وار ته سڀ ڪو ڪٽرائيندو آهي، هر ماڻهوءَ کي سيلون جي به خبر هوندي ته اتي ڪهڙي ريت ڪٽيل وار ڪچرو سمجهي اڇلايا ويندا آهن پر ڇا توهان کي خبر آهي انهن ڪٽيل وارن جو استعمال ڪهڙو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو ۽ ڪيترو فائديمند ٿيندو؟
اڄ اسان اوهانکي ڪٽيل وارن جي استعمال بابت ٻڌائينداسين.
حقيقت ۾ انساني وار هڪ اهڙو قدرتي فائبر آهن جن مان ماحول، زراعت ۽ صنعت لاءِ پڻ ڪيترائي فائدا ماڻي سگهجن ٿا.
انساني وار بنيادي طور تي ڪيراٽين نالي مضبوط پروٽين مان ٺهيل هوندا آهن. هي هڪ اهڙو قدرتي مادو آهي جيڪو تڪڙي نه پر آهستي آهستي ٽٽندو يا ختم ٿيندو آهي سُٺي ۽ اهم ڳالهه اها آهي ته اهو ڪنهن به حوالي سان ماحول لاءِ نقصانڪار ناهي. اهو ئي سبب آهي جو اهڙي خاصيت جي ڪري وارن کي ٻيهر استعمال ڪري مختلف ماحول دوست طريقن ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو.
وارن جا اهم استعمال
1. ماحولياتي تحفظ ۾ مدد
ڪٽيل وار زمين تي ملچ (Mulch) طور استعمال ڪري سگهجن ٿا، ملچ زمين جي مٿان وڇايو ويندڙ اهڙو قدرتي يا هٿرادو ڍڪ آهي جيڪو زمين يا مٽيءَ جي حفاظت ڪري ٿو. هي ڍڪ مٽيءَ ۾ گهم (moisture) کي برقرار رکي ٿو ۽ فصلن توڙي ٻوٽن جي چوڌاري غير ضروري گاهه کي گهٽائڻ ۾ وڏو مددگار هوندو آهي جنهن جي ڪري زمين جي مخصوص ٽڪري جي طاقت ٻوٽي کي ئي مهيا ٿئي ٿي نه رڳو ايترو پر اهو ڍڪ مٽي کي سُڪي وڃڻ کان به بچائي ٿو. اهم ڳالهه اها به آهي ته استعمال ٿيندڙ وار وقت سان گڏ آهستي آهستي ٽٽي زمين ۾ ملي وڃن ٿا ۽ ٻوٽن کي قدرتي خوراڪ مهيا ڪن ٿا جنهن سان ٻوٽن جي واڌ ويجهه بهتر ٿئي ٿي.
2. پاڻي مان گدلاڻ صاف ڪرڻ
وارن ۾ قدرتي طور تي تيل (oil) کي جذب ڪرڻ جي صلاحيت هوندي آهي، تنهنڪري انهن مان خاص قسم جون چادرون يا تهه ٺاهي سگهجن ٿا ۽ دنيا ۾ ٺاهيا به وڃن ٿا جيڪي ڪنهن به جاءِ تي پاڻي جي مٿان يا تَريءَ ۾ رکي ان مان گندگين کي ڪڍي صاف ڪري سگهجي ٿو.اهو طريقو خاص طور تي سمنڊن ۽ دريائن ۾ ٿيندڙ تيل جي ليڪيج کي صاف ڪرڻ لاءِ استعمال ٿئي ٿو جتي پاڻي جي صفائي تمام ضروري آهي.
3.زراعت ۽ باغباني
وارن مان ٺهيل چادر/پرت يا تهه زرعي زمين ۾ به استعمال ڪري سگهجي ٿو.اهو تهه زمينن کي وڏي خطرن کان بچائيندو آهي، ان تهه جي استعمال سان زمينن مان مٽي اڏي يا لڙهي وڃڻ کان بچائي سگهجي ٿي.
