ميرپورخاص ۽ ٽنڊو الهيار مان سامهون آيل بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (BISP) سان لاڳاپيل ڪرپشن اسڪينڊل هاڻي هڪ انتهائي سنجيده صورت اختيار ڪري چڪو آهي، جنهن نه صرف سماجي تحفظ واري نظام تي وڏا سوال اٿاريا آهن، پر غريب عورتن ۽ بيواهن جي حقن تي ٿيندڙ ممڪن زيادتين کي به بي نقاب ڪيو آهي۔ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي جاري ڪریڪ ڊائون دوران فرنچائز مالڪ سهيل ملڪ جي گرفتاري کان پوءِ ڊيوائس هولڊر قربان علي خاصخيلي جي گرفتاري هڪ اهم موڙ ثابت ٿي، جنهن جاچ دوران اهڙا انڪشاف ڪيا آهن جيڪي هن اسڪينڊل جي گهراين کي ظاهر ڪن ٿا
ڊوائيس هولڊر موجب هو هڪ منظم نيٽ ورڪ جو حصو هو، جتي هر بينيفشري کان 1500 کان 2000 رپيا ناجائز طور ڪٽيا ويندا هئا۔ هن دعويٰ ڪئي ته اها رقم مختلف سطحن تي ورهائي ويندي هئي ۽ مبينا طور ڪيترن ئي ادارن ۽ ماڻهن تائين پهچندي هئي، جن ۾ بي آءِ ايس پي جا ڪجهه عملدار، پوليس جا مختلف اهلڪار، ۽ ٻيا بااثر فرد شامل آهن۔ هن سڄي عمل کي هڪ اهڙو منظم سسٽم قرار ڏنو، جنهن ۾ هر سطح تي ورهاست ۽ مفادن جي تحفظ جو بندوبست ٿيل هو،قربان خاصخيلي پنهنجي بيان ۾ ڪجهه اهم نالن جو به ذڪر ڪيو آهي، جيڪي هن اسڪينڊل کي وڌيڪ حساس بڻائين ٿا۔ سندس چوڻ موجب سلطان آباد (ٽنڊوالهيار) ٿاڻي جو ايس ايڇ او عبدالله جوڻيجو هر قسط مان لڳ ڀڳ 80 هزار رپيا منشي عبدالحڪيم ذريعي وصول ڪندو هو۔ ساڳئي وقت ڊي ايس پي عثمان لغاري ۽ انچارج سي آءِ اي ٽنڊو الهيار جي نالي تي آصف مري هر ڊيوائس هولڊر کان لڳ ڀڳ 60 هزار رپيا وٺندو هو۔ ان کان علاوه، سول وفاقي جاچ اداري جي نالي تي انور لنڊ به هر ڊيوائس هولڊر کان 60 هزار رپيا وٺڻ ۾ ملوث هجڻ جو الزام آهي،بي آءِ ايس پي سان لاڳاپيل به انتهائي اهم الزام سامهون آيا آهن، جتي ڊپٽي ڊائريڪٽر معروف ٻانڀڻ تي به ڊوائيس هولڊر اهو الزام هنيو ته هو پنهنجي ڊرائيور خالد جي معرفت هر ڊيوائس هولڊر کان 2 کان 4 لک رپيا وصول ڪندو هو.
