هراسمينٽ جو الزام، پي ايف ايف ڊائريڪٽر عهدي تان هٽايو ويو

لاهور)ويب ڊيسڪ) پاڪستان فٽبال فيڊريشن (پي ايف ايف) اداري جي هڪ سينيئر عهديدار کي هراسمينٽ جي الزام هيٺ ملازمت مان برطرف ڪري ڇڏيو آهي.
پاڪستان فٽبال فيڊريشن جي ترجمان ان ڳالهه جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته ڊائريڪٽر جي عهدي تي مقرر سينيئر عهديدار کي هڪ عورت ريفري جي شڪايت کانپوءِ نوڪريءَ مان ڪڍيو ويو.
پي ايف ايف جي سي او او شاهد نياز کوکر موجب، فيڊريشن ۾ ڪنهن به قسم جي هراسمينٽ کي برداشت نه ڪيو ويندو.
هن وڌيڪ چيو ته فيفا ۽ ايشين فٽبال ڪنفيڊريشن جي گائيڊ لائينز تحت معاملي جي مڪمل جاچ ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ ئي عهديدار کي برطرف ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.