زمينن ۾ پوکيل فصل کي مختلف طاقتور ڀاڻ ڏنا ويندا آهن پر جيڪڏهن تيز هوائون، تيز مينهن يا وري درياهه توڙي ٻئي ٻوڏ جا وهڪرا زمين مان ٿين ته زمين جو مٿيون تهه ان مينهن، درياهي پاڻي جي وهڪري يا وري تيز هوائن جي ڪري اڏري ويندو آهي جنهن جي ڪري اتان جي آبادي گهٽجندي ويندي آهي (اهو خاص ڪري سامونڊي پٽين ۾ زمين ڳڙڪائڻ واري هنڌ به ٿئي ٿو).
مختلف ملڪن ۾ وارن جو استعمال
فرانس (France)
فرانس ۾ ريسائڪلنگ ڪمپني Capillum سيلونز مان گڏ ڪيل وارن کي بايوڊيگريڊ ايبل ملچ ۾ تبديل ڪري ٿي. بايوڊيگريڊ ايبل جو مطلب آهي اهڙو مواد جيڪو وقت سان گڏ قدرتي طور ٽٽي مٽي ۾ ملي وڃي ۽ ماحول کي نقصان نه پهچائي. اهو ملچ نون پوکيل وڻن جي چوڌاري استعمال ڪيو ويندو آهي، جيڪو وڻن کي جانورن، خاص طور هرڻن کان بچائي ٿو، مٽي کي سٺي خوراڪ ڏئي ٿو ۽ پلاسٽڪ جي بدران هڪ ماحول دوست متبادل فراهم ڪري ٿو.
بيلجيم (Belgium) ۽ لگزمبرگ (Luxembourg)
انهن ملڪن ۾ به فرانس جهڙي طرز تي ڪٽيل وار گڏ ڪري مختلف ماحولياتي منصوبن ۾ استعمال ڪيا وڃن ٿا. خاص طور تي انهن جو استعمال نون وڻن جي حفاظت ۽ زمين جي بهتري لاءِ ڪيو ويندو آهي، جيئن مٽي وڌيڪ زرخيز ۽ محفوظ رهي.
آمريڪا (USA)
آمريڪا ۾ انساني وار گهڻو ڪري سمنڊن ۽ دريائن مان تيل صاف ڪرڻ وارن منصوبن ۾ استعمال ڪيا وڃن ٿا. وارن مان ٺاهيل ميٽس/تهه تيل کي جذب ڪري پاڻي مان گدلاڻ گهٽائڻ ۾ مدد ڪن ٿا، خاص طور تي oil spills جي صورت ۾.
چين (China)
چين ۾ وارن تي مختلف ريسرچ جاري آهي، جتي انهن کي زراعت ۾ مٽي جي حفاظت، پاڻي جي بچت ۽ ڪجهه صنعتي مواد ٺاهڻ لاءِ استعمال ڪرڻ جا تجربا ڪيا پيا وڃن. صنعتي مواد مان مراد اهڙا مواد آهن جيڪي ڪارخانن ۽ مختلف صنعتن ۾ استعمال ٿين ٿا.
ڀارت (India)
ڀارت ۾ ڪجهه غير سرڪاري تنظيمون (NGOs) ڪٽيل وار گڏ ڪري انهن مان قدرتي ڀاڻ ٺاهڻ ۽ زرعي زمين جي زرخيزي بهتر ڪرڻ لاءِ استعمال ڪن ٿيون. قدرتي ڀاڻ کاڌي جي بچيل ٽڪرن، ٻوٽن، خراب ٿيل سبزيون مان ته ٺاهيو ويندو آهي پر ڀارت ۾ اهو ڀاڻ وارن مان به ٺهي ٿو.
جيڪڏهن ڌيان ڏئي استعمال بيڪار سمجهيا ويندڙ اهي وار ڪنهن وڏي ڪم آڻي سگهجن ٿا.