امريڪا ــ ايران جنگ کي اڄ ٿُلهي ليکي 53هون ڏينھن آهي. جيتوڻيڪ ان وچ ۾ ڪي هفتا جنگبندي به رهي، پر انهن نالي ماتر جنگ بنديءَ وارن ڏهاڙن کي به ويڙهه جي ڏينھن ۾ انڪري پيا ڳڻيون، ڇاڪاڻ ته ان دؤران به امريڪا يا اسرائيل پاران ڪانه ڪا کشٽ ۽ ٺڪاٺُڪي ٿيندي رهي ۽ اهي ٻئي جنگبنديءَ جي رُوح کي پائمال ڪندا رھيا. ايران ۽ امريڪا جي وچ ۾ جاري سڌي سنئين جنگ، جنھن کي ”آپريشن ايپڪ فيُوري“ (Operation Epic Fury) يعني ”غيرمعمولي ڏمر وارِي ڪارروائيءَ“ جو نالو ڏنو ويو آهي، باضابطه طور تي 28 فيبروري 2026ع تي شروع ٿي. جيتوڻيڪ انهن ٻنھي ملڪن جي وچ ۾ هيءَ سنئين سڌي جنگ هاڻي شروع ٿي آهي، پر ان جو پسمنظر ڏهاڪن جي دشمنيءَ ۽ گذريل سال جون 2025ع ۾ ٿيندڙ ان ڇڪتاڻ سان جڙيل آهي، جڏهن اسرائيل ۽ ايران هڪٻئي تي 12 ڏينھن تائين فَوجي حملا ڪيا هئا، جنھن ۾ امريڪي فَوج پڻ شامل ٿي وئي هئي.
امريڪا پاران ايران تي اها جنگ مڙهڻَ جا سبب عالم آشڪار آهن، ته صاب بھادر امريڪا، ايران ۾ حڪومتي تبديلي (رجيم چينج) آڻڻ پئي چاهي ۽ ٻيو ته ايران جي جوهري طاقت کي پنھنجي قبضي ۾ ڪري سندس سگهه ختم پئي ڪرڻ گُهرِي. گذريل لڳ ڀڳ 7 سوا ستن هفتن کان جاري هن ويڙهه جي شروعات 28 فيبروريءَ تي تڏهن ٿي، جڏھن امريڪا ۽ اسرائيل پاران ايران تي تاريخ جو سڀ کان وڏو فضائي حملو ڪيو ويو. جنھن ۾ مٿس 12 ڪلاڪن اندر 900 کان وڌيڪ بمَ وسايا ويا. تھران ۾ ٿيل انهن حملن ۾ قيادت جي مرڪزن، ايراني فَوجي اڏن ۽ ميزائل تنصيبات کي نشانو بڻايو ويو، جنهنجي نتيجي ۾ ايران جو سپريم ليڊر ’علي خامنه اي‘ ۽ ٻيا اعليٰ عملدار مارجي ويا.
پھرينءَ کان 5 مارچ تائين ايران پاران ”سخت بدلي“ وٺڻ جو اعلان ڪندي، خطي ۾، پنھنجي پاڙي ۾ عراق ۽ شام کان شروع ڪندي ، وچ اوڀر ۾ اسرائيل، گڏيل عرب رياستن، قطر ۽ اردن سميت ڪجهه ٻين عرب ملڪن ۾ موجود امريڪي فَوجي اڏن تي وڏي پئماني تي سوين ڊرون ۽ بيلسٽڪ ميزائلن سان حملا ڪري امريڪا کي سخت نقصان رسايو ويو. هن تڪرار جي نتيجي ۾ وچ اوڀر ۾ وڏي پئماني تي جاني ۽ مالي نقصان ٿيو ۽ انهن عرب ملڪن جي انفراسٽرڪچر کي تمام وڏو نقصان پھتو، جتي جتي امريڪي اَڏا موجود آهن. ڇاڪاڻ ته فاصلاتي لحاظ کان امريڪا، ايران کان ايڏو پري آهي، جو هو ايڏي وڏي مفاصلي کان ايران مٿان سنوان سڌا حملا نٿو ڪري سگهي.
