صدر ٽرمپ ۽ چيني صدر شي ملاقات؛ سڀئي تجزيا ابتا ٿي ويا

نديم اختر

امريڪا ۽ چين بابت عام مقبول بيانيو اهو آهي ته دنيا جي ٻن وڏين طاقتن وچ ۾ معاشي ۽ سياسي جنگ جاري آهي، جنهن جو نتيجو ڪنهن هڪ ملڪ جي مڪمل شڪست جي صورت ۾ نڪرڻ اڻٽر آهي. ان بيانيي جي پسمنظر ۾، نو سالن کانپوءِ ٿيندڙ چين ۽ امريڪا جي سربراهي ملاقات تي دنيا جون نظرون ڄميل هيون ۽ هر طرف منفي اڳڪٿين جو بازار گرم هو. صدر ٽرمپ جو چين ۾ شاهانو استقبال ڪيو ويو. ٻنهي ملڪن جي سربراهن وچ ۾ طويل مذاڪرات ٿيا. چين مان روانگي کان اڳ، صدر ٽرمپ ۽ شي جن پنگ اڪيلائي ۾ گھمندي اهڙن حساس ۽ نازڪ معاملن تي گفتگو ڪئي جن کي راز ۾ رکڻ وڌيڪ مناسب سمجھيو ويو هو.

صدر ٽرمپ، 13 ٿريلين ڊالرن جي ماليت رکندڙ دنيا جي 14 وڏين امريڪي ڪمپنين جي سي اي اوز کي پاڻ سان گڏ کڻي آيو هو. هي سندس طرفان هڪ واضح پيغام هو ته امريڪا جهيڙو نه پر ڪاروبار چاهي ٿو. ٻئي طرف، صدر شي پڻ اهڙي ئي انداز سان سوچي رهيو هو. هن چيو ته اسان جا گڏيل مفاد اسان جي اختلافن کان ڪٿي وڌيڪ اهم آهن، چين ۽ امريڪا کي هڪٻئي جو حريف نه پر ڀاڱيوال ٿيڻ گهرجي. ان تاريخي ملاقات جي شروعاتي تاثر گهٽ ۾ گهٽ ان ’مقبول‘ بيانيي جي نفي ڪري ڇڏي آهي ته دنيا جي انهن ٻن طاقتور ترين ملڪن وچ ۾ هڪ ’وجودي جنگ‘ اڻٽر آهي.

امريڪا ۽ چين ڄاڻن ٿا ته 110 ٿريلين جي عالمي جي ڊي پي ۾ سندن گڏيل حصو 47.4 ٿريلين ڊالرن کان وڌيڪ آهي. تنهنڪري ٻنهي جو مفاد ان ۾ آهي ته هو گڏجي دنيا جي اڳواڻي ڪن ۽ هڪ نئين کثير الجهتي عالمي نظام جو خاڪو جوڙين. ٻنهي ملڪن جي سوچ ۾ هي ڊرامائي تبديلي راتو رات رونما ناهي ٿي، ان جي هڪ تاريخ آهي. 1990 کان وٺي اڄ تائين مختلف سياسي اختلافن جي باوجود چين ۽ امريڪا وچ ۾ انتهائي گهرا معاشي تعلقات قائم آهن ۽ ٻئي گڏيل مفادن جو بهترين ادراڪ رکن ٿا.

چين ڄاڻي ٿو ته کيس ٻي وڏي عالمي معيشت بڻائڻ ۾ امريڪا ڪليڊي ڪردار ادا ڪيو آهي. ڊينگ شياؤپنگ جي ’اوپن ڊور پاليسي‘ ۽ گھٽ پيداواري لاڳت جو فائدو وٺي امريڪي ڪمپنين چين ۾ سوين صنعتي يونٽ لڳايا. انهن ڪمپنين ڪيترائي ٿريلين ڊالر منافعو ضرور ڪمايو، پر ان سان گڏ کين جديد ترين ٽيڪنالاجي، ڪارپوريٽ مئنيجمينٽ جو تجربو ۽ مارڪيٽنگ جي مهارت چين ڏانهن منتقل ڪئي جنهن جو کيس ڀرپور فائدو ٿيو. چين دنيا جي فئڪٽري بڻجي کربين ڊالر ڪمايا، ملڪ ۾ روزگار جا لکين موقعا پيدا ٿيا ۽ بدترين غربت جو خاتمو ٿي ويو. چين جي نوجوانن امريڪا جي بهترين درسگاهن مان جديد سائنس، انجنيئرنگ، ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي ۽ بزنس مئنيجمينٽ جي تعليم حاصل ڪئي ۽ پنهنجي ملڪ واپس وڃي اتان جي ٽيڪنالاجي ۽ صنعتي ترقي جي عمل کي تکو ڪيو.