جيڪڏهن اهي الزام درست ثابت ٿين ٿا، ته اهو ظاهر ڪري ٿو ته هي نيٽ ورڪ رڳو هيٺين سطح تائين محدود نه، پر مٿين سطح تائين به پهتل ٿي سگهي ٿو،
فرنچائز سطح تي به ڪيترن ماڻهن جا نالا سامهون آيا آهن، جن ۾ دانش، دانيال، ذيشان، سهيل ملڪ ۽ نوازش ميمڻ شامل آهن، جيڪي مبينا طور هر بينيفشري کان 400 کان 500 رپيا اضافي طور وصول ڪندا هئا۔ ڊوائيس هولڊر قربان خاصخيلي موجب هن وٽ ٻه ڊيوائسون هيون هڪ سلطان آباد (ٽنڊو الهيار) ۽ ٻي ميرپورخاص ٽول پلازه تي جتي وڏي پيماني تي هي مبينا عمل جاري هو،ٽيڪنيڪل ڌانڌلي بابت به ڳرا انڪشاف سامهون آيا آهن۔ ملزم موجب ڊيوائسز جي لوڪيشن تبديل ڪرڻ لاءِ پنجاب سان تعلق رکندڙ نديم کي رقم موڪلي ويندي هئي جيڪا پنج کان ڏهه هزار هئي، ۽ هو نديم سافٽ ويئر ذريعي سسٽم ۾ مداخلت ڪندو هو۔ ان سان گڏ، جعلي سليڪون انگوٺن جو استعمال ڪري بايوميٽرڪ نظام کي به دوکو ڏنو ويندو هو، جيڪي ٽنڊو ڄام جي رهواسي مراد وٽان امين بروهي جي ذريعي تيار ڪرايا ويندا هئا، ميرپورخاص ٽول پلازه تي هلندڙ ڊيوائس جا مالي معاملا اذلان ڪمبوھ سنڀاليندو هو.
جوابدار اهو به دعويٰ ڪيو ته ٽنڊو الهيار جا ڪجهه صحافي به هر ڊيوائس هولڊر کان پئسا وٺندا هئا، ڪافين جا نالا به هن چٽي نموني کنيا آهن، هن الزام ميڊيا جي ساک تي به سوال اٿاريا آهن ۽ هن معاملي کي وڌيڪ حساس بڻائي ڇڏيو آهي,انهن سڀني انڪشافن کان پوءِ هاڻي سڀ کان اهم سوال اهو اڀري آيو آهي ته ڇا انهن سڀني ماڻهن خلاف، جن جا نالا سامهون آيا آهن، واقعي شفاف جاچ ٿيندي؟ ڇا پوليس اهلڪارن جهڙوڪ عبدالله جونيجو ۽ عثمان لغاري خلاف به قانوني ڪارروائي ٿيندي؟ ڇا بي آءِ ايس پي سان لاڳاپيل ماڻهن کان به جواب طلب ڪيو ويندو؟ ۽ ڇا انهن صحافين خلاف به جاچ ڪئي ويندي، جن بابت الزام لڳايا ويا آهن؟
عوامي حلقن ۾ سخت ڳڻتي ۽ بيچيني ڏٺي پئي وڃي، ماڻهن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن هن اسڪينڊل جي جاچ غيرجانبدار نموني نه ڪئي وئي، ته اهو عوام جو اعتماد وڌيڪ ڪمزور ڪندو ۽ اهڙن واقعن کي روڪڻ ڏکيو ٿي پوندو۔ مطالبو ڪيو پيو وڃي ته هن ڪيس کي منطقي انجام تائين پهچايو وڃي ۽ جن جن ماڻهن جا نالا سامهون آيا آهن، انهن سڀني خلاف بنا ڪنهن فرق جي ڪارروائي ڪئي وڃي۔ هاڻي نظرون لاڳاپيل ادارن تي آهن ته ڇا اهي هن اسڪينڊل کي مثال بڻائيندا ۽ انصاف فراهم ڪندا يا وري هي معاملو به وقت سان گڏ ٻين ڪيترن ڪيسن وانگر پس منظر ۾ هلي ويندو ياد رهي ته ڊوائيس هولڊر عورتن جي پئسن مان ڪٽوتي ڪري ڪروڙ پتي بڻجي چڪا آهن، جن وٽ پهرين ڪجهه به نه هو هاڻي انهن وٽ ڪروڙين روپين جو پراپرٽيون آهن، ۽ اهي به اطلاع آهن ته جاچ کان بچڻ لاء ڪيترا ئي ڊوائيس هولڊر جن وٽ جيڪي به ڊوائيسون هيون اهي انهن جمع ڪرائي ڇڏيون آهن، پر هتي اهو به اهم سوال آهي ته ڇا ڪرپشن ڪري ملڪ جي پاڙ کوکلي ڪري غيرقانوني ملڪيتون ٺاهيندڙن کي آزادي ملندي يا انهن جون ملڪيتون ضبط ڪري قومي خزاني ۾ واڌارو ڪيو ويندو؟