6 کان 15 مارچ تائين ايران پاران ”هرموز جي سامونڊي لنگهه“ (Strait of Hormuz) جي مڪمل ناڪابندي ڪئي وئي. جنھن سان عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ رڪارڊ واڌارو ٿيو. امريڪي بحري جھازن ۽ ايراني ڪوسٽ گارڊ جي وچ ۾ سمنڊ ۾ سڌي سنئين جنگ شروع ٿي وئي. ايران جي ڪيترن ئي شھرن ۾ انٽرنيٽ ۽ بجليءَ جي فراهمي ڪٽيل رهي.
16 کان 25 مارچ تائين، ايران جِي اندروني صورتحال خراب ٿيڻ لڳي. امريڪا پاران ايران جي ائٽمي تنصيبات تي ”سائبر حملن“ جي دعويٰ پڻ ڪئي وئي. جن دعوائن جي تصديق سامهون ڪانه آئي. 26 کان 31 مارچ تائين گڏيل قومن ۾ هن ويڙهه جي جنگبنديءَ جون ڪوششون ناڪام ٿيون. جتي روس ۽ چين پاران امريڪي داداگيريءَ جي سخت مذمت ڪئي وئي. جنگ جي شدت وچ اوڀر جي ٻين ملڪن تائين پکڙجڻ جو خطرو پيدا ٿيو. تان جو اپريل جو مھينو شروع ٿي ويو.
اپريل جي پھرين هفتي ۾ (پھرينءَ کان 7 اپريل 2026ع تائين) پاڪستان پاران امريڪا توڙي ايران کي امن لاءِ ٽياڪڙيءَ جو ڪردار ادا ڪرڻ جي آڇ ڪئي وئي. جنھنڪري اسلام آباد ۾ سفارتي سرگرميون تيز ٿي ويون. عالمي برادريءَ پاران پڻ ٻنهي ڌرين کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ لاءِ سخت دٻاءُ وڌو ويو. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو 8 اپريل 2026ع تي انهن ڪوششن کي هڪ وڏي ڪاميابي ملي ۽ پاڪستان جي ڪوششن سان، امريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ٻن هفتن جي عارضي جنگبنديءَ تي راضپو ۽ ٺاھه ٿيو ۽ ٻنهي پاسن کان حملا ۽ بمباري بند ڪئي وئي. جنهنجي ٻئي ڏينهن ئي اسرائيل لبنان تي اهو چئي حملو ڪيو ته جنگبنديءَ ۾ لبنان ۽ فلسطين شامل ناهن. جنھنڪري جنگبنديءَ کي کٽائيءَ ۾ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
9 کان 15 اپريل تائين امدادي قافلن جي ايران ۾ داخلا شروع ٿي وئي. زخمين جي سار سنڀال ۽ تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جو جائزو ورتو ويو. اسلام آباد ۾ 11 اپريل تي ”امن ڳالهين“ جو پھريون دؤر شروع ٿيو، جيڪو 2 ڏينھن دؤران 21 ڪلاڪن تائين جاري رھيو. جنھن ۾ شامل 6 رڪني ايراني وفد جي سرواڻي، ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر ’محمّد باقر قاليباف‘ ڪئي. جڏھن ته وفد جي باقي ميمبرن ۾ ايراني پرڏيھي وزير ــ ’عباس عراقچي‘، پاڪستان ۾ ايران جو سفير ــ ’رضا اميري مقدم‘، ايراني سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جو ميمبر ــ ’علي اڪبر احمديان‘، ايراني ڊپٽي سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل ــ ’علي باقري ڪني‘ ۽ ايراني سينٽرل بئنڪ جو گورنر ــ ’عبدالناصر همتي‘ شامل هئا. جڏھن ته امريڪي 5 رڪني وفد ۾، امريڪي نائب صدر ــ ’جي ڊِي وينس‘ وفد جو سربراهه هو ۽ باقي وفد، صدارتي صلاحڪار ــ ’جيريڊ ڪشنر‘، خاص نمائندي ــ ’اسٽيو وٽڪوف‘، امريڪي قومي سلامتيءَ جي صلاحڪار ــ ’اينڊريو بيڪر‘ ۽ ايشيائي معاملن جي صلاحڪار ــ ’مائيڪل وينس‘ تي ٻڌل هو. ڳالهين دؤران اڍنگِي صورتحال ان وقت پيدا ٿي، جڏھن ايران ۽ امريڪا جي وچ ۾ ٺاھه بالڪل ٿيڻ وارو ئي هو ته بالڪل آخري وقت ۾ ’جي ڊِي وينس‘، ٽرمپ کي ڪال ڪري ٻڌايو ته اسانجي وچ ۾ ٿيڻ وارو معاهدو بالڪل تيار آهي ۽ اسان ان تي صحي ڪرڻ وارا آهيون. ايران اسانجون سموريون ڳالهيون مڃي ورتيون آهن، پر انهن لبنان ۾ جنگبنديءَ جو فقط هڪ ئي شرط وڌو آهي، جنھن تي اسان (امريڪا) کين اسرائيل ۽ لبنان جي نمائندن کي واشنگٽن ۾ ڳالهين لاءِ گهرائڻ جو يقين ڏياريو آهي. اهي ٻئي ڌريون اتي اينديون ته اسان انهن ٻنھي جي وچ ۾ جنگبندي ڪرائي وٺنداسين. سو ان نڪتي تي به راضپي کانپوءِ هاڻي اسان معاهدي تي دستخط ڪرڻ وارا آهيون. جڏھن ٽرمپ اهو ٻڌو ته جنگبنديءَ جي ٺاھه تي صحيون ٿيڻ واريون آهن، ته هن ’جي ڊِي وينس‘ کي روڪي ڇڏيو. چيائينس ته ”نه، مونکي تون ٿورو وقت ڏي!“ جنھن کان ڪجهه دير پوءِ ٽرمپ کيس نياپو ڪرايو ته ”اوهان ٺاھه تي صحي نه ڪريو! ۽ واپس اچي وڃو!“ ’جي ڊِي وينس‘ کي، جيڪو معاهدي جو مسودو هٿ ۾ پڪڙيون ويٺو هو، اهو سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هو ڪھڙو بھانو ڪري ڳالهين جي ميز تان اٿي. ان موقعي تي بقول حامد مير جي: ”جيڪا ڳالهه امريڪي نائب صدر، وفد سان ڪئي، اها انتھائي ’قابلِ اعتراض‘ هئي، جيڪا ’غير سفارتي‘ به هئي ۽ ’غير اخلاقي‘ به!“ ان ڳالهه بعد وينس چيو ته ”هي معاهدي جو مسودو ٺيڪ آهي، ان تي اسانجو اتفاق آهي، پر ان ۾ ڪجهه ٽيڪنيڪل مسئلا آهن. انهن تي صلاح مصلحت لاءِ اسانکي وقت ڏيو، ته جيئن اسان انهن تڪنيڪي مسئلن تي ڳالهائي وٺون. جنھن بعد اسين وري ملنداسين!“ اها ڳالهه هن باقر قاليباف ۽ وزيرِ اعظم پاڪستان کي سنئين سڌي به چئي ته ”وري ملنداسين!