي پاڪستان بدحالي ۽ ڏيوالپڻي طرف اڏار ڪري چڪو آهي.