چين، امريڪا جي حمايت سان 2001 ۾ ڊبليو ٽي او جو ميمبر بڻيو جنهن کانپوءِ سندس بي مثال ترقي جو دور شروع ٿيو. 2001 ۾ امريڪا 729 ارب ڊالرن سان گڏ دنيا جو سڀ کان وڏو برآمد ڪندڙ هو، چين جون برآمدات ان کان ٽي گنا گھٽ يعني 226 ارب ڊالر هيون ۽ هو چوٿين نمبر تي هو. 2025 ۾ چين ڊيگهه ڏئي پهرين نمبر تي اچي ويو ۽ سندس برآمدات 3 هزار 590 ارب ڊالرن کان وڌي ويون، امريڪا جون برآمدات 1 هزار 900 ارب ڊالر هيون ۽ هو پهرين تان ٻئي نمبر تي اچي ويو. ٻاهرين واپار ۾ چين کي ساليانو هڪ ٿريلين ڊالر جو فائدو جڏهن ته امريڪا کي هڪ ٿريلين ڊالر جو نقصان ٿئي ٿو. امريڪا، چين جو پهريون جڏهن ته چين، امريڪا جو ٽيون سڀ کان وڏو تجارتي ڀاڱيوال آهي. معيشت ۽ واپار ۾ مقابلو هڪ فطري ڳالهه آهي پر ان جون پنهنجون حدون به آهن. تنهنڪري اهو خيال درست ناهي ته چين ۽ امريڪا هڪٻئي کي تباهه ڪرڻ جي پٺيان پيل آهن. بلڪه سچ ته اهو آهي ته ٻنهي کي هڪٻئي جي جيتري ضرورت اڄ آهي، ان کان اڳ ڪڏهن به نه هئي.

چين جي معاشي ترقي ۾ شين جي برآمدات جو بنيادي ڪردار آهي، ان جي برعڪس امريڪا گهرايل شين جي کپت جي حوالي سان دنيا جي سڀ کان وڏي منڊي آهي. امريڪا ۾ في ڪس آمدني 94 هزار ڊالر آهي. اتان جو صارف پنهنجي بي پناهه خريداري جي سگھ جي ڪري دنيا جي هر شيءِ خريد ڪرڻ جي طاقت رکي ٿو. امريڪا جي مارڪيٽ انتهائي گھٽ ٽئرف تي دنيا جي هر ملڪ لاءِ کليل آهي. ان منفرد صورتحال جو نتيجو اهو آهي ته امريڪا کي واپار ۾ هر ملڪ کان نقصان کڻڻو پوي ٿو.

چين جي آبادي امريڪا کان چار گنا وڌيڪ آهي پر ان جي في ڪس آمدني صرف 14 هزار ڊالر آهي. چيني صارفين جي خريداري جي سگھ انتهائي گھٽ هجڻ سبب ملڪي مارڪيٽ ۾ شين جي کپت به محدود آهي. چين جون فئڪٽريون جيڪو سستو مال تيار ڪن ٿيون، ان جي ٻاهريان کپت ملڪي کپت کان ڪٿي وڌيڪ آهي. ان ڪري واپار جو توازن هميشه چين جي حق ۾ هوندو آهي ۽ ان سان واپار ڪندڙ هر ملڪ نقصان ۾ رهندو آهي.