“ اها ڳالهه چئي هو اٿيو ۽ ان ئي وقت هوٽل وڃي، اتان وفد سميت سڌو گاڏين ۾ ويھي ايئرپورٽ هليو ويو. جتان واشنگٽن روانو ٿي ويو. ان موقعي تي ايراني وفد اتي ئي ويٺو رهيو ۽ اُٿيو ڪونه! ايراني وفدَ، شھباز شريف، فيلڊ مارشل عاصم منير ۽ اسحاق ڊار کي چيو: ”اوهان شاھدَ رهجو! ته ڳالهين مان اسان ناھيون اُٿيا! هي ٽيون ڀيرو به امريڪي ئي اُٿي ويا آهن. اسين اڃا ويٺا آهيون.“ تنھن تي پاڪستاني وفدَ ايرانين کي چيو ته: ”رکو الله تي، ڳالهيون ناڪام ته ناھن ٿيون. ڪوئي ڊيڊلاڪ ته ناهي آيو نه! ’جي ڊِي وينس‘ پاڻ اهو چئي ويو آهي ته اسين وري ملنداسين، ته ايندڙ ڀيري جڏھن اسين ملنداسين ته هڪ اهڙو مسودو پھرين ئي تيار ڪري وٺنداسين، جنھن کان امريڪا ڀڄي نه سگهي!“
16 کان 18 اپريل تائين جنگبنديءَ دؤران امريڪي کشٽ سبب وري ڇڪتاڻ شروع ٿي وئي. امريڪا پاران ايران تي ”ڳجهي حرڪت“ جو الزام لڳائي، ”هرموز جي لنگهه“ جي ناجائز ناڪابندي ڪندي امريڪا حقيقي معنيٰ ۾ داداگيريءَ جو مظاھرو ڪيو. ايران پاران امريڪي سامونڊي ناڪابندي ختم نه ڪرڻ تي احتجاج ڪيو ويو. ان وچ ۾ جمعي 17 اپريل تي ايران ’هرمُز جو سامونڊي لانگهو‘ کولي وري ٻئي ڏينهن 18 اپريل تي بند ڪري ڇڏيو.
ڪالهه تائين جي صورتحال اڃا تائين نازڪ آهي. جنگبنديءَ جو مدو ختم ٿيڻ جي ويجهو آهي. عالمي برادريءَ جي نظر اسلام آباد تي آهي ته ڇا هيءَ جنگبندي مستقل امن ۾ تبديل ٿيندي يا وري گولا هلندا ۽ ميزائيلَ وسندا. جيتوڻيڪ هن وقت عارضي طور تي جنگبندي ٿيل آهي، پر امريڪي بحري ناڪابندي ۽ ايران پاران تيل جي فراهميءَ لاءِ هرمُوز جي اهم سامونڊي لنگهه کي بار بار بند ڪرڻ سبب ڇڪتاڻ ٻيھر وڌي وئي آهي ۽ صورتحال اڃا تائين انتھائي ڳڻتي جوڳي آهي.
جنگ جي پھرين مرحلي ۾ پاڪستان جو اڻ ڌريو ڪردار فائديمند ثابت ٿيو، نه ته ماضيءَ جيان جيڪڏھن پاڪستان جي سرزمين ۽ هوائي اَڏا هن ڀيري به امريڪي مدد لاءِ استعمال ٿين ها ۽ هتان اڏامندڙ ڊرون ۽ ميزائيلَ ’پاڙيسريءَ‘ مٿان وسن ها، ته ايران جي ممڪنه جوابي ڪاررواين سبب پاڪستان ۾ به وڏو نقصان ٿئي ها ۽ پاڪستان به ان جنگ جي دائري ۾ اچي وڃي ها. اپريل کانپوءِ پاڪستان جي سفارتي ٽياڪڙيءَ واري ڪردار ته ڄڻ پاڪستان کي نئين سفارتي زندگي ڏني آهي ۽ ان جا گهڻا داغَ ڌوئي ڇڏيا آهن. امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اهڙي ڪردار ادا ڪرڻ تي پاڪستان جي وزيرِاعظم شھباز شريف ۽ فيلڊ مارشل جي نه رڳو ساراھه ڪئي آهي ۽ کين ”عظيم شخصيتون“ ڪوٺيو آهي، بلڪه جلد