آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ سمورن محاذن تي جاري ويڙهه جي خاتمي لاءِ امن معاهدي کي آخري شڪل ڏيڻ جو اعلان جلد متوقع آهي۔ ذريعن موجب معاهدي جي مسودي تي اتفاق ٿي ويو هو جنهن جو اعلان 24 ڪلاڪن اندر ٿي سگهي ٿو۔ ڳالهين ۾ شامل ڌرين، جن ۾ ايراني پارليامينٽ جو اسپيڪر محمد باقر قاليباف، آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس، خاص ايلچي اسٽيو وِٽڪوف ۽ صدر ٽرمپ جو ناٺي جيرڊ ڪشنر شامل آهن، جن مسودي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته امن معاهدي جي مسودي کي آخري منظوري لاءِ ٻنهي ملڪن جي قيادت ڏانهن موڪليو ويو آهي۔ ان سڄي صورتحال ۾ پاڪستان ثالثي ڪردار ادا ڪيو ۽ پوري دنيا جون نظرون پاڪستان ۾ کتل رهيون آهن خاص طور تي افغانستان ۽ انڊيا نه پيا چاهين ته هن جنگ ۾ پاڪستان جو ثالثي ڪردار هجي پر ٻنهي ڌرين جو پاڪستان تي جيڪو اعتماد هيو ان پوري دنيا کي امن جي جهنڊي جي سعيي هيٺ گڏ ڪيو جيڪا ڳالهه دشمن کي نه وڻي ۽ ملڪ ۾ افراتفريء وارو ماحول پيدا ڪيو ۽ ڳالهين جي ٻئي دور کان اڳ ڪوئيٽا ۾ چمن ڦاٽڪ ويجهو ريلوي ٽريڪ تي زوردار بم ڌماڪو ڪرايو جنهن جي نتيجي ۾ 3 ايف سي اهلڪارن سميت 35 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن۔ پوليس موجب ڌماڪو چمن ڦاٽڪ ڀرسان ريلوي ٽريڪ تي ٿيو۔ ڌماڪو ايترو ته شديد هو، جو ان جي ڌماڪي جي آواز سبب ويجهن عمارتن جا شيشا ۽ دريون به ٽٽي پيون، ڌماڪي سبب ٽرين ۽ ويجهو بيٺل 10 گاڏين کي به نقصان پهتو آهي۔ ريلوي اختيارين جو چوڻ آهي ته ڌماڪي کانپوءِ پشاور ويندڙ جعفر ايڪسپريس کي ڪوئٽه اسٽيشن تي ئي روڪي ڇڏيو ويو آهي۔ ڌماڪي کانپوءِ سرڪاري اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي ۽ ڊاڪٽرن توڙي طبي عملي کي طلب ڪيو ويو آهي۔ ريسڪيو ذريعن موجب ريلوي ٽريڪ تي ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل 20 کان وڌيڪ ماڻهن کي سول سينڊمين اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
ٻئي پاسي بلوچستان جي وڏي وزير جي صلاحڪار شاهد رند ٻڌايو ته چمن ڦاٽڪ ڌماڪي ۾ فوتين جو انگ 35 ٿي ويو آهي، جڏهن ته شهيدن ۾ ايف سي جا 3 جوان به شامل آهن۔ ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل ڪيترين ئي عورتن ۽ ٻارن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي۔ شاهد رند جو چوڻ آهي ته دهشتگردن بيگناهه شهرين کي نشانو بڻايو آهي۔ سيڪيورٽي فورسز علائقي کي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو آهي، جڏهن ته ثبوت گڏ ڪرڻ ۽ جاچ جو عمل جاري آهي۔ هن چيو ته عوامي هنڌن کي نشانو بڻائڻ دهشتگردن جي بوکلاهٺ جو ثبوت آهي۔ عيد جي خوشين لاءِ سفر ڪندڙ بيگناهه شهرين کي نشانو بڻائڻ هڪ بزدلانه ۽ غير انساني عمل آهي، جنهن جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي۔ حڪومت کي گهرجي ته واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي ۽ ذميوار عنصرن کي فوري طور تي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻي۔ گذريل هفتي چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پاڪستان جي هٿياربند فوج ۽ عوام جي ڀرپور حمايت سان هر قسم جي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو هو، ته پاڪستان جي ترقي کي پراڪسيز ۽ ناڪاري پروپيگنڊا ذريعي ختم ڪرڻ جون ڪوششون ڪندڙ دشمن قوتون رياست جي مضبوطي ۽ عوام جي اتحاد سبب آخرڪار ناڪام ٿينديون۔ آءِ ايس پي آر موجب چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسزز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، نشان امتياز (ملٽري) ڪوئٽه گيريزن جو دورو ڪيو۔ دوري دوران فيلڊ مارشل، ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوئٽه ۾ تربيت حاصل ڪندڙ آفيسرن ۽ فيڪلٽي ميمبرن کي خطاب ڪندي هن ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوئٽا جي اعليٰ تربيتي معيار، فڪري صلاحيت ۽ پيشيواراڻي مهارت جي تعريف ڪئي هئي، جيڪا ان اداري جي نمايان سڃاڻپ هئي۔ هن اطمينان جو اظهار ڪيو هو ته ڪاليج مان تعليم حاصل ڪندڙ آفيسر پنهنجي غير معمولي ڪارڪردگي ۽ پيشيواراڻي لڳن ذريعي مسلسل نمايان خدمتون انجام ڏئي رهيا آهن۔ چيف آف آرمي اسٽاف جديد جنگ جي تيزي سان بدلجندڙ انداز تي روشني وجهندي اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز، ملٽي ڊومين آپريشنز، ٽنهي فوجن جي گڏيل شراڪتداري ۽ مستقبل جي جنگ جي ميدان جي چئلينجز کان باخبر رهڻ جي اهميت تي زور ڀريو۔ هن آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو پاڻ کي ۽ پنهنجي فوج کي مسلسل تربيت ڏين ته جيئن جنگ جي بدلجندڙ نوعيت جو اثرائتي انداز ۾ مقابلو ڪري سهگجي۔ جڏهن ته پيشيواراڻي مهارت، تياري ۽ آپريشنل برتري جي اعليٰ ترين معيار برقرار رکيا وڃن۔ کانپوءِ ۾ فيلڊ مارشل بلوچستان ۾ مقرر فارميشنز جي آفيسرن ۽ جوانن سان ملاقات ڪئي۔ موجوده سيڪيورٽي صورتحال جي مختلف رخن تي روشني وجهندي هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج عوام جي ڀرپور حمايت سان هر قسم جي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهي۔ فيلڊ مارشل زور ڀريو ته پاڪستان جي تقدير ۾ شامل ترقي کي پروپيگنڊا، ڪوڙين خبرن يا پرڏيهي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي ذريعي روڪي نٿو سگهجي۔ هن چيو هو ته پاڪستان جي ترقي کي پراڪسيز ۽ ناڪاري پروپيگنڊه ذريعي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ دشمن قوتون رياست جي مضبوطي ۽ عوام جي اتحاد سبب آخرڪار ناڪام ٿينديون۔ بلوچستان ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي اهميت کي اججيڪڏهن ڪندي فيلڊ مارشل چيو هو ته ترقي لاءِ عوام دوست پاليسي، جامع ترقي ۽ بهترين طرز حڪمراني اڻٽر آهي جيڪا سيڪيورٽي قدمن سان گڏوگڏ ٿيڻ گهرجي۔ هن بلوچستان حڪومت جي انهن ڪوششن جي تعريف به ڪئي هئي جيڪي عوامي ڀلائي، سماجي ۽ معاشي ترقي ۽ رياست ۽ عوام وچ ۾ تعلق کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ڪيون پيون وڃن۔ فيلڊ مارشل بلوچستان ۾ امن، استحڪام ۽ رياست جي رِٽ برقرار رکڻ لاءِ آفيسرن ۽ جوانن جي بلند حوصلي، آپريشنل تياري ۽ پيشيواراڻي عزم جي به تعريف ڪئي هئي پر فيلڊ مارشل جي سمورين ڳالههين جي ابتڙ ٿي ويو ۽ دهشتگرد ڏينهن جي روشني ۾ قهري ڪاروائي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ۽ معصوم شهرين جو ناحق خون وهايو ويو۔ پوري دنيا ڄاڻي ٿي ته دهشتگردن جو ڪوبه دين ڌرم ناهي هوندو.
معصوم شهرين کي نشانو بنائڻ انسانيت دشمني آهي ۽ اهو عمل دهشتگردن جي ظلم جي عڪاسي ڪري ٿو عيدالاضحيٰ جي موقعي تي خودڪش حملو جتي سوين ماڻهن جي گهرن ۾ ماتم برپا ڪرڻ سان گڏ اهو به واضح اعلان ڪيو آهي ته پاڪستان اندر امن جي فضا قائم ٿيڻ هڪ سواليه نشاني ۽ فوسز لاءِ چيلينجز آهي جنهن جو حڪومت توڙي عوام کي گڏجي مقابلو ڪرڻ گهرجي ائين امن جا دشمن عنصر پنهنجي ناڪام ارادن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا، جڏهن ته پوري قوم دهشتگردي خلاف متحد آهي ۽ اهڙا بزدلاڻا حملا عوام جا حوصلا ڪمزور نٿا ڪري سگهن۔ Baloch Liberation Army طرفان حملي جي ذميواري قبول ڪرڻ جون رپورٽون سامهون آيون آهن، جڏهن ته بلوچستان ۽ خيبرپختونخواه ۾ سيڪيورٽي صورتحال بابت خدشا پڻ ظاهر ڪيا پيا وڃن۔ هن وقت ملڪ ۾ امن، استحڪام ۽ عوام جي حفاظت لاءِ ضروري آهي ته سمورا ادارا گڏجي سنجيده قدم کڻن ته جيئن بيگناهه ماڻهن جون جانيون محفوظ بڻائي سگهجن۔