عيد الاضحى جي موقعي تي قربانيءَ کانپوءِ ماڻهن کي اها ڳڻتي هوندي آهي ته گوشت کي فريج کان سواءِ ڪيئن محفوظ رکيو وڃي ته جيئن ان کي ڪيترن ئي ڏينهن تائين استعمال ڪري سگهجي.
پاڪستان ۽ ٻين ايشيائي ملڪن ۾ سنتِ ابراهيمي تحت مسلمان پنهنجا جانور الله جي راهه ۾ قربان ڪندا آهن.
گوشت کي محفوظ بڻائڻ لاءِ مختلف گهريلو ٽوٽڪا استعمال ڪيا ويندا آهن، جڏهن ته جديد دور ۾ ان کي محفوظ رکڻ لاءِ فريج کي نهايت اهميت حاصل آهي، انڪري ئي عيدالاضحيٰ کان اڳ فريج يا ڊيپ فريزر جي خريد ۽ وڪرو ۾ واڌ ٿي ويندي آهي. جيڪڏهن توهان قربانيءَ جو گوشت گهڻي عرصي تائين محفوظ بڻائڻ ۽ استعمال ڪرڻ چاهيو ٿا، ته هيٺ ڏنل طريقا آزمائي گوشت کي 2 مهينن تائين محفوظ بڻائي سگهو ٿا.
گوشت محفوظ بڻائڻ جا آزمايل طريقا
قربانيءَ جو گوشت فريز ڪرڻ کان اڳ ان کي ڌوئڻ کان پاسو ڪريو، ڇاڪاڻ ته گوشت تي پاڻي لڳڻ کانپوءِ ان ۾ بيڪٽيريا پيدا ٿي ويندا آهن، جيڪي گوشت کي خراب ڪري ڇڏيندا آهن.
گوشت کي ٿوري دير چلهه تي رکي ڀُڃي وٺو ۽ پوءِ ان کي ايلومينيم فائل ۾ ويڙهي رکي ڇڏيو، جنهن کانپوءِ گوشت ٻن مهينن تائين بلڪل محفوظ رهندو.
اهي ماڻهو جن وٽ فريج ناهي، اهي گوشت کي ٻوٽين جي صورت ۾ ڪري هڪ ڌاڳي ۾ پوئي ان کي سج ۽ هوا ۾ لٽڪائي سڪائي ڇڏين، ان کانپوءِ جڏهن ضرورت پوي ته ان کي استعمال ڪن.