پاڻ پاڪستان اچڻ جو اشارو به ڏنو آهي، پر سندس پاڪستان اچڻ وارو امڪان في الحال ”حوال“ ۽ ”خبرون“ ئي ٿو لڳي! البته اڄ ’ووٽڪاف‘ ۽ ٽرمپ جي نياڻي ’جيرڊ ڪشنر‘ تي ٻَڌل امريڪي وفد ايران سان ڳالهين لاءِ وري اسلام آباد پھچي رھيو آهي، جڏھن ته ايران اهو اعلان ڪيو آهي ته جيسين امريڪا پاران ’هرموز‘ جي سامونڊي ناڪابندي جاري آھي، امريڪا سان ڳالهين لاءِ ايراني وفد پاڪستان نه ويندو. مطلب ته امريڪي شيطانگيريءَ سبب ڳالهيون وري کٽائيءَ جو شڪار ٿيندي نظر پيون اچن. اها عجيب صورتحال آهي ته ڳالهين جي پھرين دؤر ۾ امريڪا اهو پئي چيو ته: ”هرمُوز جو لنگهه کوليو، ته پوءِ اسان ڳالهيون ڪنداسين.“ ۽ هاڻي ڳالهين جي ٻئين دؤر ۾ ايران پيو چوي ته : ”هرموز جو لنگهه کوليو، ته پوءِ اسان ڳالهيون ڪنداسين.“ هي ڪالم لکڻ تائين، ڪلھه شام تائين، ايران، امريڪا کي تيل جي پابندين جي نتيجن کي منھن ڏيڻ جي ڌمڪي ڏيندي امريڪا سان ڳالهيون جاري رکڻ لاءِ راضپو ڏيکاريو ۽ اميد ته اڄ اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ڳالهين ۾ ايران به شريڪ ٿيندو.
هن وقت صورتحال اها آهي ته امريڪا کي جيڪڏھن ايران پاران ايڏي شديد ردِ عمل جي اميد هجي ها ۽ کيس اهو پتو پئجي وڃي ها ته ايران سخت ترين نقصان کڻڻ ۽ پنھنجي چيلهه ڀڃائڻ باوجود پوئتي نه هٽندو، ته هو ”وينزويلا“ وانگر حلوو سمجهي، ايران تي حملي ڪرڻ ۾ تڪڙ هرگز نه ڪري ها! هاڻي امريڪا هن جنگ مان پاڻ ڦاٿو آهي ۽ هو ان مان جند ڇڏائڻ چاهي ٿو، پر سڙڻ باوجود رسيءَ جو وڪڙُ ختم نٿو ٿئي ۽ هو اها لَکا ڏيڻ جي ڪوشش ۾ آهي ته هيءَ جنگ بند ڪري هو ايران تي ٿورو ڪري رھيو آهي، حالانڪه حقيقت ان جي بالڪل ابتڙ آهي. ڇوته هِن جنگبنديءَ لاءِ امريڪا پاڻ ڳجهن دروازن کان پاڪستان تي زور ڀريو آهي ته هو کيس هن ڌٻڻ مان ڪڍي، ڇاڪاڻ ته ايران سندس ڳچيءَ ۾ پئجي ويو آهي، جنھن کي نه هُو ٿُوڪاري ٿو سگهي، نه ڳِھِي ٿو سگهي. هاڻي جڏھن ٽرمپ ڳالهين جاري رکڻ جو اشارو ڏنو آهي ۽ ڳالهين جو ٻيون دؤر اڄ شروع ٿيڻ جو امڪان آهي ته گهڻي اميد ته اها ئي آهي ته هن ڀيري لڳ ڀڳ سمورن نڪتن تي رضامنديءَ کانپوءِ مستقل جنگبنديءَ جو پروانو جاري ٿيندو ۽ پوءِ لوڪ ڪھاڻين جي ڪلائيميڪس وانگر چونداسون ته ”هر ڪو خوشي خوشي زندگي گذارڻ لڳو!“ ۽ آئنده امريڪا، ايران کي هلڪو وٺندي گهٽ ۾ گهٽ ايئن جنگ ۾ ٽپو ڏيڻ جي تڪڙ ڪونه ڪندو ۽ ايران سان تڪڙي کؤنس نه ڪندو.