چين جي معاشي ترقي جو وڏو دارومدار جتان برآمدات تي آهي، تنهنڪري هو ڪنهن به قيمت تي امريڪا جهڙي غيرمعمولي مارڪيٽ کي وڃائڻ جو خطرو نٿو کڻي سگهي. هي چين جي پنهنجي مفاد ۾ آهي ته هو متوازن ٽئرف جي ذريعي، پنهنجي سڀ کان وڏي تجارتي ڀاڱيوال جو تجارتي خسارو گھٽ ڪرڻ ۾ ان جي مدد ڪري.

امريڪا کي پنهنجي بجيٽ خساري ۾ گھٽتائي آڻڻ ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ مینوفيڪچرنگ سيڪٽر ۾ ٻاهرين سيڙپڪاري جي فوري ضرورت آهي. امريڪا، سيڙپڪاري لاءِ هر ملڪ کي پيداوار تي زيرو ٽيڪس ۽ صارفين جي طاقتور مارڪيٽ فراهم ڪرڻ جي پرڪشش ترغيب ڏئي رهيو آهي. چين وٽ کربين ڊالرن جو واڌو سرمایو موجود آهي، هو ان آڇ جو يقينن فائدو اٿارڻ چاهيندو. امڪان آهي ته چين، امريڪا ۾ جلد هڪ ٿريلين ڊالر جي سيڙپڪاري ڪندو. امريڪا تجارتي خساري ۾ گھٽتائي لاءِ چين ڏانهن برآمدات وڌائڻ چاهي ٿو. صدر ٽرمپ موجب، چين 200 بوئنگ جهاز خريد ڪرڻ تي تيار آهي. ان کان علاوه، چين امريڪا مان وڌيڪ گيسو تيل خريد ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي، جيڪو ان ڳالهه جو اظهار پڻ آهي ته سندس نظر ۾، امريڪا سان بهتر معاشي تعلقات ايران جي سستي تيل کان ڪٿي وڌيڪ اهم آهن.

عالمي واپار ۾ چين ۽ امريڪا جو گڏيل حصو 40 سيڪڙو آهي. ٻئي ملڪ دنيا جي معيشت جا سڀ کان طاقتور انجڻ آهن. هموار ۽ بغير ڪنهن رڪاوٽ جي بين الاقوامي واپار سندن پهرين ترجيح آهي. دنيا جو 70 سيڪڙو واپار سمنڊن ذريعي ٿئي ٿو جنهن تي لاڳت به تمام گھٽ اچي ٿي. اهم آبي رستن کي کليل رکڻ ۾ چين ۽ امريڪا سميت هر ملڪ جو مفاد آهي. اها ئي وجهه آهي ته پرامن ۽ سڀني لاءِ آزاد آبنائي هرمز جي مسئلي تي چين ۽ امريڪا جي موقف ۾ هڪجهڙائي آهي. چين ۽ امريڪا جي راءِ آهي ته ايران وٽ ائٽمي هٿيار نه هجڻ گهرجن. ان نقطه نظر ۾ اها حڪمت عملي ڪم ڪري رهي آهي ته انتهاپسندي ڏانهن لاڙو رکندڙ حڪومتون ڪنهن به وقت ائٽمي مهم جوئي ڪري سگهن ٿيون يا ائٽمي صلاحيت کي بليڪ ميلنگ جو ذريعو بڻائي سگهن ٿيون، تنهنڪري کين روڪڻ ضروري آهي.

امريڪي صدر جو اهو چوڻ چين ڏانهن مفهمت جو هڪ تمام وڏو قدم آهي ته امريڪا 9500 ميلن جو سفر ڪري تائيوان جي جنگڙڻ جو ڪو ارادو نٿو رکي.

امريڪا ۽ چين جي پاليسين ۾ هيءَ بنيادي تبديلي دنيا جو سياسي منظرنامو تبديل ڪري ان کي وڌيڪ محفوظ بڻائي ڇڏيندي. اهو چوڻ غلط نه ٿيندو ته شي جن پنگ ۽ ڊونالڊ ٽرمپ جي تاريخي ملاقات ۽ مفاهمت ڏانهن ان تاريخي اڳڀرائي ٻن عظيم طاقتن وچ ۾ اڻٽر ٽڪراءَ جي ’عام مقبول‘ تجزين جي ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.